محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن جو خاڪو ترتيب ۽ تحقيق تاج جويو تعارف : نالو : محمد عثمان ميمڻ ولد جو نالو : حبيب الله ميمڻ جنم جو هنڌ: ڏيپلو، ضلوعو ٿرپارڪر جنم جو سال : 13جون،1908ع وفات : 7 فيبروري، 1981ع تعليم : ڇهه درجا سنڌي ڏيپلي ۾ پڙهيائين. ڪلاس ۾ اڪثر پهريون يا ٻيو نمبر کڻندو هو. اردو،فاسي،عربي، گجراتي، هندي ۽ گرمگي ذاتي شوق سان سکيائين. اديب فاضل، (1957ع ۾) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. مئٽرڪ (19688ع ۾ )، 60 ورهين جي ڄمار ۾، سيڪنڊري بورڊ، حيدرآباد مان ڪيائين. علم جفر، نجوم، رمل ۽ سامدرڪ ( هٿ ڏسڻ جي علم ) جي به ڄاڻ رکندو هو. خانگي ڌنڌا ۽ ملازمتون : ٽندي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ يهارو سال منشي / ڪلارڪ ٿي رهيو. ] مرحوم خان صاحب عطامحمد پليءَ وٽ پڻ وڏو عرصو ملازم رهيو.[ ڏيپلائي صاحب جا پرائمريءَ ۾ استاد ماستر عبدالله ماستر پونم چند ماستر رامجي هل ماستر حاجي ابوطالب ماستر عبدالرحيم ماستر پير محمد ماستر هيمراج ماستر موشنڪر پهرين اخبار ( دستي ) : 19-1918ع ۾ ، پرائمريءَ ۾ پڙهڻ دوران، فرحت آثار، نالي سان هڪ دستي اخبار، هم ڪلاس دوستن واسطي ڪڍيائين. پهريون مضون : 1924 ع ۾ 16 سالن جي عمر ۾ محمد بن قاسم بابت کليائين، جيڪو دهليءَ مان نڪرندڙ اردو رسالي مناديءَ ۾ ڇپيو. پهريون افسانو : چنڊ سهڻو يا نسان عنوان سان لکيائين ، جيڪو ”ترقي“ رسالي ۾ 1927ع ڌاري ڇپيو. پهريون ڊرامو : غيرت عرف نورجهان جو پٽ “ ) 1941ع ۾ ( لکيائين. پهريون ڪتاب : قرآني دعائون“ عنوان سان لکيائين، جيڪو مسلم ادبي سوسائٽيءَ ڇا پيو ۽ انعام ڏنو. پهريون افسانن جو مجموعو : گلشن عبرت ، جي نالي سان شايع ٿيو . پهريون ناول: ” سنگدل شهزادي، 1938 ع ۾ پنهنجي اداري اسلاميه دارالاشاعت، ميرپور خاص، مان ڇپايائين. پهريون ضبط ٿيل ناول : ” ڏاهري رنگ محل “ ) 1942ع ( پسنديده اديب ۽ شاعر : جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويم، شيخ اياز، حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم منشي، فيص احمد فيض، علامه، ڪڪرشنچندر، سعادت حسن منٽو، خواجه احمد عباس، جوش مليح آبادي، ديوان سنگهه مفتون، گوريخش سنگهه، ميجرآفتاب حسن، پرل ايس بڪ، اوستروسڪي، ۽ مئڪسم گوريڪي. ڪتاب ( جي کان متاثر ٿيو ) (1)جيئن ڏٺو آهه مون : از ـ جي .ايم. سيد (2) امڙ، (ناول) : از ـ گورڪي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. (3) ”جديد معلومانت سائنس : از ـ ميجر آفتاب احمد (4) “ دارورسن کي آزامائش : روسي ناول،جنهن جو اختصار، سي نيزي پاند جي نالي سان ترجمو ڪيائين. (5)محمد ابراهيم جو بي جا ترجمو ڪيل ڪتاب : تعليم ، ايميلي، گليلو، وحشي جيوٽ جا نشان ۽ ٻيا (6) . بهشت تترين ،: عبدالعليم شر (7)غبار خاطر، : از : ابوالڪلام آزاد (8) ” پريت مارگ “ : از : گوربخش سنگهه (9) ” ناقابل فراموش : از : ديوان سنگهه مفتون پندديده فلمون : (1) نيا سنسار (2)زندگي يا طوفان (3) مدر انڊيا (4) بيجو باورا (5)ويٽ نام (6) دوگز زمين ادارا، اخبارون رسالا، ڪتابي سلسلا، جيڪي ڏيپلائي صاحب شروع ڪيا. اسلاميه دارالاشاعت ، ميرپور خاص : 1938ع ۾ ، پنجاهه روپين جي موڙيءَ سان شروع ڪيائين. ماهنامه ” عبرت “ 1941ع ۾ ڪڍيائين. ماهوار”عبرت“ جو ڪتابي سلسلو: 1941 ع ۾ شروع ڪيائين. هفتيوار ” عبرت : 1943ع ۾ ڪڍيائين. قرآن پريس : 1948ع ۾ شروع ڪيائين. اداره لطيفي : 1949 ع ۾ شروع ڪيائين. اداره انسانيت : 1952ع ۾ شروع ڪيائين روزاني ” عبرت : 1953ع ۾ ڪڍيائين. ماهوار ” انسان “ : 1957ع ۾ ڪڍيائين. روزاني” عبرت“ قاضي عابد ۽ قاضي مهمد اڪبر کي وڪرو ڪيائين: اپريل، 1958ع ۾ ”رسالو”اسنان“ هفتيوار : مئي 1959ع ۾ ڪڍيائين. ماهنامه ” ساڻيهه“ ڊائجيسٽ : 1969ع ۾ ڪڍيائين. روزني سنڌ ٽائيمس : 1969ع ۾ ڪڍيائين. خاص ڳالهيون : پهريون ڀيرو چشمو پاتائين : 1929ع ۾ ( 21 ورهين جي ڄمار ۾ ) پهريون ادارو قائم ڪيائين : اسلاميه دارالاشاعت، ميرپورخاص،1938ع ۾ اسلاميه دارالشاعت ۽ قرآن پريس کي ساڙيو ويو : 1972ع جي لساني فسادن دوران جماعت اسلاميءَ جي رُڪنيٽ اختيار ڪيائين : 1943ع ۾ جماعت اسالاميءَ کان علحدگي اخيار : 1948ع ۾ ڏيپلائي صاحب ، جيل ۾ ٽي ڀيرا ويو : (1) 1958 ع ۾ ، (2) 1961 ع۾ ، ۽ (3) 1973 ع ۾ آخري ڪتاب : انقلاب ايران انعام يا فتهه ڪتاب: (1) قرآني دعائون، ( مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو انعام يا فته) (2) گلشن عبرت، ( سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جو انعام يا فته) (3)امڙ ( ناول): (سنڌي ساهت، جو انعام يا فته) (4)سانگهڙ (ناول) lرائٽرز گلڊ جو انعام يا فته) ضبط ٿيل ڪتاب : (1) ڏاهري رنگ محل (1942ع ) (2)گلستان حسن (1939ع ) (3) 1857 ع جي آزاديءَ جي جنگ (1957ع ) (4) غازي انورپاشا( 1957 ع) (5)جپاني گڏي (1957 ع ) (6)امڙ (ناول) (1957ع) (7) شيخ المشائخ (1975ع) پابندي وڌل اخبارون ۽ رسالا (1)هفتيوار اخبار” انسان، (2) روزاني ” سنڌ ٽائيمس، ڏيپلائي صاحب جا مختلف رسالن ۾ ڇپيل اهم مضمون، تبصرا، جائزا وغيره. ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر ، (1) آڪٽوبر 1961ع سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (2) دسمبر، 1961ع سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (3) اپريل، 1962ع سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (4) جون، 1962 ع پاڪستان جي تعمير، آگسٽ، 1967 ع برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون، اپريل، 1982 ع سماهي ، مهراڻ تاريخ ريگستان: رائچند راٺوڙ ( تبصرو) 1/1956 ع جهان آرا،: عبدالرزاق عبدالسلام ( تبصرو) 1/1956ع آفتاب ادب ، : حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ( تبصرو ) 1/1956 ع بلو کوکر،: صاحبسنهگهه شاهاڻي ( تبصرو ) 1/1956 ع خوش خصلت خاتون، : بيگم بادام ناتون (تبصرو) 1/1956 ع سڌارٿ، : پروفيسر ايسرداس ( تبصرو)1/1956 ع سنڌ جو سينگا، : عبدالڪريم سنديلو ( تبصرو ) 1/1956 ع عشق نه آهي راند،: (تبصرو )1/1956 ع ڪامل جو ڪلام، : جهمٽمل ڀاوناڻي(تبصرو) 1/1956 ع ڪنول ڪلي.،: اداره، انسانيت،حيدرآباد(تبصرو) 1/1956 ع گل ڦل،: پرمانند ميوارام (تبصرو) 1/1956 ع گل ڦل،: پرمانند ميوارام ( تبصرو) 2/1956 ع ڦل چونڊ،: هريرام ماڙيوالا (تبصرو ) 2/1956 ع موجوده سياسي مسئلا: جي.ايم. سيد ( تبصرو)2/1956 ع اڃارات باقي آ پرڀات پبليڪيشن، بمبئي (تبصرو) 2/1956 ع چمڪندڙ نزندگي، اداره انسانيت ،حيدرآباد ( تبصرو) 2/1956 ع راحت ڀري زندگي،: ڊيل ڪارنيگي ( تبصرو) 2/1956 ع راسيلاس،: نولراءِ شوقيرام آڏواڻي (تبصرو)2/1956 ع سدائين جوان، دسائين نروڳو،: هندستان ڪتاب گهر (تبصرو) 2/1956 ع سنڌ جو سفر،: سطف الله گجراتي، مترجم : قادربخش نظامڻي ( تبصرو) 2/1956 ع سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،؛ ڀيرومل مهر چند آڏاڻي ( تبصرو) 2/1956 ع سون ورنيو دليون، لالچندامر ڏنومل ( تبصرو ) 2/1956 ع شاهه جا گمُ ٿيل بيت،: شيخ محمد سومار ( تبصرو)2/1956 ع شوڀدا: شرت چندر چئٽر جي (تبصرو) 2/1956 ع تاني،: گوبندمالهي ( تبصرو) 3/1956 ع اشرف العلوم ،( مثنوي مولانا روم جو سنڌي ترجمو): دين محمد فيروزشاهي (تبصرو) 3/1956 ع سنڌ گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايڪانامڪس جو ڪاليج مخزن. سال 1956-1955 ع: (تبصرو3/1956 ع مهراڻ جون موجون،: پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي (تبصرو) 3/1956 ع شرم ٻوٽي،: گوبندمالهي، ( تبصرو) 3/1956 ع گل،: ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ( تبصرو)3/1956 ع هدايت الانشاءِ ؛ مولوي هدايت الله مشتاق (تبصرو)3/1956 ع بهار ادب : رسول بخش خمار ( تبصرو)4/1956 ع ادبي خط،: محمد عثمان ڏيپلائي (تبصرو)4/1956 ع پنج تنتر: نارائڻداس بليجا( تبصرو)1ـ2/1956 ع ايسپ جون اکاڻيو،: (تبصرو)1ـ2/1956 ع خورشيد، (ڊرامو) : مرزاقليچ بيگ (تبصرو)1ـ2/1956 ع جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنائي، سماهي مهراڻ، سوانح نمبر، 3-4/1956 ع آنجهاني ڊاڪٽر ٽلومل ( تبصرو) 3-2/1956 ع اسلام جا ڏنل بنيادي انساني حق: خطبت الوداع (مضون) 1980/4-3ع هفتيوار ” انسان، حيدرآباد، جا ڪي خاص نمبر شهيدانسانيت ،( ابراهيم لنڪن ) نمبر3 مئي، 1959ع جنگ آزدي (1857ع) نمبر مئي، 1959ع محرم نمبر 13-20 جولاءِ 1959ع شهزادو ڪريم آغا نمبر27 آگسٽ، 1959ع آزادي ۽ ڀٽائي نمبر 17- آگسٽ، 1959ع قائداعظم نمبر28. ڊسمبر،1959ع شاهه لطيف نمبر 8ـ آگسٽ،1960ع عيدميلادالنبي نمبر 5- سيپٽمبر، 1960ع ٽالسٽاءِ نمبر 12- ڊسمبر، 1960ع قائداعظم نمبر26-ڊسمبر، 1960ع سچل نمبر 27 فيبروري 1961ع جيل جا مشاهدا ( ڏيپلائي صاحٻ، مختلف وقتن تي ( 1958ع ۾، 1961 ع ۾ ۽ 1973ع ۾) جيل يا ترا ڪئي، ان دوران پاڻ ، جيل جي مشاهدن ، تي مشتمل ڪيترا مضمون ۽ افسانا لکيائون ، جن مان ڪن جو ٽفصيل هن ريت آهي؛ جيل جو تيل ( جيل جا مشاهدا ): هفتيوار انسان ، حيدرآباد، سنڌ 18 مئي، 1959ع جيل جون ٻيڙيون ( جيل جا مشاهدا): هفتيوار ، انسان ، حيدرآباد سنڌ، 1-جون 1959ع ڪاڪوس هڙتال ( جيل جا مشاهدا) : هفتيوار انسان ، حيدرآباد، سنڌ، 29جون،1959ع جيل جو ڊاڪٽر ( جيل جا مساهدا ) هفتيوارا،انسان، حيدرآباد، سنڌ 6 جولاءِ 1959ع نئون ڳاڻيٽو (جيل جا مشاهدا): هفتيروار، انسان حيدرآباد، سنڌ 13-20 جولاءِ 1959ع نئون ڳائيٽون (جيل جا مشاهدا) : هفتيوار، انسان، حيدرآباد، سنڌ،27جولاءِ 1959ع جيل جو جمعو ( جيل جا مشاهدا) : هفتيوار، حيدرآباد، سنڌ، 17- آگسٽ ، 1959ع اُٺ پوڙهو ٿيو ته به ( جيل جا مشاهدا): هفتيوار. انسان ، حيدرآباد، سنڌ،14 سيپٽمبر ،1959ع ڳجهه ! (جيل جا مشاهدا)؛ هفتيوار، انسان حيدرآباد، سنڌ 16 نومبر،1959ع جيل جي جهڙتي اسپيلشل امام (افسانو) مهرباني خوني ( افسانو): سماهي مهراڻ. ماهوار/ هفتيوار. انسان جي ڪجهه اهم ايڊيٽوريل انسان امر آهي ( ايڊيٽوريل): ماهوار انسان، 14 سيپٽمبر.1958ع نوان جمهوري حق (ايڊيٽوريل ): گهتيوار انسان، 29 جون،1959ع لوممبا جي شهادت(ايڊيٽوريل): هفتيوار انسان، 20 فيبروري ، 1960ع مسٽر کهڙي جي آزادگي ( ايڊيٽوريل): هفتيوار. انسان ، 7- مارچ، 1960ع هڪ هيبناڪ انڪشاف ( ايڊيٽوريل): جناب ذوالفار علي ڀٽي بيان ڏنو هو ته تعليمي ڪميشن، جي سفارشن جي عمل ۾ اچڻ سان سنڌي زبان کي ڪو به نقصان نه رسندو،. ان جي جواب ۾ هي ايڊيٽوريل لکيو ويو . هفتيوار، انسان سنڌ جون رڙيون( ايڊيٽوريل) : هفتيوار. انسان، 8 – آگسٽ، 1960ع هفتيوار/ روزاني ”عبرت “ جا ڪي اهم ايڊيٽوريل علامه وفائيءَ جي گهٻارهٽ ( ايڊيٽوريل ): هفتيوار. عبرت، 24 مئي 1946ع سنڌ وزارت جي تبديليـ خوش آمديد آغا غلام نبي خان (ايڊيٽوريل): هفتيوار عبرت، 8 –فيبروري، 1950ع عظيم پنجاب جو نذرانو( ايڊيٽوريل): روزاني عبرت، 26 اپريل، 1957ع هفتيوار انسان ۾ ڇپيل ڪجهه اهم مضمون تبصرا، ۽ تنقيدون وُري آباد مئخانا ٿين ٿا،: هفتيوار انسان3 ئئي،1959ع سنڌي قوم، بعد، سني ثقافت، ۽ سنڌي زبان،: هفتيوار، انسان22جون ، 1959ع مهراڻ، جو سالگرهه نمبر ( تبصرو): گفتيوار. انسان ،7 ڊسمبر، 1959ع نئين دنياـ سنڌيت نمبر ( تبصرو): هفتيوار، انسان 29ـ فيبروري،1960ع لوڪ ادب سان حيرتناڪ هاڇو (تنقيد/ تبصرو): هفتيوار.انسان، 13-جون.1960ع تعليمي ڪميشن جي رپورٽ، پنهنجي ئي اکرن جي آئيني ۾ : هفتيوار انسان 13 جون، 1960ع شاهه جو سه آتشو ( مضمون): گهتيوار، انسان لطيف نمبر8- آگسٽ، 1960ع سنڌيـ سنڌي ڊڪشنري (ن.ب. بلوچ ) تبصرو : هفتيوار. انسان، 6 نومبر، 1960ع ٽالسٽاءِ موجوده دور جو هڪ عظيم ترين انسان (مضمون): هفتيوار انسان ، ٽالسٽاءِ نمبر 12 ڊسمبر، 1960 ع لطيفي ديڳ جو ڍڪڻ لاهيندـ حضرت سچل سرمست ( مضمون)؛ هفتيوار انسان، 27 فيبروري، 1960ع مهراڻ مينڌارا: ظهور انصاري ( تبصرو .. 29 فيبروري 1960ع اردو يا سنڌيـياـ اردو ۽ سنڌي؟ اتنقدي خط جو جواب ) هفتيوار انسان، 9 مئي، 1960ع مُهراڻ، جو نئو نمبر (تبصورو): هفتيرار انسان 9 مئي 1960ع ماهوار انسان/ اداره انسانيت ، جا ڇپايل مختلف اديبن جا ڪي اهم ڪتاب پيغام لطيف: ج.ايم. سيد نئين سنڌلاءِ جدوجهد (2 ڀاڱا ): جي.ايم. سيد. 1953ع آمريڪي شاعر ( ڊان ويشٽ): مترجم، احساس بدوي، اداره،انسانيت، هاريءَ جي سجاڳي (ناول):ازـ ڪرشچندر، مترجم: عبدالغفور انصاري ماهوار،انسان، 28 سيپٽمبر، 1953ع ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري(ناول):ازـ ڪرشنچندر، مترجم: سراج الحق بسمل، ماهوار انسان 8 فيبروري، 1954ع پار داڻا: ابن حيات پنهور. شاهه جا گُم ٿيل بيت : ماستر محمد سومار شيخ، اداره انسانيت، آڪٽوبر، 1957ع روس جا چاليهه سال : قادربخش نظاماڻي، اداره انسانيت،آڪٽوبر، 1957ع ماڻهو ۽ ڌرتي: غلام حيدرڄامائي، اداره انسانيت ، روزه رسڳڪي (ترجمه صيام محمدي) مترجم: مولوي محمد بلوچ پاره الم (قرآن شريف، سنڌي ترجمي سان بيتن ۾ سمجهآڻيءَ سميت): از ـ مولانا احمد ملاح: اداره تبليغ قرآن، حيدرآباد ، سنڌ پاره سيقول ( قرآن شريف، سنڌي، سنڌي ترجمي سان بيتن ۾ سمجهاڻيءَ سميت): ازـ مولانا ملاح، اداره تبليغ القرآن، حيدرآباد، سنڌ پاره عم (سوليءَ سنڌي ترجمي ۽ سمجهاڻيءَ سان) قرآن پريس، حيدرآباد، سنڌ صحيح بخاري: مترجم ـ مولانا دين محمد وفائي، مرتب محمد عثمان ڏيپلائي، اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد، سنڌ ڏيپلائي صاحٻ جي ڪجهه ڪتابن جا اردو ترجما غاري صلاح الدين: مترجم ـ محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور غاري احمد شاهابدالي : مترجم. محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاوکپوري عزيزالمطابع بهاولپور نور توحيد : مترجم ـ محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور عروج اسلام: مترجنمـ محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهااولپوري، عزيز المطابع بهاولپور فتح اسلام: مترجم ـ محمد حفيظ الرحمانحفيظ بهاولپور، عزيز المطابع بهاولپور سيرته محمدي : مترجم ـ محمد حفيظ الرحمانحفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور اورنگرب عالمگير: مترجم ـ محمد جحفيظ الرحمان هفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور سانگهڙ (ناول) : مترجم : ثريا ڏيپلائي، فکشن هاؤس، لاهور ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن جي لسٽ (الف ) اسلامي تاريخي ناول روم جي راڻي عرف شڪست حسن هوشربا نازنين ڪارا ڪافر نازنين يورپ (ٻي صليبي جنگ) دختران اسلام شاه امان الله فتح فلسطين نيل ڪنوار عرف فتح مصر غازي اسپين عرف عضمت جي قيمت آخري اميد ڪاشيءَ جا پاپڙ ڪنيز اسلام ٽيپو سلطان حيدرعلي ايراني شهزادي شيرشاه ۽ همايون نور توحيد شوڪت اسلام ( ٻه حصا) عروج اسلام (ٻه حصا) جلوه اسلام فتح اسلام