آسٽريليا جي تاريخي ميدان ۾ ورلڊ ڪپ 2015 جو پهريون مقابلو روايتي دشمنن انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٿيو .. جنهن ۾ آسٽريليا پهريون بيٽنگ ڪندي هوئن ته 342 رنسن جو جبلن جيڏو اسڪور گڏ ڪيو پر انگلينڊ جي بالر اسٽيون فن آخري اوور جي آخري ٽن بالن تي هيٽرڪ ڪري انگلينڊ جي رانديگرن ۽ شوقينن جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙي ڇڏيون...
فِن جي آخري ٽن بالن تي بريڊ هيڊن، گلين ميڪس ويل ۽ مچل جانسن آئوٽ ٿيا ۽ ائين هو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو اٺو بالر بڻيو جنهن هيٽ ٽرڪ جو اعزاز حاصل ڪيو هجي.. هيڊن ٿرڊ مين تي، ميڪس ويل لانگ آف تي جڏهن ته مچل جانسن مڊ آف تي ڪيچز پڪڙائي فن کي اهڙي اعزاز جو حامل بڻايو..
هوئن ته فن هيٽرڪ سان 5 وڪيٽون ورتيون پر 71 رنسون پڻ ڏنيون.. جيڪي ون ڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ڏئي پنج وڪيٽن وٺڻ جو عالمي ريڪارڊ پڻ آهي.. توهان جي دلچسپي لاءِ حاضر آهي ٽنهي وڪيٽن تي مشتمل وڊيو...
ورلڊ ڪپ ۾ هيٽ ٽرڪ ڪندڙن ۾ پهريون اعزاز حاصل ڪندڙ انڊيا جو چيتن شرما هو.. جڏهن ته آخري دفعو 2011 ۾ سري لنڪا جو لاسٿ ملنگا هو... مڪمل لسٽ ڪجهه هن طرح آهي..

- انڊيا جو چيتن شرم 1987 ۾ ناگ پور ۾ نيوزيلينڊ جي خلاف
- پاڪستان جو ثقلين مشتاق 1999 ۾ اوول ۾ زمبابوي جي خلاف
- سريلنڪا جو چمندا واس 2003 ۾ پيٽرميرٽزبزگ ۾ بنگلاديش جي خلاف
- آسٽريليا جو بريٽ لي 2003 ۾ ئي ڊربن ۾ ڪينيا جي خلاف
- سريلنڪا جو لاسٿ ملينگا 2007 ۾ گيانا ۾ ڏکڻ آفريڪا جي خلاف
- ويسٽ انڊيز جو ڪيمار روچ 2011 ۾ دهلي ۾ هالينڊ جي خلاف
- سريلنڪا جو لاسٿ ملينگا 2011 ۾ ڪولمبو ۾ ڪينيا جي خلاف
- انگلينڊ جو اسٽيون فن 2015 ۾ ميلبورن ۾ آسٽريليا جي خلاف