هڪ نابين مولوي کائڻ پيئڻ جوگهڻو شوقين هو، پنهنجي هڪ شاگرد کي ساڻ رکندو هو. ڪڏهن به ڪا دعوت ٿيندي هئي ته کيس ساڻ وٺي ويندو هو... جيئن ئي طعام شروع ٿيندو هو ته شاگرد کيس ٺونٺ هڻندو هو ۽ مولوي صاحب حلوه خوري ۾ مصروف ٿي ويندو هو.. هڪ ڀيرو ايئن ٿيو جو دسترخوان لڳي ويو پر ميزبان اڃان دسترخوان تي نه ويٺو هو ان لاءِ کاڌو شروع نه ٿيو هو. اتفاق سان شاگرد جي ٺونٺ مُلان جي پاسي کي لڳي وئي.. پوءِ ڇا ! بس مولوي صاحب ان کي گرين سگنل سمجهي شروع ٿي ويو پنهنجي ڪم ۾.. شاگرد گهٻرائجي ٻيو ڀيرو ٺونٺ هنئي.. مولوي صاحب وڌيڪ تڪڙا گرهه هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ٽيون ڀيرو ٺونٺ لڳڻ تي مولوي اڃان پنهنجي اسپيڊ وڌائي ڇڏي... چوٿون ڀيرو پاسو لڳڻ تي مُلو اهو چئي کاڌي تي اونڌو ٿي ڪري پيو... ”ڇورا ! ڇا کاڌي تي لُٽ مار شروع ٿي وئي آ ڇا..؟؟؟؟“