سجاد حيدر علي قادري قسط 2 ڪابه ٽائون پلاننگ اوسيتائين مڪمل نه ٿي چئي سگهجي، جيستائين ڪه پاڻي جي پهچائڻ ۽ نيڪال جو هڪ ڳنڍيل ۽ بي عيب نظام ان جو حصو نٿو بڻجي. هونئن ته هر هڪ شهر جي بنيادي ڍانچي ۾ ان نظام جو موجود هئڻ هڪ لازم شرط آهي پر خاص طور تي اهڙا شهر جيڪي گودين (بندرگاهن) جي حيثيت رکن ٿا. ان ڪري جو اهڙن شهرن ۾ واپار سانگي يا گهمڻ ايندڙ ماڻهو مختلف علائقن ۽ قومن سان تعلق رکندڙ هجن ٿا. جيڪڏهن اهڙي شهر جو حال اهو هجي جو نالين جو پاڻي شهر جي رستن تي وهي رهيو هجي ۽ گٽرن مان بدبودار گپ اُڀامي رهي هجي ته ٻاهريان ماڻهو، ان شهر، ان قوم ۽ ان علائقي جي ماڻهن بابت ڪهڙو تاثر قائم ڪري پنهنجي علائقن ۾ کڻي ويندا. موهن جو دڙو به مرڪزي بندرگاهه جي حيثيت رکندڙ شهر هيو ۽ ائين لڳي ٿو ته هتان جا دراوڙ حڪمران ان معاملي ۾ به تمام حساس هئا ان ڪري تي انهن پنهنجي شهر ۾ صفائي ۽ نيڪال جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو جو جيڪڏهن انهن اصولن تي ٻڌل نيڪال جو نظام اڄ به هاڻوڪي سنڌ جي ڪنهن به وڏي شهر ۾ قائم ڪجي ۽ سندس جوڳي سار سنڀال لهجي ته صفائي جو مسئلو ڪڏهن به پيدا نه ٿئي. ان ڳالهه جو فخر به سنڌو ماٿري جي ماڻهن کي ئي حاصل آهي ته سموري دنيا ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جو ڳنڍيل سرشتو هن تي ڌرتي تي ٺهيو ۽ ان اعزاز ۾ سنڌو ماٿري سان ڪابه ٻي تهذيب شريڪ نه آهي. موهن جي دڙي جي هر هڪ گهر جو استعمال ٿيل پاڻي ننڍڙين ننڍڙين نالين ذريعي، وڏين نالين ۾ شامل ٿي ويندو هيو، جيڪي عام طور 19 انچ اونهيون ۽ 8 انچ موڪريون هونديون هيون. پاڻي جي مقدار جي لحاظ سان سندن اونهائي ۽ موڪر ڌار ڌار به آهي. انهن نالين جي تري کي مصالحي سان ليپو ڏنل هوندو هيو ته جيئن پاڻيءَ جو سيمو، ٺهيل عمارتن جي پيڙهه کي نقصان نه رسائي سگهي. هي ناليون مٿان وري خاص قسم جي سرن سان ڍڪيل رهنديون هيون پر انهن ڍڪ وارين سرن کي ليپو نه ڏنو ويندو هيو جو رڪاوٽ پيدا ٿيڻ واري صورت ۾ کين مٿي کڻي نالين کي صاف ڪيو ويندو هيو، ڪابه ننڍي نالي، وڏي نالي سان سڌو سنئون وڃي ڪونه ٿي ملي پر ننڍيون ناليون اڳ ۾ هڪ حوض ۾ ڪرنديون هيون ته جيئن پٿر يا ڪابه رڪاوٽ پيدا ڪندڙ ڳوري شيءِ ان حوض جي تهه ۾ هلي وڃي ۽ فقط پاڻي ئي وڏي نالي ۾ وڃي. موڪرين ۽ اونهين نالين ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي مين هول آهن. جن مٿان شايد ڪاٺ جا ڍڪڻ ڏنا ويندا هيا. انهن مين هولن ۾ لهڻ وارن جي سهولت لاءِ ڏاڪا ٺهيل هئا (هي مين هول دنيا جا پهريان مين هول سڏجي سگهجن ٿا) ۽ جتي هڪ نالي ٻي نالي سان ملي ٿي اتي گوني ڪنڊ بدران گولائي رکي وٺي آهي ته جيئن پاڻي جي وهڪري جو زور ٿئي ۽ ڪني پاڻي