مختيار احمد ملاح ڪلهوڙن جو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪلهوڙن سنڌ تي مني صدي حڪومت ڪئي. ميان نصير محمد، ميان يار محمد، ميان نور محمد، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو، ميان سرفراز خان ڪلهوڙو هن دؤر جا اهم حڪمران ڄاتا وڃن ٿا. هن دور ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي خونريزي جا واقعا رونما ٿيا، ان جي باوجود قومي ترقيءَ لاءِ راھ هموار ڪيائون، جديد آبپاشي نظام ڏنائون، زراعت کي ترقي ڏياريائون نت نوان شهر آباد ٿيا، تختگاھ، ڪوٽ، قلعا ۽ بندگارھ وجود ۾ آيا، ادبي ۽ علمي طور تي به ڪلهوڙن جو دور سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. شاھ للطيف جهڙو آفاقي شاعر هن دور ۾ موجود هو. ڪلهوڙن جي دور تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ڪلهوڙن جي دور تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. پر ڪلهوڙن جي دور تي سڀ کان وڌيڪ تفصيلي تحقيق غلام رسول مهر ڪئي آهي. مولانا غلام رسول مهر جو جنم 13 اپريل 1893ع ۾ ڦول پور ضلعي جالنڌر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ڪاليج جي تعليم لاهور مان حاصل ڪيائين. لاهور ۾ اچي مسلمانن جي سياست ۾ دلچسپي رکيائين. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. سڀ کان پهريائين ”زميندار“ اخبار لاءِ لکڻ شروع ڪيائين ۽ پوءِ ان ئي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. هتي ئي سند ملاقاتون غلامه شبلي نعماني ۽ نواب وقار الملڪ سان ٿيون تي علامه محمد اقبال جي شاعريءَ مان متاثر ٿيو، ۽ کيس روبرو ٻڌائين مولانا ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ئي رهيو. جتي سندس صحافتي ادب عروج تي پهتل هو ۽ هن صحافت کي پنهنجو پيشو بڻايو حيدرآباد ۾ اچي هن خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو. مولانا آزاد ۽ سندس اخبار ”الهلال“به متاثر ٿيو. مولانا غلام رسول مهر سڄي عمر لکيو، هو شاعر، محقق، تاريخدان، سوانح نگار ۽ غالب ۽ اقبال جي شاعريءَ جو وڏو شارح هو. يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر به ڪيائين. ملڪي سياست ۾ به سندس اهم ڪردار هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس آتم ڪهاڻيءَ جو نالو ”مهر بيتي“ آهي. آزاديءَ کان پوءِ مستقل لاهور ۾ رهڻ لڳو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. غالب جي خطن کي غالب کي خطوط جي نالي سان ٻن جلدن ۾ ترتيب ڏنائين، اسلام بابت به ڪتاب لکيائين. ”سيرت امام ابن تميمه“ سندس اهم ڪتاب آهي 1857ع جي معرڪي تي به ڪتاب لکيائين. ٻاراڻي ادب ۾ به حصو ورتائين. هن نامور اديب ڪلهوڙن جي دور تي ٻن جلدن ۾ تاريخ سنڌ لکي غلام رسول مهر 16 نومبر 1971ع ۾ وفات ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جي ابتدائي دور ۾، سنڌ جي تاريخ لکرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو ۽ ان مطابق اٺن جلدن ۾ تاريخ کي مرتب ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. ادبي بورڊ ملڪي سطح تي نامور ليکڪن کي سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ڪتاب جوڙڻ جو منصوبو شامل هو. ان سلسلي ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ، سيد