• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسم فروش عورتون

شيخ صاحب خان

سينيئر رڪن
*** جسم فروش عورتون

اسان کي ڪنهن نه ڪنهن موڙ ، چورنگي ، روڊ ، رستي ، پارڪ ۽ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ جسم فروش ڪندڙ عورتون نطر اينديون آهن ، جن کي ٻين جي سامهون ته اسان وڏي هڪارت سان نه صرف ڏسندا آهيون پر ٺٺولين سان گڏ انهن کي غليظ جملن جا هار پارائڻ ۾ پنهنجو ڳاٽ اونچو سمجھندا آهيون . پر ان جي برعڪس اسان مان گھڻي ڀاڱي انهن سان پنهنجون راتون گذارڻ جا خواهشمند هوندا آهن ، جيڪي سرعام محفلن ۾ ، دوستن ۾ ، انهن کي خوار ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڀرپور حصو وٺندا آهن.
اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ، ته عورت جي جسم فروشي ۾ ڇا صرف ان عورت جو قصور آهي ؟ جيڪا نه چاهيندي به ، يا ڪنهن مجبوريءَ جي عالم ۾ پنهنجو جسم ٻئي جي حوالي ڪري ٿي پوءِ جئين وڻي ان سان کيڏيو وڃي.
اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ، ته ڪٿي ان جي جسم فروشي ۾ اسان ته نه ڪو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ؟
اسان کي ڪهڙو حق آهي ، جو ڪنهن جي عيبن کي اگھاڙو ڪري هن کي شرمسار ڪريون ، اسان پاڻ جيڪڏهن خدائي صفتون اختيار ڪريون ، ۽ پنهنجي رسول جي چوڻ تي هلون ، ته پوءِ تہ جيڪر ان قسم جو عورتون هجن ئي ڪونه...

شيخ صاحب خان
 
Back
Top