ويلنٽائن ڊي مغربي تهذيب جو اهم ڏينهن جنهن کي هن پرڳڻي ۾ به پوري طرح ملاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آ ۽ ڪجهه اسان جي معاشري جو هلندڙ وقت به هن مادر پدر آزادي واري سوچ طرف پاسا ورائڻ جي ڪوششن ۾ ٻانهن ٻيلي آ. ان تناظر ۾ ٿيندڙ مخالفتن کي ڪڏهن مذهبي ته ڪڏهن جهالت جو ليبل ڏئي نظراندازي جي نظرڪري هن ڏينهن تي پنهنجي آزاد خيالي ۽ دل پشوري جو پورو سامان تيار ڪيو ويندو آهي. محبت جي نالي تي ملهاجندڙ هن ڏينهن جي دل پشوري جي حدن ۽ نيتن جوڪو ملهه مقدار متين نه آهي. 100 سيڪڙو جنسي محبت جي مهلن کي ملهانجندڙ هن ڏينهن جي مختلف نيتن وانگر هن ڏينهن لاءِ مختلف ڳالهيون پکڙيل آهن. هن ڏينهن تي موت جي گهاٽ تي چڙهيل ويلنٽائن کي ڪوعاشق ته ڪو عاشقن جو ٻانهن ٻيلي تصور ڪري ٿوپرهي ڏينهن ملهائيندڙ يا هن ڏينهن جو انتظار ڪندڙ کي نه ويلنٽائن جي مرڻ جي وجه جي حقيقت سان سروڪارآ نه وري ويلنٽائن ڊي جي ملهائڻ جي وجه سان دلچسپي، نه مذهبي حڪمن جي پرواه نه پنهنجي ڪلچرجو لحاظ، هنن کي بس پنهنجي دماغ تي موجود جنسي لڇ جي پورائي جي حاصلات يا ان جي لاءِ عهدو پيمان حاصل ڪرڻ جي ڌن سوار هوندي آهي. اسان جي معاشري ۾ موجودو وقت ۾ انساني وجود تي ٻن سوچن جو غلبو آ هڪ مذهبي ۽ ٻيو لساني جنهن کي ڪلچرل به چئي سگهجي ٿو. پر هن سڌي زبان ۾ جنسي بي راه روي جي ڏينهن ملهائڻ ۽ هن ڏينهن ٿيندڙ حرڪتن جي اجازت نه اسان جو مذهب ٿو ڏئي نه ئي اسان جي ڪلچر ۾ ان جي گنجائش آ. اسان جي سنڌي ڪلچر جو ته رهنما اصول آ پرائي عزت پنهنجي عزت. گهڻي ڀاڳي هن ڏينهن جي ملهائڻ ۾ اسان جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو متحرڪ نظر ايندو آ، ان پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي هن سوچ کي هٿي ڏيڻ بجاءِ هن جي حوصلي شڪني ڪرڻ کپي، يقيني طور تي هي بي راه روي جو ڏينهن اسان جي معاشري کي وڌيڪ پستي طرف کڻي وڃڻ ۾ مددڪارآ. ان پستي کي برداشت ڪرڻ جومتحمل هي معاشرو نه ٿو ٿي سگهي. هميشه ٻين قومن جون اهڙيون ڳالهيون اختيار ڪيون وينديون آهن جيڪي توهان جي معاشرتي اقدارکي وڌيڪ قداور حيثيت ڏئي، نه ڪي اهڙيون جيڪي پست اونهانين ۾ فاسائڻ ۾ مددڪار ثابت ٿئين.
سائين بهترين موضوع آهي، اسان پڻ اوهان جي ڳالهين سان 100 سيڪڙو سهمت آهيون. سچ پچ ته اسان جيڪڏهن مذهب جي پابندي بيشڪ هڪ پاسي به کڻي رکون پر اسان جو ڪلچر پڻ ان ڳالهه جي حق ۾ ڪونهي ان ڪري ان شيءَ جي اسان جي معاشري ۾ ذرو به جڳهه ڪونهي..