دنيا جي ملڪن اندر اتان جي عوام لاءُ انصاف جي فراهمي ايتري ته آسان آهي جو اتان جا ماڻهون پنهنجو هر جائز مطالبو ۽ انصاف جي حاصلات لاءُ اتان جي انصاف ڏيندڙ ادارن جو در کڙڪائي انصاف حاصل ڪن ٿا.. جڏهن ته اسانجي پياري پاڪستان اندر صورتحال انهي جي ابتڙ آهي.. هتي انصاف جي فراهمي غريبن جي پهچ کان سوين ميل دور ۽ اميرن جي بنگلن تي رات هجي يا ڏينهن مطلب ته هر وقت انهن وٽ سلامي آهي، پاڪستان ۾ موجود انصاف ڏيندڙ ادارا هتان جي غيور عوام لاءُ انصاف ڏيندڙ گهٽ عذاب ڏيندڙ وڌيڪ آهن هتي جا ماڻهون انصاف جي اوسئڙي جواني کان پوڙهائپ تائين صرف ۽ صرف انصاف جي آسري ئي رهجي ٿا وڃن ۽ ڏسندئي ڏسندي هن جهان کان موڪلائي قبر جو پاسي وسائن ٿا پر انصاف ڪندڙ ادارا انهن کي صرف ذليل و خوار ڪرڻ کانسوءُ ٻيو ڪجه به نٿا ڏئي سگهن... جڏهن ته هتان جو ڪو به اهڙو ادارو جينهن ۾ هن ملڪ جي آزاد عدليا جيڪا اميرن کي ته جلد انصاف ٿي ڏئي ۽ غريب عوام کي صرف مايوس ڪرڻ کانسواءُ ڪجه ناهي ڏئي سگهي، ائين چوڻ مناسب لڳندو ته پاڪستان جا انصاف ڏيندڙ ادارا صرف نالي ۾ آزاد آهن، باقي آهن هن ملڪ جي اميرن وٽ وڪاميل اهي انصاف جي گهر جتي عوام اميدن لڳائي ذليل و خوار ٿئي ٿو
جتي انسان خود پنهنجي ڳالهين جي ابتر هلن اتي انصاف ته ڇا ضمير به وڪامجي ويندا آهن......اسان جي سماج ۾ ته مڪمل جيڪو ڏاڌو سو گابو واري ڪار پئي هلي.. عمل پري پري تائين نه ملندو
اڄڪلھ اسان مان هرڪنهن کي هي به مرض آهي ته اسن رڳو معاشري جي بيمارين تي ڏاڍو سٺو ڳالهائيندا ۽ لکندا آهيون حالانڪه اهي مرض اسن ۾ به هوندا آهن پر پاڻ ڏي ڪنهن جي به نظر نه ويندي آهي