گمراه مسلمان عرف هندو مسلم اتحاد فتح ايران سومناٿ جي سندري عرف گجڻيءَ جي دانهن غازي محمود غزنوي غازي اورنگزيب گلستان حسن عرف ڪوه ڪاف جي پري هوشرباشهزادي سنگ دل شهزادي نازنين سمرنا حور بغداد آفريقا جي شهزادي شيوا جي شيش محل چين جو چنڊ قسطنطنيه جي شهزادي جنگ ترڪ وجرمن فتح المقدس انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان احمد شاه ابدالي افضل شهيد مينا بازار ڏاهڙي رنگ محل سبڪتگين ۽ جئه پال فتح ير موڪ بلبل ايران نوٽ ؛ محمد عثمان ڏيپلائي جو مشهور ناول توهان ناول جي نالي تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔ سانگهڙ ناول محمد عثمان ڏيپلائي ڏيپلائي بابت عالمن اديبن جا تاثرات ڏيپلائي هڪ برجستو انسان( جمال ابڙو ) آياهن گهڻو اڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون، ڪر بيلي آهن ٻيلهه، سور پريان جا ساڻ مون. ڀانيان لڪ ليون، جي سور پريان جا ساڻ ، لطيف سائينءَ جي بيتن جون هي سٽون مون ڄاڻي واڻي، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ورسيءَ جي مهل موقعي مطابق چونڊيون آهن. اڄڪلهه جا نوجوان ليکڪ، بلڪ پختا ليکڪ به دانهن ٿا ڪن ته کين سهولتون ميسر ناهن، کين معاوضو نٿو ملي، سندن بورچيخانو نٿو هلي،کين مڃتا ڪا نه ٿي ملي، سندن لکڻين کي ڪنه ڪوئي پرنٽر ٿو ملي، نه پبلشر، نه ڊسٽريوبوٽڙ، جي هڙااون وڙان خرچ ڪري ڪتاب ڇپايون ته ڍڳ لڳلا گهر ۾پيا آهن،، ڪو مفت ۾ کڻڻ وارو ڪونهي، ائين هو هٿادو محرومين جا دفتر کولوي ويهي ٿا رهن. شڪوي شڪايت جا انبار، الائي ڪهڙا ڪهڙ روئڻا پيا روئنـ ڪڇي ڪير؟ ڪير چوي ته ڀاو! هي شُور ته سکائون آهن، جي جهولي پائي جهلٽا آهن، جي مٺائيءَ کي ڪڙائي ٿا سمجهو ته هن پِڙ ۾ پير ڇو ٿا پايو؟ هت ته رڳو اهن ڪنڊا ۽ ڪنڊ! ڪنڊا مون پيرن ۾ توڻي لک لڳن، آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇِنن، ويندي ڏانهن پرين ، جتي جات نه پائيان! جبل ماري جک،جو آڏو آريجن کي،ٽوڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ سين! سطيف سائينءَ جي اهڙن سبقن کان پوءِ باقي ڪجهه چوڻ جي نه ضرورت آهي، نه گنجائش، ته پوءِ جواب به لطيف سائينءَ جو ٻڌي ته : لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ، لڪن ساڻ لطيف چئي منڌ جهيڙي ۽ جهري. لڪن لوساٽِ، سا سيج چڙهندي سسئي هاڻي لطيف سائينءَ جي هن ڪسوٽيءَ تي محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ کي پر کيو، نج سون جيان جر ڪا ڏئي ظاهرٿيندو. ٿر جي واريءَ جي ڀٽن مان هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏيپلي مان، هڪ نينگر سنڌيءَ جا ست درجا پڙهي، ڳاڙيهي گل جيان ڦٽي نڪري ٿو. کيس نه آفيسري حاصل ڪرڻ جي محرومي آهي، نه اڇا ڪپرا پهرڻ جي ، نه يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين تي ڪنهن ڪسهڻيءَ ڇوڪري سان ويهي چانهنن پيئڻ ۽ پيسٽري کائڻ جي ، نه ڊگرين حاصل ڪرڻ جي نه بنگلي ۾ رهڻ ۾ ڪار ۾ گهمڻج جي انهن سڀني لوازمانت نه هجڻ يجي باوجود هو نه اڻ ڄاڻ آهي، نه اڪيلو اهي، نه ڪو وري ڪي آڏا ترڇالڪ هن کي روڪين ٿا يا رنڊڪ وجهن ٿا: ڇاڪاته هن وٽ وڏو مطالعو، سُور پريان جا ساڻ مون آهي، اهڙو ملههماڻهو اڄاڻ ۽ اڪيلو ته ناهي، پر سُورن کي سنڏي پيو.. کيس لوري آهي ته ا ماروئڙن جي، جهانگيئڙن جي پورهتين ۽ هارين نارين جي، پيو سئن هڻي ته : مُرڻ مون سين آءُ ته پُٺيءَ تو پنڌ ڪيان، ڏکي ، ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر سئي؛ ڏک ڏکي ءَ ڏڍ، موٽي مران نه ماءُ موٽڻ کان اڳي مران، سندس اها سنڌ پوري ٿي.. عمر جي آخري گهڙيءَ تائين جهيڙويندو آيو، ماٺ ڪري نه ويٺ، پونيرن ۾ به اها لاٽ ٻاري ويو، سندس اولاد ( پُٽ ۽ نياڻيون) به ورچي ڪو نه ويٺا آهن. شاهه سائين جنهن کي شُور يا لوري ٿو چوي، سا آهي : مقصد ۽ جذبو جن وٽ اها وٿ ڪانهي، سي ڀلي ويهي روئن يا سرستن تي بيهي رڙيونڪن . ڏيپلائي صاحب، سُر سُکائون ڪر جهليا ، جن کيس جذبو به ڏنو، مقصد به ڏنو، عملم به ڏنو ته امنگ به ڏنو. هو پنهجيءَ جند ۾ انجمن بڻجي ويو جهڙوڪر ڪرشمو، ليکڪ به پاڻ ، پرنٽر به پاڻ ، پبلشر به پاڻ ۽ ڊسٽريبيوٽر به پاڻ ڊسٽريبيوٽر به اهڙو انو کوو، جو سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي ، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب يا لکڻيون ه هجن . اهريون ڪرشمه ساز هستيون قومن کي جيئاري وينديون آهن. جنين منهن مڻي، آئون نه جيئندي ان ري ـ (شاهه) ( ماهوار . سوجهرو ، اپريل2002ع) (2) ڏيپلائي صاحب عجيب ڀل مانسيءَ جو پتلو هو. تمام مذهبي ۽ءٌ پڪو مسلمان هوندي به جيئين ته هن جي دل م غريب عوام لاءِ ڀرپور همديردي هئي ۽ هاري ۽ پورهيت جو ڀلو چهيائين ٿي، هو نيڪ نيتيءُ ۽ پوري اخلاص سان کاٻي ڌرجي عوامي تحريڪن جو حامي بڻجي ويو. طعنا مهڻا به مليس ، پر هي مرد مجاهد لاپروواهي ۽ لاغرضيءَ سان نسنگ نروار ٿي بيهي رهيو، ۽ سرڪاري عتاب ۽ مالي نقصن جي پرواهه به نه ڪيائين. ڏيپلائي صآحب جو هڪ واقعو ياد ٿو اچيم، جيڪو ڏيپلائيصاحب جي سچائيءَ مخلصيءَ، دليريءَ ۽ بيبيازيءَ جو لکت ۾ اڻمٽ ثبوت آهي، هي اسان جي عوامي سيسي تحريڪ جوپن لڪل ۽ ڳجهيون ڳالهيون اهن، پر ورهيه لنگهي ويا آهن، هاڻ ڪو ڀو ڀولو نه آهي. ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ۽ حيدربخش جتوئي پارٽيءَ جا تمام مخلص ۽ متحرڪ ڪارڪن هئا، جن پنهنجي سڄِ حياتي، ڪيريئر ۽ دنياوي ويجهه کي قربان ڪري پاڻ کي هارن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪر ڇڏيو هو. ٿيو ائين جو جتوئي جيل ۾ واڙجي ويو . ڪامريڊ عبدالقادير وري رڄ چڱو مڙس، نرم مزاج ۽ اختلاف راءِ کي ريٽڻ وارو ماڻهو. انهيءَ صورت حال جو فائدو وٺي، هاري پارٽيءَ جي ڪن جو شيلن ، حقيقت ۾ پاڻ هُرتڙن ، پارٽيءَ اندر ڏنڊا انقلاب ذريعي اٿل پٿل آڻي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ حيدربخش جتوئيءَ ۽ ڪامريڊ عبدالقادر کي نظر انداز ڪري، پنهنجا من پسند صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ٻيا عهديدار چونڊي بالم ٿي ويهي رهيا، مولوي نذير حسين جتوئتي به ساڻن شامل هو ۽ عهدو به قبول ڪيو هئائين. پارٽيءَ فيصلو ڪيو ته انهيءَ صورتحال جو ٽوڙ ڪيو وڃي انهي ءَ ڪم لاءِ تاج محمد ابڙي ۾ مون کي ذميواري سونپي وئي.پتو ئي نه پوي ته ڇاڪجي. هنن يارن ڇا ڪيو هو، جو اخبارن ۾ خبرون ڇپائي ، پاڻ عهدن تي بقابض ٿي ويهي رهيا، تاج محمد تمام ذهين ماڻهو هو ، سو حل ڪڍي آيو. چيائين ته هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۽ ڪاروائيءَ جا من پسند فيصلا لکي ، هاري حقدار، ۾ ڇپائي ٿا ڇڏيون ! انهيءَ جڙتو مينٽنگ جي ڪاروائي، بحث مباحثٽا ۽ اسوال جواب اهڙي نموني لکياسون، جو سود پود سچ ٿي لڳو. “ هاري حقدار جو پرچو ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد هاري آفيس وڃڻو هو. ڏهه پنديرهن رپيا مون کي، 25 پندرهن رپيا تاج محمد کي، ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ ۾ چڙهي پياسون..... ...مان ۽ تاج ٻئي ڏينهن جي حڪمت عملي جوڻ ۾ لڳي وياسون.تاج محمد چو ته ڪو مسئو ئي ڪونهي، سڀاڻي هلنداسون هاري حقدار پريس، اُتي فلاڻا فلاڻا منهنجا واقف آهن، بس، مواد ڪمبپوز ڪري هڪ ڏينهن ۾ پرچو ڪڍي ڏيندا. تاج محمد ڏاڍو خوش فهم ماڻهو هو. تاج محمد ڇا، هر ڪميونسٽ اهڙو هوندو هو! ..صبح جو تاج محمد ۽ مان نيراڻو نڪري پياسون. ڀيڙيون سين پنڌ کي، اچي گاڏي کاتي ۾ هاري حقدار پريس تي پهتاسون. پريس کي تالو لڳو پيو هو. ٻڌايئاون ته گورنمينٽ بندش وجهي ڇڏي آهي، سو نالو به نه کڻو! پرچو ڪڍڻ ضروري هو.. مون کي محترم ڏيپلائي سُجهي آيو. انهيءَ جي پريس ب کوکر محلي ۾ هئي، جتان عبرت اخبار ڪڍندو هو. واٽ ويندي تاج محمد ڪجهه ناُميدي مان چيو ته ” انهيءَ ملان مان ڇا ورندو الائي ڇو ، منهنجي دل ۾ يقين هو ته ڪم ٿيندو ته ڏيپلائيءَ مان ، نه ته به صحيح دڳ لائيدنو ... ڏيپلائي صاحٻ مرحوم ، الله سائين جنت ۾ جايون ڏئيس، سڌوسنئون ، پر خلوص، هڏڏو کي ، غريبن جو همدرد، چڱائيءَ جو پتلو ۽ وڏي ڳالهه ته عوام جي ڀلي خاطر پنهنجو نقصان سهنڻ وارو ماڻهو هو . وضع دار به هو ، يعني ڊاج ڏيڻ ، اندرين هڻڻ وارو ماڻهو نه هو .، عام زبان ۾ چوندا آهن گشو هڻڻ ۽ راه تان ٿيڙڻ ـ ڏيپلائي صاحب ۾ اهڙي بوءِ به ڪانه هئي جهڙو اندر تهڙو ٻاهر... ... جڏهن احوال ٻڌايو سونس ۽ مدد لاءِ چيوسونس ته بناللي چپيءَ جي صاف انڪار ڪيائيين. چي اهو بلڪل غير قانوني ڪم آهي. اخبار رڳو اُتي ڇچجي سگهيٿ ، جتان سرڪاري طرح ڇپائي پڌري ڪئي وڃي. تاج محمد مون ڏانهن منهن ڪري چيو اٻا ٻڌئي ؟ پر مون آسرو ڪونه لاٿو، مون کي ڏيپلائي صاحب جي چڱائيءَ تي پورو پورو ويساهه هو. چيو مانس ڏيپلائي صاحب ڪا وٽ ڪڍي ڏيو . گنڀير ٿي چياائين ته ” توهان کي اها به خبر ڪانهي ته هاري حقدار پريس توڙي هاري حقدار اخخبارن تي بندش پيل آهي! اول ته اها بندش لهريون ، پوءِ ڇپائيءَ جي ڳالهه ڪريو،...“ تاج محمد بي دليون ٿي ويو. چيائين ” ٺڪر مالن مان ڇا ورندو، اسان کي پتائي ويو ! “ ڏيپلائي صاحب جهڙي مخلص ماڻهولاءِ اهڙا لفظ مون کي نامناسب لڳيا... ...مون کي خبر هئي ته اي ڊي هو نذر محمد ٽڳڙ ، جو تمام يار ويس ۽ فيض وارو تجربيڪار ۽ قابل آفيسر هو... چيائين بندش ته ڪو نه لاهينددس، پر رڳو هڪڙو پرچو ڪڍڻ ڏيندس، سو به بندش پوڻ واري تاريخ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ واري تاريخ ۾ ، پر حڪومت خلاف ڪجهه به نه لکندو... ٽڳڙ صاحٻ دير ئي ڪانه ڪئي، ڪلارڪ گهرائي هڪ ۽ آخري پرچو ڪڻ جو اجازت ناموٽائيپ ڪرائي، صحيح ڪري ، مهر هڻي ڏنائين ... پوءِ آياسين ڏيپلائي صآحب وٽ کيس اجازت نماو ڏيکاريوسين.... پر اخبار ڇپڻ کان صاف انڪار ڪيائين. چي : قائدو آهي ته اخبار رڳو اُتي ڇپبي، جتان شايع ٿئي ٿي... منٿ ڪئي سونس ته ڪو ڳٿو ڪڍ اُٿيو وڃي” هاري حقدار ، جو پرچو کڻي آيو. پوءِ وري