خوبصورت تخليقڪار ــ رضوان گل معشوق ڌاريجو لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو آهي واقعي ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ڇو ته لاڙڪاڻو ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺڙن ۽ محبوب ماڻهن جو شهر آهي. منهنجو پيارو دوست رضوان گل به انهن ئي ماکيءَ لار جھڙن جھڙن محبتي ۽ موچارن ماڻهن منجھان هڪ آهي جنهن جو نه رڳو نالو ۽ تخلص سهڻو آهي پر هو پنهنجي صورت ۽ سيرت ۾ به ڏاڍو سهڻو آهي ته ڪم ۽ ڪردار ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڀالي سنڀالي ڇنڊي ڦوڪي ڏاڍي ڌيرج، گھڻي پيار ۽ شان مان سان زندگي گذاريندڙ منهنجو هي دلبر دوست پنهنجي ڪم ۽ ڪردار ۾ ڏاڍو محبتي ۽ سچو آهي. سچائي ۽ ڪمٽمينٽ سندس نصب العين آهي. پنهنجي ٻولي، علم، ادب ۽ سماج جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙ يندڙ شخص آهي. رضوان گل هڪ ئي وقت استاد، شاعر، ڪمپيئر، مصور، مترجم، فوٽوگرافر، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي. پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جيتري وسعت رکندڙ رضوان گل لاءِ ايترن سارن ڪمن ۽ شعبن سان نڀاهه سندس کاٻي هٿ جو کيل آهي. هو منهنجي انهن دوستن منجھان هڪ آهي جن سان ملڻ لاءِ منهنجو منُ هر وقت ماندو رهندو آهي. رضوان گل سان منهنجي جڏهن به ملاقات ٿي آهي تڏهن مون کيس بهار جي تازن ۽ سرهن گلڙن وانگر مهڪندي ۽ مرڪندي ڏٺو آهي، بنهه سچو، بنهه سٻاجھڙو رضوان گل شڪل شبيهه جو سهڻو، قدآور، شلوار قميص ۾ هجي يا پينٽ شرٽ ۾ صفا هيرو لڳندو آهي، فل سوٽ ۾ ته اصل پرين جي ديس جو شهزادو محسوس ٿيندو آهي. علم ۽ تعليم جو جهان هجي يا شاعري ۽ ادب جو ميدان، ريڊيو ۽ اسٽيج جي دنيا هجي يا ترجمي جو ڪم، ڪالم هجن يا ڪهاڻيون، مصوري هجي يا فوٽوگرافي، انٽر نيٽ هجي يا فيس بڪ سنڌ جي هن باصالحيت نوجوان دوست هر هنڌ پاڻ ملهايو آهي. مون رضوان گل جي دوستن کي هميشه مٿس نڇاور ٿيندي ڏٺو آهي. آئون سندس ڀائرن ڊاڪٽر احسان دانش ۽ آغا عمران کي به پنهنجو ئي دوست سمجھان ٿو. مون هن يار جي نيڻ نهار ۾ اقابن واريون اڏارون ڏٺيون آهن ۽ سوچ ۾ گھوڙي جي ٽاپولي محسوس ڪئي آهي. رضوان گل ماٺ کي مهڻو ۽ ميار ۽ جهد ۽ جاکوڙ کي قرار سمجھي ٿو. هن وٽ جيئڻ جو پنهنجو رنگ ڍنگ ۽ آهنگ آهي. رِضوان چواڻي ”دوست ئي منهنجي جيون جو اهم ترين سرمايو آهن جن جي موجودگي مون لاءِ زندگي جيتري اهم آهي“ رضوان گل جي زندگي جھڙن دوستن ۾ ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، رياضت ٻرڙو، ياسر قاضي، محمد هاشم حامي، ساجد سنڌي، سجاد سهتو، آفتاب سولنگي، آغا عمران ۽ معشوق ڌاريجو شامل آهن. جيڪي گل سان ۽ رضوان گل انهن سان بي انتها پيار ڪري ٿو. رضوان گل جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن سندس ادبي نالو رضوان گل ولد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جنم 13 فيبروري 1977 تعليم ايم ايس سي جاگرافي، ڪرت جي حوالي سان ليڪچرر آهي. هن لکڻ جي شروعات سن 1993 ۾ ڪئي سندس ڇپيل ڪتابن ۾ 1. ڇپيل ڪتاب: ”پنج ڏينهن“ (سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو) 2.”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)، 3.”پيار جي پهرين بارش“ (شاعريءَ جو مجموعو) 4.”سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي پهرين لغت“(A Dictionary of Geography) 5.”سپنن جو انت“ (ڪهاڻين جو مجموعو) 6.”لاڙڪاڻو تاريخ جي روشنيءَ ۾“ (تاريخ)شامل آهن. رضوان جي ڪيترين ئي علمي ۽ ادبي تنظيمن سان لاڳاپو پڻ رهيو آهي جن ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز، ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو، ايڊيٽر ”جيو مئگ“، چيئرمين: آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو سال 2013 کان 2014، چيئرمين: شعبو ادب، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن شامل آهن. کيس تنوير عباسي ايوارڊ ۽ ڪيتريون ئي تعريفي سندون پڻ مليل آهن. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي هفتيوار لائيو پروگرام ڪندو رهيو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم موضوعن تي يادگار پروگرام ۽ مختلف شخصيتن جا انٽرويو پڻ شامل آهن. مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته رضوان هڪ مصور به آهي ته ڪمپيوٽر گرافڪس تي پڻ سهڻو ڪم ڪندو رهيو آهي. کيس رنگن جي دنيا کان به آشنائي آهي اهو ئي سبب آهي جو هن ڪيترن ئي ڪتابن جا خوبصورت ٽائيٽل پڻ ٺاهيا آهن جن ۾ سندس ئي پنجن ڪتابن کان علاوه ”مون ڏات انوکي آندي آ“، ”دليون درسگاهون“، ”طوفان آيو ۽ گذري ويو“، ”عشق جي آزي“، ”واءُ وکيريا خيال“، ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“، ”اڻ پورا ارمان“ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. رضوان وٽ پنهنجا اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ ڪمپوز ٿيل ۽ ترتيب ڏنل موجود آهن جن ۾ ”احساسن جا رنگ“ (مضمون) ”لاڙڪاڻي جي دستاويزي تاريخ“ (تاريخ)، ”يادگيريون حسين لمحن جون“ (ڊائري)، ”واڪا ڪرڻ مون وس“ (ڪالمن جو مجموعو)، ”ڳالهيون ڳجهه اندر جون“ (مختلف ادبي شخصيتن جا انٽرويوز) ۽ ”ڌرتيءَ ڄاڻ“ (جاگرافي بابت سنڌي ۾ لکيل تحقيقي مقالا) شامل آهن. رضوان گل بنيادي طور رومانس جو شاعر آهي پر سندس شاعريءَ ۾ سماجي حالتن جي عڪاسي، قومي شعور ۽ مزاحمت به ڀرپور نظر اچي ٿي. سندس ڪهاڻيون موجوده جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ موضوع، هئيت ۽ اسلوب جي لحاظ کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. ”سپنن جو انت“، ”ڇولين جو ماتم“ ”دک جا ٿوهر“، ”نڪمو“، ”منهنجو ارسلان“، ”لڙڪ ۽ مرڪ“، ”هوءَ ۽ مان“، ”الهي ويل وهيءَ جو سج“ ۽ ”لڙڪن جو سيلاب“ هن جون نه وسارڻ جھڙيون ڪهاڻيون آهن. گل جو ڪيل ترجمو سولو، تز ۽ عام فهم آهي. جاگرافيءَ جي لغت لکي هن سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ هڪ اهم ۽ معتبر ڪم ڪيو آهي جنهن مان جاگرافي ۽ مقابلي جي امتحان ۾ ويهندڙ ڪيترائي شاگرد لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ جي مختلف شخصيتن جي حوالي سان تفصيلي پروفائيل تحرير ڪري رضوان نه صرف انهن شخصيتن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي پر هڪ دور جي ڄڻ سڄي تاريخ پڻ مرتب ڪئي آهي. لاڙڪاڻي جي تاريخ تي جامع ڪم ڪري رضوان گل هڪ محقق طور اسان جي آڏو آيو آهي. اڄ 13 فيبروري پياري گلن جھڙي دوست رضوان گل جو جنم ڏينهن آهي جنهن تي کيس دلي واڌايون پيش ڪريان ٿو، شال سندس ذات ۽ ڏات جا سمورا سهڻا رنگ سلامت هجن.