• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيسبڪ ليگسي ٽول متعارف ڪرائي ڇڏيو

امير عدنان

سينيئر رڪن
facebook-gravestone.jpg
فيسبڪ هن وقت سوشل نيٽ ورڪنگ جو سڀ کان وڌيڪ مشهور۽ استعمال ٿيندڙ نيٽ ورڪ آهي. فيسبڪ تي اسان جي اهڙن ڪيترن پيارن دوستن جا پروفائيل موجود آهن جيڪي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. اهي پروفائيل انهن دوستن سان گذاريل گهڙين جو يادگار هوئڻ سان گڏ ساڳي وقت انهن لاءِ انتهائي تڪليف جو باعث پڻ آهي جيڪي انهن سان جذباتي وابستگي رکندڙ آهن. فيسبڪ کي تبديلين لاءِ ملندڙ مشورن مان اهڙن اڪائونٽس جي خاتمي جي لاءِ ڪو ميڪنزم متعارف ڪرائڻ جا به لاتعداد مشوره موصول ٿيا، انهن مشورن تي عمل ڪندي فيسبڪ پنهنجي سيٽنگ ۾ هڪ ليگسي ٽول متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيوآ جيڪومرڻ کان پوءِ پروفائيل جي خاتمي يا ڪنهن ويجهي عزيز کي مرڻ بعد اڪائونٽ کي هلائڻ جا اختيار ڏيڻ جي متعلق آهي. في الحال هي ٽول آمريڪا ۾ آزمائشي بنياد تي سيٽنگس ۾ شامل ڪيو ويو آ. جيڪو بعد ۾ مستقل طور تي پوري دنيا ۾ فيسبڪ جي سيٽنگس جو حصو هوندو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top