انهيءَ مانپ ۾ رنک جوخالي پنو کڻي آيو، چيائين هن خالص پني تي هاري حقدار اخبار جي ڪنهن به سب ايڊيٽر، ڪمپوزر، يا ڪارندي کانلکرائي اچو ته هي پرچو هاري حقدار پريس ۾ ڇاپيو ويو هو ڪم ڪري اچو ته پوءِ مان ٿو اخبار ڇاپي ڏيانو ! ... اسان ڍڪ ٻه آرام ڪري، گهربل ماڻهو4 جي گهر پهتاسون چمڪندڙ اکين سان پڏي اُڪير سان اچي تاج محمد سان مليو.... ڇوڪين ، نيٺ ته پارٽيءَ جوڪارڪن هو... خالص بپني ته اُتي ئي لکي ڏيڻ لاءِ تيار هو. چيوسونسن ته بهتراهو آهي ته ڏيپلائي صاحب جي روبرو لکي ڏئي. ٻئي ڏينهن عبرت آفيس پهتاسون ته اهو شخض اڳي ئي ويٺو هو. ڏيپلائي صاحب هن کان خالي پرچي تي لکائي ورتو ته هي پرچو هاري حقدار پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. واه ڏيپلائي صاحب واه دڳ به لاتائين،قانوني تحفظ به ڏنائين ۽ ڪم جو ذمو به کنيائين ، محض انسان دوستيءَ خاطر. چپائين ته شام تائين جيترا پرچا چئو ڪڍي ڏيانو چيوسون ، پنج سئو چيائين هيترا پئسا لڳندا پئسا ته اسان وٽ هئا ڪو نه سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو تهٻه سئو پرچا. ڏيپلائي صحب چيو ته ڪو خاص فرق ونه پوندو توهان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان. مزدوري ۽ منافعو ڪو نه ٿو وٺان هڪڙو ته ڏيپلائي ٻيو ميمڻ ، سو ائين چوي ـ تعجب خيز ڳالهه هئي. پر محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي مٽي ۽ ضمير بلڪل مختلف هئا .... ڏيپلائي صاحب جي صدقي، سستي ۾ ڇٽاسون! (جمال ابڙي صاحب جي آتم ڪٿا تان ورتل) شمشيرالحيدري هونئن ته هر ڏيپلي جي رهاڪوءَ کي ڏيپلائي، چئجي، پر اوهين يقين ڪريو ته سنڌ جي هر پڙهيي لکيي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هيءُ لفظط هڪ خاص شخصي اصطلاح جي حيثيت سان ورهين کان وٺي اهڙو ته مڪمل تعارف پيدا ڪري چڪو آهي، جو هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيپلائي جي فقط هڪ ئي معنيٰ آهي، محمد عثمان ود حبيب الله ميمڻ، اصل ڳوٺ ڏيپلو، حال ساڪن حيدرآباد سنڌ، جنهن جا لکيل ناول سڄيءَ سنڌ ۾ ڏيپلائيءَ جا ناول، جي نالي شان مشهو ر اهن، ۽ اها ئي چيز ڏيپلائي جي هڪ غير معمولي شخيصت جو جيڪڏهن معمولي تعارف به پيش ڪجي ، ته ان لاءِ جيتريقدر عنوانن جي ضرورت ٿيندي، سي به هڪ الڳ تصنيف جي ضخامت وٺي بيهندا. ڏيپلائيءَ جي مجاهدانه زندگيءَ جو تصور ڪرڻ سان هڪ وڏي تاريخي جدوجهد جو منظر اکين اڳيان اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ سنڌ جو ستايل ۽ اٻوجهه عوام ، رفتي رفتي، هر قسم جي شخصي، خانداني ۽ طبقاتي پرستش جي ڄار کي ٽوڙيندو، مڃتا ۽ عقيدت جي انڌن بُتن کي ڀڃنو، وهم ويساهه جي مڪارين مان نڪرندو، انسانيت جي روشنيءَ ۾ ڪاميابيءَ سان زندگيءَ جي آزادي راهن تي ايندو نظر اچي ٿو. سمجهدارن جي هڪ وڏي اڪثريت انهيءَ عمل ۾ ڏيپلائيءَ جي هن مبارڪ مهم کي قبول ڪري چڪي آهي. سنڌ جي خوشحاليءَ جي انهيءَ جدوجهد جي ترجمان جي حيثيت سان ، ڏيپلائي هاڻي هڪ فرد نه بلڪ نظريو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي 1908 ع ۾ ٿر جهڙي بي بندوبست علائقي ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کانئي ڏاڍو ذهين هو، ايتريقدر جو ٻاراڻي درجي ۾ به ڇهين درجي جا سبق لس پڙهي ويندو هو ۽ سندس استاد خود مٿس حيران هوندا هئا. سندس پيءُ هڪ ننڍڙو واپاري هو، اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه هئي ۽ بدقسميءَسان ستن ڀيڻن جي هڪڙي ڀاءُ هجڻ ڪري مائٽ کيس اکين کان پري ڪرڻ نه چاهندا هئا ، اُن ڪري پان ست درجا پاس ڪوي پري مٺيءَ وڃي انگريزي پڙهي نه سگهيو. ڏيپلي ۾ رهي سنڌيءَ جا ست درجا پاس ڪيائين ۽ پوءِ واپار ڪرڻ لڳو. انهيءَ م هڪ مولوي صاحب کان زليخا تائين پارسي جي تحصيل ڪيائين. ذاتي صلاحيتون ته منجهس ڄمندي ئي ڄميل هيو، ان ڪري گجراتي، هندي، گرمکي، اردو ۽ انگريزيءَ مان به پوري پني واقفيت ورتائين. عربيءَ جي تعليم باقاعدي ته ڪانه ورتل اٿس، قرآن شريف جو باترجمي مطالعو، سوايترو ته گهڻو ڪيو اٿس، جو ڪنهن به آيت جو ترجموبنا هٻڪ جي ڪري سگهندوآهي. بلڪ عربيءَ جي ڪابه عبارت يا شعر وغيره به سمجهي سگهندو آهي. تازو سنڌيءَ ۾ اديب، پاس ڪيو اٿس. محمد عثمان ڏيپلائي، منهنجو مُحسنُ(شيخ اياز ) نه ڄاڻان ته ڏيپلائيءَ جو نالو ٻڌي،مون کي چو. اين. لائي جو نالو ڇو ياد ايندو آهي! شايد انهيءَ ڪري جو ٻنهي نالن جو پويون اڌ ساڳيون آهي، يا انهيءَ ڪري جو ڏيپلائيءَ جي منز مزاح ۾ چيني ططنزو مزاح جي خوشبوءِ آهي، جاٽينءَ کا ڇهين صدي قبل از مسيح تائين جهوني آه، ۽ جنهن جو اظهار ڪهاڻين ۽ تمثيلن ذريعي ٿيل آهي. ڪنفيوشس، يونان ۾ سقراط جي جنم کان ڏهاڪوسال اڳ سن 551 قبل از مسيح ۾ ڄائو هو ۽ اُن ۾ به ساڳيو مزاح ٿو ملي، جو يوناني ـ رومي روايت ( Greeco- Roman Tradition) ۾ پوءِ پيدا ٿيو. ڪنفيوشن اُن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صحب جي چهري تي لڙيل مڇون ڏسي، ڪنفيوشس کان اڳ ۽ هن کان پوءِ واري چيني طنز ۽ مزاح جي ياد ڏياريدنو آهي، جنهن ۾ اديب ، لطيفا ٻڌائي، انهن سان پنهنجي رووڌيءَ ڌر کي ڦهه ڪري ڪيرائيدنا هئا.