سَاجَنَ ڪَارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي
اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پَاڻي اُڃِيَو اُنِ کَي
سُرُ سَسُئِي آبِرِي
سَاجَنَ = پرين، محبوب
ڪَارَڻِ = لاءِ، سبب، خاطر
سُڃَ = ويراني، تڪليفون، اذيتون، اوجاڳا، پَنڌَ، ڪشالا
مَرُ= ڀل، خوشيءَ سان، دل سان
قَبُولِي = قبول ڪئي
بيت جو پس منظر
~ پرينءَ کي پسڻ لاءِ سسئيءَ خوشيءَ سان ڪشالا ڪيا.
~ جن جو اندر اڃيو آهي، پاڻي بہ ان جي ڳولا ۾ آهي.
سمجهاڻي
محبوب ۽ منزلن جا ڳولائو تڪليفون، پيڙائون، ڀوڳنائون، اذيتون، عذاب، انتظار، اوجاڳا ۽ اوسيئڙا خوشيءَ سان ڪن ٿا، ڪنهن جي چوڻ تي نہ .هنن اذيتن کي ڀوڳيندي ۽ لوڙيندي ڪا تڪليف ۽ درد تہ نہ البت هڪ اڻ ڏٺو سرور، سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. تڏهن ئي تہ محبوب ۽ منزلن تان سر ساھ صدقي ڪندي عاشق سرهائي محسوس ڪندا آهن.
سسئيءَ هي جيڪي جبل جهاڳيا، ڪشالا ڪيا، بکن ۽ اڃن ۾ پاھ ٿي. ان ۾ کيس سرور، سڪون ۽ مزو محسوس ٿيو هوندو. جن کي محبوب ۽ منزلن جي تلاش آهي، ڳولا آهي، محبوب ۽ منزلون بہ سندن لاءِآتيون آهن.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل