• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ ڪپ جو پهريون ڏينهن.. تماشائي لکين ڊالر جي ڪيچ پڪڙي ورتي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو سنسني خيز آغاز ٿي چڪو آهي.. پر پهرين ئي ميچ ۾ هڪ تماشائي لکن ڊالرن جو ڪيچ ۾ ڪامياب ٿي ويو..
نيوزيلينڊ ۾ ورلڊ ڪپ جي آغاز کان اڳ اعلان ڪيو ويو هو ته نيوزيلينڊ جي سمورين ميچن جي دورن بانڊري کان ٻاهران جيڪڏهن ڪو تماشائي هڪ هٿ سان ڪيچ پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ته ان کي لکين ڊالرز جو انعام ڏنو ويندو..
ان حوالي سان شوقينن لاءِ ضروري هو ته اهو اعلان ڪندڙ ڪمپني جي شرٽ پائي گرائونڊ ۾ اچي.. هن مقابلي جي خاص ڳالهه اها هئي ته اعلانيل رقم جو آغاز اڍائي لک ڊالرز کان هوندو جيڪا ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ ٽي لک، سيمي فائنل ۾ پنج لک ۽ فائينل تائين پهچندي 10 لکن تائين وڌي ويندي..
۽ اڄ ورلڊ ڪپ جي پهرين ڏينهن ئي اعلان ڪندڙ ڪمپني کي حيران ڪندڙ جهٽڪو تڏهن لڳو جڏهن ڪمپني جي پاتل ٽي شرٽ ۾ موجود سجي گنڊا نيوزيلينڊ جي بيٽسمين ڪين وليمسن جي ڇڪي کي هڪ هٿ سان ڪيچ ڪندي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو.. سنجي هن ميچ ۾ شريڪ ان هڪ هزار ماڻهن مان هو.. جيڪي ڪمپني جون شرٽس پائي آيا هئا.. ۽ اهڙي ڪيچ ڪري انعام کٽڻ جي خواهش رکندڙ هئا...

bkwJuhC.jpg


ڇا توهان سنجي جي خوش ٿيڻ اهو شاندار منظر هن وڊيو جي صورت ۾ اصل نه ڏسڻ گهرندا..

 
Back
Top