۽ انهن ۾ پنهنجا متا چڱيءَ طرح سمجهائي سگهندا هئا يا جن سان هو پنهنجي بيان کان ٻارهر، ۽ باطني سڇ به ڇُهي سگهندا هئا. سٺ واري ڏهاڪي ۾ ، جڏهن سنڌي روزاني اخبار” مهراڻ“ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه، منهنجي ۽ مون سن گڏ سنڌ جي ترقي پسند ادب جي خلاف، اسلام ۽ ديني حميت ۽ غير ت جي نالي ۾ ڪات ڪهاڙا کنيا هئا ، روزاداريو لکندو هو ۽ ڪالم لکارئيندو ۽ پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪندو هو: تڏهن حيدرآباد ۾ منهنجي ملاقات ڏيپلائي صاحب سان، جوبي صاحب جي معرفت ٿي هئي. ان پهرينءَ ملاقات ۾ ئي مون کي، هن مارن رفاقت جو احساس ٿيو هو ۽ هن سان عقيدت ۽محبت ٿي وئي هئي. پوءِ حيدرآباد ۾ هن سان اڪثر هر انهيءَ ادبي نشست ۾ ملاقات ٿيندي هئي، جنهن جي صدارت لاءِ مون کي گهرايو ويندو هو. ان دور ۾ ڪنهن دوعت تي يا رٽز يا فاران هوٽل ۾ منهنجي رهائش وت ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ هن جي صحبت جو فيض حاصل ٿيندو هو. ڏيپلائي قلندر صفت مصلح، اديب ۽ صحافي (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ) سنه 1930ع کان سنه 1935ع واري دور ۾، جڏهن آءُ هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس، تڏهن ڏيپلائي صاحب جو نالو پهريون دعو منهنجي ڪن تي پيو اھن وقت هن ميرپورخاص ۾ “ اسلاميه دارالاشاعت ، قائم ڪيو هو. ڏيپلي جو نوجوان محمد عثمان ولد حبيب الله ميمڻ صرف ست درجا سنڌي پڙهيل هو، پر سندس ڪتابي علم کان سندس عقل گهڻو ئي ڏوو هو. جنهن عقلمنديءَ همٿ ۽ حوصلي سان ٿر جي هڪ غريب نوجوان ٽيهن سالن جي عمر اندر پنهنجو گهر ڇڏي،گهر ڇڏي، ميرپورخاص جهڙي شهر ۾ پنهنجي علميءَ جي شروعات ڪئي ۽ مسلسل محنت سان اڳتي وڌي ڪامياب ٿيو، تنهن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ ترقيءَ جو هڪ وڏو سبق سمايل آهي. سنه 1935 ع کان سنه 1980ع تائين 45 سالن جو وڏو عرصو ڏيپلائي صاحب جي مسلسل جدوجهد ۽ ڪاميابين جو دور آهي، جنهن ۾ سندس ج زوي ناڪامين کا سندس وڏين ڪاميابين ڍڪي ڇڏيو. ڏيپلائي صاحب مرحوم جي سوانح عمريءَ تي گهنو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ سمجهدار صاحبن لکيو آهي. سندن تجزيي توڙي مرحوم ڏيپلائيءَ جي عملي ڪوششن، ڪاوشن ۽ تحريرن جي مطالعي مان سندس لياقت ۽ قابليت جا ڪئين رُخ معلوم ٿين ٿا. هو صحافي، ايڊيٽير، اديب، پبلشر، مصنف، افسانه نگار ۽ ڊرمه لکندڙ هو. هو اسلامي تاريخ کان باخبر ۽ صحيح اسلامي جذبو رکندڙ هو. وطن جي حب سان سرشار ۽ وطن جي آزاديءَ جو علمبرادر هو. هن اسلامي دنيا جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. محترم ڊاڪٽر محمد علي صديقيءَ جي چوڻ مطابق انهون نه هر مسئلي پر قلم اُڻهايا، ۽ بقول محمود شام صاحب، وه ايک فعال شخص اور ايک مصلح تهه. اڳتي هلي هن پنهنجي مسلم معاشري جي دفاع ۽ اصلاح طرف توجهه ڪئي ۽ ٻه عملي قدم کنيا: پهريون ته سنڌ جي ڪٽر هوندو لکندڙن. سڀ نه آريا. سماجين ۽ هندو اخبارن جي ايڊ يٽرن طرفان مسلمانن جي خلاف مچايل هلچل، مسلامن هيروز جي ڪردار ڪشي ۽ اسلامي عقيدن جي بيحرمتيءَ خلاف قلم کنيائين. پنهنجين تحريرن ۽ تصنيفن ذريعي مخالفن جا جهڙا الزام، تهڙا زوردار جواب ڏنائين ۽ بالاآخر اُن ڪٽر گروههه کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين . مير پور خاص جي اخبار مسلمان جو نامور ايڊيٽر ۽ اديب محمد هاشم مخلص ۽ حيدرآباد جي اخبار جو ايڊيٽر مولي نور محمد نظاماڻي، جيڪي ڏيپلائي صاحب سان اول وڙهيا، پوءِ سندس قلمي جهاد کان متاثر ٿي ، جيڪي ڏيپلائي صاحب سان اول وڙهيا، پوءِ سندس قلمي جهاد کان متاثر ٿي، سندس قدران ٿيا. هندو لکيڪن جو جواب ۾ ڏيپلائءَ جيڪي ڪتاب لکيا، تن اُن وقت جي سنڌي مسلمان نوجوانن ۾ خوداعتمادي ۽ خودداريءَ جي لهر آندي. انگريزن پنهنجي سامراجي سازش سان سنڌ جي مسلمانن کي اقتصادي توڙي تعليمي ترقيءَ کان پري رکيو ۽ هڪ اهڙي ةضا پيدا ڪئي، جو مسلمان ڄٽ سڏجڻ لڳا. سرڪاري ڪامورا اُن وقت کُلي طور چوندا هئا ته هي ڄٽن جا پُٽ ڪين پڙهندا ! اهڙي ماحول۾ خود مسلامنن تي حقارت نفسي طاري ٿي. هو پاڻ کي واقعي جاهل سمجهڻ لڳا. پر جڏهن ڏيپلائيءَ جا ڪتابن تي ڪتاب اچڻ لڳا، تڏهن مسلامنن جي عام طبقي ۾ ڪجهه ساهه پيو . ڏٺائون ته مسلمانن ۾ به ڪو ايترا ڪتاب لکي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان مان ڪو صاحب اُن دور جا لکيل ننڍا وڏا ڪتاب گڏڪري ۽ ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾ ڏيپلائيءَ جا ڪتاب رکي ۽ ٻئي پڙ ۾ اُن وقت جي هندو ليکڪن جا، ته ڏيپلائيءَ وارو پاسو ڳرو ي ويندو! ميان محمد عثمان ولد ميان حبيب الله ميمڻ ڏيپلائي (جي ايم سيد ) ميان محمد