جا ڇنڊا ماڻهن جا ڪپڙا خراب نه ڪن يا گندگيءَ نه ڦهلائين. سموري ڪني پاڻي جي شهر مان مڪمل نيڪال واسطي زير زمين نالا آهن جيڪي اڍائي فوٽ موڪرا ۽ چار کان پنج فوٽ اونها آهن. ڪني پاڻي جي نيڪال وارو اهو نظام، سنڌو ماٿري جي واسين جي اعلا تعميري ۽ تخليقي صلاحين جو ۽ صاف سٿري زندگي گذارڻ لاءِ سندن چاهه جو هڪ چٽو ثبوت آهي. موهن جو دڙو جي آثارن تي هڪ اڇا تري نظر ئي اهو نتيجو ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهي ته هتان جاواسي هڪ خوشحال ۽ آسودي زندگي گذاريندا هئا. ايتري خوشحالي فقط پنهنجي ڌرتي تي پيدا ٿيل وسيلن يا داخلي ڪاروبار مان حاصل نٿي ڪري سگهجي. ايتري آسودگي فقط ان معاشري ۾ اچي سگهي ٿي جنهن معاشري جي فردن جو چڱو موچارو تعداد آڻڻ ۽ نيڻ واري واپار Import Export سان واڳيل هجي. ان کانسواءِ موهن جي دڙي جي آثارن مان ڪيتريون ئي اهڙيون شيون به لڌيون ويون آهن جي سنڌ ۾ ڪونه ٿينديون آهن مثال طور سون، چاندي، قيمي پٿر، ٽامو، قلعي، لاجورد، فيروزا، سنگ جراحت ۽ ياقوت وغيره. هتي ذڪر ڪيل سموريون شيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هتان جي دراوڙن جو پنهنجي پاڙيسري تهذيبن سان هڪ وڏو مضبوط واپاري رستو هيو. سنڌ جي واسين لاءِ قدرت طرفان هڪ ٻيو انمول تحفو سنڌ وٽ هڪ بهترين هنڌ (location) تي واقع هڪ وڏي ساحلي پٽي (Costal Belt) جو هئڻ به آهي جنهن ذريعي هو ڏورانهن ڏيهن ڏانهن پنهنجو وکر، وڪري لاءِ موڪلي سگهندا هئا ۽ پنهنجا خيال، علم ۽ فلسفو ٻين تائين پهچائي سگهندا هئا ٻين تي اثر انداز ٿي سگهندا هئا ۽ ٻين جا اثر قبول ڪري سگهندا هئا. سنڌو ماٿري جون صنعتون ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جا سون ساريکا هٿ، ۽ سندن وکر تنهن وقت جي سموري دنيا ۾ ملڪان ملڪ مشهور هيا ۽ ڪنهن به ملڪ جي صنعت ۽ هنر کي پرکڻ جو هڪ پيمانو اهو به آهي ته ڇا ان ملڪ جا پورهيت عام ماڻهن ۾ مقبول ۽ سستو وکر ٺاهڻ کان سواءِ اهڙو هنر به رکن ٿا جو سندن هٿن جو پورهيو مٿين طبقي وٽ به ساب پئي. سنڌو ماٿري جا هنرمند عام واهپي جون سستيون شيون مثال طور ٿانو ٿپا، رانديڪا، سگريون وغيره ته ٺاهي ڄاڻندائي هيا پر سندن هٿ جي هنر جو ان وقت جي شهنشاهن جي دربارن ۽ حرمن ۾ به وڏو قدر هيو. سنڌو ماٿري جي هنرمندن جون ٺاهيل اهي مصنوعات ايتريون ته معياري هيون جو سوميري بادشاهن (جيڪي پاڻ بجاءِ خود، هڪ تمام طاقتور تهذيب جا وارث هئا) جي مقبرن ۾ به رکيون وينديون هيون. هڪ سوميري بادشاهه ميس گلم ڊاخ (2750 ق-م) جي مقبري مان هڪ سوني پن لڌي وئي آهي جنهن جي ڇيڙي تي باندر سان مشابهت رکندڙ ڪنهن ديوتا جي شبيهه اڪريل آهي، آثار قديمه، جي ماهرن موجب سوميري بادشاهه جي مقبري