آمريڪي تحقيق ڪندڙن خبردار ڪيو آهي ته گھٽ طاقت واريون اينٽي بايوٽڪ دوائون به اسان جي آنڊن ۾ موجود صحت لاءِ ڪارائتن جراثيمن جو انگ کٽائي سگھن ٿيون، جنهن ڪري صحت جا نوان مسئلا سامهون اچي سگھن ٿا. ٽن عورتن تي ٻڌل هڪ طبي جاعزي ۾ ڏٺو ويو آهي ته انهن عورتن کي ڏني ويندڙ اينٽي بايوٽڪ دوا سائپروفلوڪ سيسين (Ciprofloxaci) آنڊن ۾ موجود ڪارائتن جراثيمن جي سڄي آباديءَ کي بلڪل صاف ڪري ڇڏيو، جڏهن ته انهن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ عورت جي حالت بهتر ٿيڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳا. ”پروسيڊنگر آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز“ ۾ ڇپجندڙ هِن جائزاتي رپورٽ سان ذهني چٽاڀيٽيءَ تي ٻڌل ان عام خيال کي وڌيڪ طاقت ملي آهي ته اينٽي بايوٽڪ دوائون جسم ۾ موجود ڪارائتن جراثيمن کي نقصان پهچائينديون آهن. ان خيال جي بنياد تي ”پروبايوٽڪ“ شيون تيار ڪيون ويون جن ۾ ڌؤنرو (ڏهي) به شامل ڪيو ويو، انهن شين ۾ موجود ڪارائتا جرثوما اينٽي بايوٽڪ جي ور چڙهندڙ صحت بخش جراثيمن جي اڻاٺ کي پورو ڪندي آهي. اينٽي بايوٽڪ دوائن جا اثر جاچڻ وارو هي جائزو ڏهن مهينن تائين هليو، ان دوران ٽنهي رضاڪار عورتن کي عام طور استعمال ٿيندڙ هڪ اينٽي بايوٽڪ دوا اسائپروفلوڪ سيسين جو پنجن ڏينهن وارو ڪورس مڪمل ڪرايو ويو. هي دوائون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کارايون ويون. ان کان پوءِ سندن پائخاني جي نمونن جو DNA ٽيسٽ اهو ڏسڻ لاءِ ڪيو ويو ته ڪهڙي قسم جا جراثيم سندن آنڊن ۾ موجود آهن. ڪيليفورنيا ۾ اسٽال فورڊ يونيورسٽي جي ليس ڊيٿ ليفيسن ۽ ڊيوڊ ريل مين پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته آنڊن ۾ موجود جراثيمن جي آبادي تي ساپئرو فلوڪ سيسين تيزيءَ سان ۽ تمام گھرو اثر ڪيو هو، جيتوڻيڪ هر ڪورس جي ختم ٿيڻ تي هڪ هفتي بعد انهن جراثيمن جي واپسي شروع ٿي پئي وئي پر اها واپسي گھڻو ڪري نامڪمل ئي رهي. ان کان پهريان به ڪيترن ئي جائزن کان پوءِ ان ڳالهه جي پوئواري ٿي چڪي ته انسان ۽ ٻيا جانور جراثيمن سان تمام گھرو تعلق رکن ٿا، يعني انسانن جي زندگي لاءِ جراثيمن سان گڏ رهڻ اڻٽر آهي. اسان جي آنڊن ۾ جيڪي جراثيم هوندا آهن اهي غذا هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ سٺا جراثيم پنهنجي جڳهه ٺاهي صحت بگاڙيندڙ جراثيمن کي اتي پهچڻ ناهن ڏيندا. آنڊن ۾ رهندڙ جراثيم ٿولهه تي به اثرانداز ٿيندا آهن ۽ الرجي کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. ماءَ جي کير ۾ موجود هڪ ڪارائتو جراثيم Lactobacillus Reuteri کير پياڪ ٻارڙن کي روٽا وائرس سبب ٿيندڙ انفيڪشن کان محفوظ رکندو آهي. جاچ ڪندڙن چيو ته اينٽي بايوٽڪ دوائن جو حد کان گھڻو استعمال انساني جسم ۾ موجود صحت لاءِ ڪارائتن جراثيمن جو وڏي بيدرديءَ سان صفايو ڪندو آهي، ان ڪري صحت کي خطري ۾ وجھندڙ اهڙا خطرناڪ جراثيم سامهون اچي رهيا آهن جن تي اڄ جون دوائون به بي اثر ٿي رهيو آهن. اينٽي بايوٽڪ دوائن جي غير ضروري ڪورسن سان اسان پنهنجن آنڊن ۾ ڪارائتن جراثيمن جي آبادي گھٽائي انهن جي جڳهه تي خراب اثر وجھندڙ جراثيمن کي پناهه ڏئي رهيا آهيون
انسان دوست بيڪٽيريا نه صرف هاضمي جي سسٽم ۾ رهندا آهن پر اهي جسم جي هر ان جڳهه تي موجود هوندا آهن جنهن جو تعلق ٻاهرين ماحول سان رهي ٿو. مثال طور: اسان جي جسم جو سڀ کان وڏو عضوو کل (Skin) آهي جنهن جو تعلق ٻاهرين ماحول سان هر وقت رهي ٿو. اسان جي کل ۾ ڪيترن ئي قسمن جا انسان دوست بيڪٽيريا رهن ٿا جيڪي انسان دشمن بيڪٽيريا مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کان اسان کي محفوظ رکن ٿا. ان کان علاوه اسان جي نڪ ۾ ، وات ۾، گلي ۾ ۽ پيشاب جي رستي وغيره ۾ به اهي انسان دوست بيڪٽيريا رهندا آهن جن جي موجودگي اسان جي صحت لا بيحد ضروري آهي. بدقسمتي سان اينٽي بايوٽڪس جو استعمال اڄڪلهه تمام گهڻو عام ٿي ويو آهي. اهي دوائون ٻنهي قسمن جي بيڪٽيريا کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. نتيجي ۾ اسان جي جسم جو حفاظتي سسٽم غيرفعال بڻجي وڃي ٿو. غيرضروري دوائن جو استعمال ۽ ڪنهن مستند ڊاڪٽر جي تجويز کانسوا، يعني پاڻ مرادو دوائن جو استعمال فائيدو گهٽ پر نقصان جو باعث زياده بڻجي سگهي ٿو.
بلڪل سچي ڳالهه آهي. اڃان ڪلهه ئي ڊاڪٽر وٽ ويس ته بُخار ٿو اچي روزانو. چيڪ اپ کان پوءِ گلو خراب هُجڻ جي خبر ملي ۽ گڏ ليوفلاڪسن اينٽي بايوٽڪ. گلو ۽ بُخار ته صحيح ٿي ويا پر هاڻ هاضمي جي خرابي جو ڇا ڪجي؟ ڪلهه کان جيڪو کاڌو آهي لڳي ٿو بس اجهو نڙي کان ٿيندو ٻاهر ٿو اچي.