ذيشان رشيد ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ها جيڪر اوهان اهو ٽائم ٽئبل مڪمل ان طرح ڏيو ها جيئن هُيو. خير . . . . .
سليمان وساڻ سان متفق ٿي چئبو ته ڪرڪيٽ ڪنهن به ضروري ڪم نه هوندي بس سُٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ڏِسبي. اسان جو فيوريٽ اُهو جيڪو سُٺو کيڏي. باقي سليمان جيان ديشين جي اسان سڀني تي به تنقيد آهي جيڪي پاڪستاني رُپئي جي نوٽ کي قائد جي فوٽو سميت قبولين پر مئچ ڏسڻ قومي جُرم سمجهن. خير ان بابت وڌيڪ نه لکندي پنهنجي پسنديد بئٽسمين جو ذڪر ڪبو جن مان ڪُجهه
بي بي سي جي هڪ تجزئي ۾ به شامل آهن جنهن ۾ اهڙن پنج بئٽسمينن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي هن ورلڊ ڪپ ۾ پاسو پلٽائي سگهن ٿا.
انهيءَ فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي ويرات ڪوهلي. . . . . . . ها ويرات ڪولهي جيڪو تازو رليز ٿيل مشهور هندي فلم پي ڪي جي هيروئن جگو (انوشڪا شرما) جو دوست آهي. توڙي جو فيلڊ تي انتهائي مغرور ۽ بيڪار اسپورٽسمين اسپرٽ جو مظاهرو ڪندڙ رانديگر آهي پر تجزي نگار چون ٿا ته سچن ٽنڊولڪر جا ڪجهه رڪارڊ جيڪڏهن ڪو پنهنجي نالي ڪري سگهي ٿو ته اهو آهي ورات ڪولهي. هن مهل تال تائين 21 سينچريز مان 19 اهڙين مئچن ۾ اٿس جيڪي انڊيا کٽيون. 13 ٻي اننگز ۾ آهن. مطلب ته هن انتهائي ڪمائتيون سينچريز ٺاهيون. هن بئٽسمين جي ٻي خوبي اها به آهي ته هو ٽنهي قسمن جي ڪرڪيٽ ۾ ان ئي مناسبت سان پرفارم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان کان پوءِ هن لسٽ ۾ آسٽريلين ڪرڪيٽر اسٽيون سمٿ جو نالو اچي ٿو. بنيادي طور تي هي به شاهد آفريدي يا شعيب ملڪ جيان ليگ اسپنر طور ٽيم ۾ شامل ٿيو پر اڳتي هلي پنهنجي سُڃاڻپ بئٽسمين طور به ڪرائڻ لڳو. هن وقت جڏهن ڪلارڪ زخمي آهي ته هن بئٽسمين تي هونئن به ذميداري وڌي ٿي پئي ۽ هي پنهنجي سابقه رڪارڊ موجب اها بخوبي نڀائي سگهي ٿو پيو.
ان کان پوءِ نالو اچي ٿو اي بي ڊويليئر جو. هن جوان گذريل وڏي عرصي کان 50 جي اوسط سان رنز ڪرڻ جو رڪارڊ رکيو آهي. ڪپتاني ملي ته به بئٽنگ تي ڪو فرق نه پيو. رهندو 31 بالن تي سينچري ڪري پاڻ کي سڀني جي توجه جو مرڪز بڻايو. هڪ سُٺي وڪيٽ ڪيپر هوندي بهترين بئٽنگ ڪندڙ هي رانديگر ڪنهن به ٽيم جي بالنگ کي ڍير ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان کان پوءِ نيوزلينڊ جي 24 ساله وليم سن جو نالو اچي ٿو. هن نوجوان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي گذريل سال ئي ظاهر ڪئي. 7 ففٽيز ۽ هڪ سينچري سان سال ۾ 1993 رنز ڪري پاڻ مڃرايو آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هي 12 مهينا رزن ٺاهيندڙ مشين آهي. مٿس وڌيڪ اعبار ڪندي کيس ڪپتاني به ڏني وئي ته هن نه صرف انهن مئچن ۾ پاڪستان خلاف بهترين پرفارم ڪيو پر 2-1 جي فرق سان سيريز به کٽرائي.
هن فهرست ۾ هردل عزيز ڪرڪيٽر سنگاڪارا جو به ذڪر آهي. هڪ سيبتو ڪرڪيٽر جنهن اسپرٽ آف ڪرڪيٽ تي آئي سي سي ۾ ليڪچر ڏيئي ننڍي عُمر ۾ اهو ڪم انجام ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. هي آن ۽ آف دي فيلڊ صبر ڪرڻ وارن مان مشهور آهي. 2011 ۽ 2013 ۾ بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ هن عظيم ڪرڪيٽر هونئن ته پنهنجي دوست جي ورڌني جيان رٽائرمينٽ جو پئي سوچيو پر تازو ڊبل سينچري ڪري سندس ارادا وڌيڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جا آهن. هي به مئچ وننگ اننگز کيڏڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪرڪيٽر آهي. مون کي زاتي طور مائڪل بيون کان پوءِ جيڪڏهن ڪو اعتماد ڄوڳو بئٽسمين سُجهي ٿو ته اُهو اهو ئي آهي.
هن مُختصر ذڪر ۾
گورڌن ولاسائي کان خاص طور معذرت. ويرات ڪولهي جي جيڪا ڳالهه کيس نه ٿي وڻي سا بي بي سي به ڪئي باقي بئٽنگ جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. پر جي گهڻي ڪاوڙ اچي ته پليم سن کي ڏسي ٿڌي ڪري وٺي.