سان لڌل اهو فن پارو، سنڌي صرافن جي هٿ جو پورهيو آهي. انهن قديم ڏهاڙن ۾، سنڌو ماٿري جو مقام، پنهنجي هڪ جيڏي تهذبين وچ ۾ ايترو ته معزز ۽ بلند هيو، جو سنڌو ماٿري سان واپاري لاڳاپا، ڪنهن به ٻي تهذيب لاءِ فخر جو ڪارڻ هئا. قديم سميريا جي تحريرن ۽ لکتن ۾، سميريا وارن، سنڌ سان پنهنجي واپاري لاڳاپن جو ذڪر نهايت فخر سان ڪيو آهي، سنڌو ماٿري جي سڀيتاتي هڪ اونهي نظر ۽ دسترس رکندڙ هاڪاري عالم ”ايڇ تي لمبرڪ“ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ مسلمانن کان اڳ“ جي صفحي 47 تي لکيو آهي ته اها ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي آهي ته ”ميلوها“ جنهن جو ذڪر پراڻي سميريا جي لکتن ۾ بار بار ورجايو ويو آهي، سو سنڌو سلطنت جو ساحلي صوبو هجي. هڪ ٻئي محقق پروفيسر ڪريمئر اهو امڪان ڏيکاريو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ”ميلوها“ مان مراد ايٿو پيا هجي، پر ايڇ ٿي لمبرڪ پنهنجي ساڳي ڪتاب جي صفحي 93 تي لکي ٿو ته ”تاريخ جي ورقن موجب ايٿوپيا ۾ تن ڏينهن ۾ ڪنهن به ايتري طاقتور تهذيب جو ڪوبه پتو کرو نٿو ملي جيڪا ايتري وڏي فاصلي تائين پنهنجا تجارتي جهاز موڪلي سگهڻ جي اهليت ۽ سگهه رکندي هجي.“ ايڇ ٽي ليمبرڪ جي هن دليل جو جواب پروفيسر ڪريمئر يا ڪنهن ٻئي کان اڃا تائين آيل ڪونه ٿو ٻڌجي. آثار قديم جي ماهرن کي هڪ ڪتبو اهڙو به مليو آهي جيڪو سمير يا جي سارگن بادشاهه جي دور سان تعلق رکي ٿو۽ جنهن ۾ سارگن بادشاهه فخر سان اهو اعلان ڪندي نظر اچي ٿو ته ”ميلوها (سنڌ) ۽ دلمن کان آيل (يا اوڏانهن اسرندڙ) جهاز، سندس گادي واري هنڌ ”اگيد“ جي بندر تي لنگر انداز آهن.“ ميلوها جي محل و قوع جي باري ۾ مختلف رايا آهن. ڪي ان کي موجود مڪران وٽ واقع به چون ٿا پر قطع نظر ان جي ته ميلوها اصل ڪٿي واقع هيو، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اهو لفظ سنڌو سڀيتا جي ڪنهن بندر يا صوبي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ڇو ته مڪران جي علائقي ۾ ڪنهن به اهڙي تهذيب جو سراغ ڪونه ٿو ملي جيڪا تنهن وقت ۾ سنڌو سڀيتا کان الڳ ۽ آزاد پنهنجو ڌار وجود رکندي هجي. سميريائي زبان ۾ لکيل هڪ اشلوڪ ۾ انهن شين جو ذڪر آهي جيڪي ميلوها (سنڌ) کان اينديون هيون. انهن ۾ اوشو نالي هڪ ڪاٺ (جيڪو نقش نگاري ۽ چٽ ڪڍڻ لاءِ موزون هيو) جهاز هلائڻ ۾ ماهر ناکئا، خلاصي، عاج مان ٺهيل مختلف شيون، خاص طور تي عاج مان ٺهيل پکي جو هڪ مجسمو جيڪو تنهن دور۾ سميريا ۾ بيحد مقبول هيو (ان مجسمي کي چيو ئي (Meloha Bird) ويندو هيو) آئينا، ڪپهه سان ٺهيل شيون، ڦڻيون ۽ صندوقون شامل هيون. انهن شين کان علاوه به هڪ شيءِ جيڪا سنڌ کان سميريا کي فراهم ڪئي ويندي هئي سا هئي