سلمان ندوي، غلام رسول مهر، پير حسام الدين راشدي مولانا غلام رسول مهر کي ڪهلوڙن ۽ ٽالپرن جي دورن تي ڪم سونپيو ويو. ان سلسلي ۾ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ”مولانا مهر سڀ کان اول ڪلهوڙن جي دور تي قلم کنيو ابتدا ۾ خيال هو ته ان دور تي تمام گهٽ معلومات موجود آهي. ان لاءِ بورڊ ان دور لاءِ اٽڪل 400 صفحن تي هڪ ڪتاب کي ڪافي سمجهيو، مگر مولانا حالتن جون ڪڙيون ملائي وڌيڪ تحقيقي، ڇنڊڇاڻ شروع ڪئي ته ايترو مسالو گڏ ٿي ويو جو هڪ هزار صفحن کان به وڌي ويو، ان ڪري ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. غلام رسول مهر، سنڌ جي تاريخ لکڻ تي ڪافي محنت ڪئي ۽ هن منتشر مواد کي مرتب ڪري، واقعن جو ڪڙيون ملائي ڪلهوڙن جي دور جي هڪ واضح تصوير جوڙي ورتي. سندس ڪتاب ٻن حصن ۾ 1963ع ۾ شايع ٿيو ۽ بعد ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ٻيهر 1996ع ۾ شايع ٿيو. ڪلهوڙا دور جي تاريخ تي هن وقت هي اهم ڪتاب ڄاتو وڃي ٿو. سندس ڪتاب جي ٻنهي جلدن کي شمير الحيدري ۽ ابن حيات پنهور سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته ” ڪلهوڙن جي هن اڀياس ۾ غلام رسول مهر جي ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور مان گهڻو استفادو ڪيو ويو آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” غلام رسول مهر صاحب وڏي محنت، اٿاھ عرقريزيءَ سا سوين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب مان مواد حاصل ڪري ڪلهوڙن جي تاريخ کي سلسليوار ترتيب ڏنو. ان سان گڏ اقتصادي حالتن، علمي ترقين ۽ يادگار تعميرات تي به لائق مصف چڱي روشني وڌي هئي. ڪتابن جو پهريون جلد 42 بابن ۾ ورهايل آهي، ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ 39 باب آهن، ڪتاب جي ٻنهي جلدن ۾ ٻه خاص ڳالهيون آهن، هڪ ته ڪتاب ۾ واقعن جو تسلسل شاندار نموني برقرار رکيو ويو آهي ۽ واقعن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پنهنجي دور تائين پهريون ڪتاب هو، جنهن ۾ ڪلهوڙن جو حڪومتي نظام، ان دور جون اقتصادي حالتون، صنعت تجارت، درٻارجي عالمن، فاضلن ۽ شاعرن جو احوال ۽ ڪلهوڙن جا شجرا به ڏنا ويا آهن. واقعن جي ترتيب ۽ تسلسل جي حساب سان غلام رسول مهر پاڻ لکيو آهي ته ”ڪتاب ۾ مان واقعن کي محض واقعن جي حيثيت ۾ نه رکيو آهي. پر هر واقعي جا سبب ۽ عوامل پسمنظر ۽ نتيجا ۽ هڪ هڪ ڪنڊ کي واضح ڪيو ته جيئن ان جي حقيقي حيثيت سامهون اچي.“ هر واقعي متعلق ڪتابن حوالا ڏنل آهن. اهو ان لاءِ ضروري هو ته جيئن ڪتاب مستيدن تاريخي واقعن تي منبي هجي. انهن مان ڪيترائي ماخذ قلمي هئا ۽ پڙهندڙ جي انهن تي دسترس حاصل نه هئي. اهي حوالا کڻي پڙهندڙن جي پڙهندڙن کي انهن قيمتي حوالن کان پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪوئي به واقعو بغير حوالي جي ڪتاب ۾ ڏنل نه آهي. ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي دعويٰ آهي ته اهيءَ حضرت عباس عليه اسلام جي نسل مان آهن. ان سلسلي ۾ غلام رسول مهر لکيو آهي ته ڪلهوڙا ۽ دائود پوٽا اگر حضرت عباس جي نسل مان نه به هجن ها تڏهن به اهي ڪارناما انجام ڏين ها، جن سان تاريخ جي صفحن ۾ کين اهو مقام حاصل هجي ها، جو کين اڄ حاصل آهي. ان جي برعڪس هو ڪو به قابل ذڪر عمل و حرڪت نه ڪري ڏيکارين ها ته، ان جي عظمت محض عباسي هجڻ جي ڪري نه ٿئي ها، بلڪه حقيقي ڪارنامن جي ڪري ٿئي ها. غلام رسول مهر اُهي حالات ۽ واقعات بيان ڪيا آهن، جن جي ڪري دائود پوٽا ۽ ڪلهوڙا جيڪي هڪ خاندان مان هئا، اهي الڳ ٿي ويا، هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ ميان وال تحريڪ جو باني آدم شاھ ڪلهوڙو 1566-1600 هو. هو سيد محمد جو نپوريءَ جو مريد هو آدم شاھ ڪلهوڙي لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن شهنشاھ اڪبر جو سپاهي، سندن سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملا ڪري، ملڪ کي فتح ڪري رهيو هو ته ميان آدم شاھ ڪلهوڙي کيس فتح جي دعا ڪئي هئي. فتح کانپوءِ مغلن، کيس چانڊڪا پرڳڻي ۾ جاگير عطا ڪئي هئي. ڪلهوڙا، خاندان جي حڪومت جو باني دراصل آدم شاھ ڪلهوڙو ئي هو. ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ ميان يار محمد وڏي اهميت رکي ٿو. هن لاءِ مشهور آهي ته هن سنڌ جي هاري تحريڪ جي علمبردار شاھ عنايت جي سر جو سودو مغلن سان ڪري کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. مغل حڪومت جڏهن باقاعده ڪمزور ٿيڻ لڳي ته هنن 1700ع ۾ سبي ۽ اتر سنڌ جا حصا حڪومت لاءِ ميان يار محمد جي حوالي ڪري ڇڏيا. ميان يار محمد جي دور ۾ يا کائنس اڳ جيڪي شاھ عنايت جي شهادت يا وري دائود پوٽن سان معرڪا ٿيا، انهن سڀني جو تفصيل غلام رسول مهر واقعن جي ترتيب ۽ حوالن سان ڏنو آهي. غلام رسول مهر، ميان يار محمد جي باري ۾ لکي ٿو ته جڏهن خانداني رياست جي دستار ميان يار محمد جي مٿي تي رکي ويئي ته حالتون سازگار ٿي چڪيون هيون وڏو ڀاءُ قيد بند ۾ موت جي منهن ۾ وڃي چڪو هو. ملڪيت لکجي چڪي هئي. شاهي فوج سندس ڳولا ۾ هئي. عقيدتمند ڇڙوڇڙ ٿي چڪا هئا ۽ خاندان لاءِ ڪٿي به پناھ نظر نه اچي رهي هئي. اهڙين حالتن ۾ ميان يار محمد ڪم شروع ڪيو. جڏهن هن دنيا مان سندس مڙھ کنيو ويو ته هو سنڌ ۾ هڪ وڏي رياست جو مالڪ ٿي چڪو هو. سندس شان، نظم و نسق واڪو پري پري تائين وڃي هيو هو. اڪيلو اهو ئي واقعو سندس عظمت جو درخشان نشان آهي. “ ميان يار محمد کانپوءِ سندس پٽ ميان نور محمد تخت تي ويٺو، سندس دور سنڌ ۾ تباهيءَ جون نيون روايتون کڻي آيو. مخدوم عبدالرهيم گرهوڙيءَ جي شهادت سندس دور ۾ ٿي. 1739ع ۾ نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪري وڏي تباهي مچائي. سنڌ جو علم و ادب پاڻ سان کڻائي ويو. ميان نور محمد ان دور جي ايڪيهه لک سالياني خراج عيوضن نادر شاھ سان ٺاهه ڪيو. ان کان علاوه دائود پوٽن سان لڙايون، بروهين سان لڙايون ۽ ٻياڪيترائي محاصره ٿيا، جن جو تصفيل ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. کهڙن جي مخدومن جو المناڪ واقعو به ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ٿيو. ميان نور محمد جو دور جيتوڻيڪ جنگين ۽ لڙاين سان ڀرپور آهي، پر هن هڪ خود مختيار سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندس دور ۾ علم و ا دب ۽ تعليم جي ميدان ۾ به وڏي ترقي ٿي. هن خودمختيار سنڌ تي 35 سال حڪومت ڪئي. ميان نور محمد جي عظمت بيان ڪندي غلام رسول مهر لکيو آهي ته ”جڏهن نهايت نازڪ حالتن ۾ ملڪي انتظامن جو بار سندس مٿان پيو ته ان بار کي عزم ۽ همٿ سان کنيائين. جيڪو شايد ڪو ٻيو نه کڻي سگهي ها. سندس باري ۾ ڪو به نه ٿو چئي سگهي ته هو ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کان پوئتي هو ميان نور محمد حڪومت جون سرحدون والد جي زماني کان وڌيڪ وسيع ڪيون.