عثمان، 13 جون 1908ع تي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو. اتي ئي ڇهه ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. ستن ڀيڻن جو هڪڙو ڀاءَ هئڻ ڪري، کيس مائٽ مٺِءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ موڪلي نه سگهيا . فارسي، هڪ مولويءَ کان پڙهيائين. آهستي ڪري گرجراتي، هندي، گُرمکي، اردو۽ ٿوري انگريزي به سکي ويو. عربيءَ جي تعليم ڪا نه اٿس، پر قرآن شريف سمجهي ويندو آهي. پهرين واپار ڪيائين، پر ان مان گذر معاش ڪارفي نه ملڻ ڪري، زميندارن جي ملازمت ۾ٽيهن سلان تائين رهيو. هي ٽنڊي باگي، بدين کپري، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ رهيو . هن کي ننڍي هوندي کان اخبار ۽ آکاڻين پڙهڻ جو شوق هوندو هو . انهيءَ زماني ۾ حڪيم عبدلخالق. خليق، مورائي رسالو ترقي ڪڍندو هو، جنهن جي پڙهڻ ڪري کيس مضمون نويسيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. حڪيم صاحب جي ٻئي رسالي. علمي دنيا ، ۾ پهريون افسانو، چنڊ سهڻو يا انسان ۽ وري انهيءَ رسالي ۾ فريبي دنيا لکيائين. 1934ع ۾، حيدرآباد ۾ حڪيم عبدالخالق سان ملاقات ٿيس. هن جي چوڻ تي ڪي قرآني دعائون، لکي مسلم ادبي سوسائٽيءَ ذريعي شايع ڪرايائي. حڪيم عبدالخالق جي ناول سندري، عبدالعليم شرر ۽ راشدالخيري جي ناولن به اثر ڪيو ٿو ڏسجيس. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته منشي صادق، نسيم حجازي ۽ ايم. اسليم جا ناول به هن پڙهيا آهن. هن مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي صلاح سان سنگ دل شهزادي ، لکيو جنهن جي رٿا منشي صادق جي ڪتاب . آرمينا ڪا چند تان ورتل هئي. هن پوءِ اسلاميه دارالاشاعت، اول ميرپورخاص ۾ قئم ڪيو . ڏيپلائي صاحب طبيعت جو پُپ خلوص جذباتي انسان آهي ، ان ڪري هن ابتدا کان وٺي مختلف عمل ۽ رد عمل جي چڪرن ۾ ڦاسي ، تبليغي جو ش سان ڪيترن مضموننن تي پئئي کليوآهي. سندس پهريون رد عمل مولوي حاجي عبدالرحيم پڇمي ۽ مولوي حاجي احمد ملاح جي ثرن هيٺ پير پرستيءَ خلاف پيدا ٿيو. هي جڏهن لکڻ ويهندو آهي ته جوش ۽ جنون وچان معياري زبان کي خير باد ڪري، طنز ۽ نڪته چينيءَ کي حد تائين پهچائي ڇڏيندوآهي. مرشدن جي خلاف جڏهن لکيو اٿس ته مرشد ڏاڙهي، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي نٿ وغيره جهڙن عنوانن سان لکي وڃي پار پيو آهي. وري جڏهن ملا واري مذهب جو شوق جاڳيو اٿس ته شيواجي شيش محل . ۽ ڏاهري رنگ محل جهڙا ڪتاب لکي، هندو سوسائٽيءَ تي حد کان ٻاهر حملا ڪيا اٿس ، ته ٻئي طرف مسلمان بادشاهن ۽ حملي آور ُورن کي ڪي منجهان ڪجه بنائي ڏيکارڻ جي ڪوکشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ طرح پيرن جي بدعتن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندي وڃي. فرقي پرستيءَ م ڦاٿو ۽ گهڻائي ڪتاب لکي ويٺو.حقيقت ۾ لکڻ جي مشين آهي. خيال ايندي هڪ ناول لکي ويندو آهي. جهڙيءَ طرح لکڻ ۾ مشق اٿس، اهڙي پڙهڻ ۾ درڪ اٿس. ڪيڏو به ڪتابا حلد پڙهي ويندو آهي. هڪ گمنام سپاهي( پير علي محمد راشدي ) هتان جي ( سنڌ ) .. هڪ گمنامم سپاهيءَ کي خدا ڪارڻ نه وسارڻ گهرجي، جنهن ساري زندگي قوم جي خدمت ڪئي، مگر قوم کان معاوضوه نه ورتون. ساري عمر محنت ڪئي ۽ محنت ڪندي ڪندي مري به ويو، مگر نه مزدوري طلب ڪيائين، نه احسن ڌريائين. بکون ڪڍيائين ته فاقهه مسست رهيو، جيل ۾ ويو ته مشقت کي مسرت سمجهايائين، غيرن کيس ستايو ته به ڪجهه نه ڪڇيائين، پنهنجي لاپرواهي ڪئي ته اُف نه ڪيائين. صحافت ڪيائين ته صحافت کي امانت سمجهائين. ايترو لکيائين، جو سندس جسماني قوتون جواب ڏئي ويون، مگر همت نه هاريائين. اڌ رنگ ٿيس ته بيهوش رهيون، مگر انهيءَ حالت به وات مان ڪڏهن ڪڏهن آواز نڪتو ته ” واسڪوٽ آڻيو، رڪشا گهرايو، دفتر وڃڻو، رڪشا گهريو، دفتر وڃڻو آهي، ڪم ڪرڻوآهي“. ڪم سان محبت جو هيءُ حال هو ، جو هڪ سئو چاليهه ڪتاب ( بعض ضّيم ۽ ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل ) ۽ هزارين مضمون لکڻ کان سواءِ ڪيئي رسالا ۽ اخبارون به هلائيندو رهيو. اسان هو يا جن، هيءَ سندس صحافت ٿي يا ڪٽر هندؤ ۽ انگريز کان بغاوت جي علامت، اهو جيصلو ڪرڻ مشڪل هو. سورهن ورهين جي عمر ڻ باهه دُکي ۽ چوهٺ سالن تائين نه اجهاڻي. دل جي باهه هئي، لڳي ته نه اُجهاڻي. انهيءَ باهه جي ڪرشمن جو اهلِ بصيرت کي خوب اندازو ورهيو آهي. جتي اها باهه ڀڙڪي، لوهه کي سون بنائي ڇڏيائين. ان جي جلايل عاشقن جي پير ن جا نشان اڄ به نجد جي صحرا کان وٺي جامع مسجد دهليءَ جي ڏاڪڻين جي سامهون تائين، جتي سرمد ستل آهي، اهلِ دل جا سجده گاهه بنيل آهن.
جواب: محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن جو خاڪو محمد عثمان ڏيپلائي جون ڪجهه چونڊ تصويرون
جواب: محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن جو خاڪو ڏيپلائي صاحب جي پٽ محمد علي ڏيپلائي جي تصوير بشڪريه سنڌي ڪتاب ڊاٽ نيٽ