“ ان کانپوءِ ۽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو تخت تي ويٺو يا ويهاريو ويو. غلام شاھ ڪلهوڙو هڪ مدبر حڪمران هو، پر سندس سڄو دور به ملڪي طور انتشار ۾ رهيو. هن انگريزن کي سنڌ ۾ تجارتي ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني ۽ هڪ نئون محاذ کوليو، غلام رسول مهر مطابق جيتوڻيڪ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو پڙهيل لکيل ڪونه هو، ليڪن ملڪي حالتن هلائڻ جي، قدرت جا کيس صلاحيت ڏني هئي اها هن استعمال ڪئي ۽ پنهنجي حيثيت مڃرائي. ڪلهوڙن جو زوال ان وقت آيو جڏهن ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي 1772ع ۾وفات ٿي ۽ تخت تي سندس پٽ ميان سرفراز خان ويٺو هو. غلام شاھ ڪلهوڙو ته ذهين ۽ مدبر حڪمراني هو، ان جي برعڪس ميان سرفراز خان قابل حڪمران ثابت ٿي نه سگهيو. هن کان پهرين غلطي اها ٿي ته هن ملڪ جي گادي بدلائي، نئون شهر خداآباد تعمير ڪري ان کي تخت گاھ ڪيو. ۽ ٻي غلطي ڪيائين جو پنهنجي ويجهي رفيق، ٽالپرن جي سردار مير بهرام خان ٽالپر کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ان تان ٽالپرن کائنس بغاوت ڪئي ۽ وڏو لشڪر ڪاهي آيا. ميان سرفراز خان وڏو لشڪر ڏسي حيدرآباد قلعي ۾ پناھ ورتي، جتي کيس معزول ڪيو ويو.اهڙي طرح گاديءَ تي ميان غلام نبيءَ کي ويهاريو ويو. سندس وفات کانپوءِ ميان عبدالنبي حڪمران بڻيو، جيڪو ميان غلام النبي جو ڀاءُ هو. ميان سرفراز کي 1777ع ۾ قيد اندر قتل ڪيو ويو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وڌندڙ دشمني جي باھ ختم نه ٿي. آخر جنگ هالاڻي ۾ 1782ع ۾ لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙي جي حڪومت جو سج هميشه لاءِ لهي ويو ۽ ٽالپر حڪمران بڻيا. غلام رسول مهر صاحب انهن سڀني واقعن ۽ معرڪن جا تفصيل ۽ سبب تمام سٺي نموني حوالن سان ڏنا آهن. غلام رسول مهر جتي ڪتاب ۾ ڪهلوڙن جي دور جا واقعا ڊگهي تفصيل سان لکيا آهن، اتي هنر، صنعت، تجارت وغيره تي به سٺي نموني لکيو آهي ۽ ملڪي معاشي ۽ معاشرتي حالتن تي به لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان ۾ تسلسل نه آهي. اهڙي طرح غلام رسول مهر صاحب سنڌ جي علمي ۽ تعليمي حالتن تي به ڀرپور روشني وڌي آهي. ان دور جي استادن، عالمن، شاعرن، مؤُرخن ۽ مدرسن جي به سٺي معلومات فراهم ڪئي آهي. ادب جي لحاذ کان سنڌ ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ جيڪو به ادب تخليق ٿيو. ان کي الڳ الڳ بيان ڪيو اٿائين. شاھ لطيف جي شخصيت ۽ شاعري جي باري ۾ پورو هڪ باب لکيو اٿائين. ڪلهوڙن جا حسب نامه، تصويرن، مزارون، عمارتون، ڪوٽ قلعا، آباديون، آثار، سرڪاري انتظام، لکتون، مهرون، ٺاھ نامه، سڪا، مطلب ته هڪ گزيٽيئر وانگي هر شئي جي معلومات غلام رسول مهر صاحب پنهنجي ٻنهي جلدن ۾ ڏني آهي هي تاريخ سنڌ جي لکيل تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور جي باري ۾ هڪ جامع، تحقيقي ۽ معلوماتي تاريخ آهي