سامونڊي ڪاٺ. ان ۾ ڪو به شبهو ناهي رهيو ته ان سامونڊي ڪاٺ مان مراد مينگروز جو ڪاٺ آهي جنهن کي سنڌي ۾ تمر ۽ چؤڙي چيو ويندو آهي. هي ڪاٺ تمام سخت هوندو اهي ۽ سامونڊي پاڻي سبب ڳرندو نه آهي. هن مان ٺٽي ۽ ڪراچي جا هنرمند اڃا تائين جهازن جا گوڏا ۽ هيٺيان تختا ٺاهين ٿا. ماضي قريب تائين تمر ۽ چؤڙي جا ٻيلا سنڌوءَ جي ڪيٽي بندر ۽ لس ٻيلي جي ويجهو مياڻي هوڙ ۽ ڪلمت هوڙ ۾ موجود هئا. ان کانسواءِ اُر شهر جي ۽ ٻين هنڌن جي کوٽائي مان اتان موهن جي دڙي جي دور واريون ڪيتريون ئي مهرون دريافت ٿيون آهن جيڪي سنڌي وڻجارا پنهنجي Trade Mark طور پاڻ سان کڻي ويندا هئا يا وري اُهي ميسويوٽيما ۾ موجود سندن با اختيار گماشتن جي تحويل ۾ رهنديون هونديون. سنڌو ماٿري جو هڪ ٻيو احسان جيڪو باقي دنيا قيامت تائين نه لاهي سگهندي سو ووئنڻ جي پوک ۽ ڪپاهه جي ريشي مان ڌاڳو ٺاهي، ڪپڙي جي اڻت جي فن جي ايجاد آهي. ڪپاهه مان ٺهيل ڌاڳو ۽ ان مان اڻيل ڪپڙو انسان جي سترپوشي ڪري ٿو، ان جي شخصيت کي نکاري سامهون آڻي ٿو، ڪڏهن دستار بنجي ان جي عزت افزائي ڪري ٿو ته ڪڏهن پوتي ۽ پاند بنجي ان جي عورت جي حيا جي علامت بڻجي ٿو ٻيو ته ٺهيو، پر مرڻ کان پوءِ ڪفن بنجي قبر ۾ به ساڻ رهي ٿو. اها ڳالهه هاڻ خاطري سان چئي سگهجي ٿي ته جنهن وقت ٻيون قومون ۽ تهذيبون سڻيءَ مان يا جانورن جي کلن مان ٺهيل لباس پهرينديون هيون، تنهن وقت سنڌو ماٿري جي زرخز کيتن ۾ ڪپاهه جا اڇا اجرا، سفيد گل آسمان جي ستارن جيان جهلمل ڪندا هيا، جنهن وقت ٻيون قومون، وڻن جا پن، وڻن جي ڇوڏي سان ٺهيل سوتيلن ۾ پوئي، پنهنجي چيلهه سان ٻڌي پنهنجا انگ ڍڪينديون هيون تنهن وقت موهن جي دڙي ۾ ٺهيل گهرن جي اڱڻ ۾ گهر ڌياڻيون چرخا چوري سٽ ڪتينديون هيون، ٻيو ته ٺهيو پر جي مصر ۾ ڪو فرعون مرندو هيو ته ان کي به ڪفن به سنڌ جي ٺهيل ململ جو نصيب ٿيندو هيو. موهن جي دڙي جي دور ۾، سموري دنيا ۾ سوٽي ڪپڙي، ڪپاهه جي ٻج ۽ ڪپاهه مان ٺهيل هر شيءِ تي سنڌ جي اجاره داري هئي ۽ پوري دنيا کي سوٽي ڪپڙو، ڪپاهه جي ٻج ۽ ڪپاهه مان ٺهيل هر شيءِ سنڌ مان سپلاءِ ڪئي ويندي هئي. ميسوپو ٽيما جي تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سمير ۾ (اُر) جي ٽئين گهرائي جي تخت جي دور ۾ (جنهن جو دور 2100 کان 2000ق.م چيو وڃي ٿو) اُتي کلن ۽ سڻي سان ٺهيل لباس پهريا ويندا هئا. ان وقت ڪپاهه مان ٺاهيل لباس جي نرمي ۽ شان ڏسي ميسوپو ٽيما واسين سنڌين کان ان جنس جا ٻج فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ اهڙي ريت ڪپاهه پهريون ڀيرو ميسوپوٽيما پهتي. ان کان تقريبًا 1300 ورهيه پوءِ 700ق م لڳ ڀڳ اسيريا جي بادشاهه سنا شرب جي دور ۾ سنڌ اسيريا کي ڪپاهه پوکڻ ۽ ان مان ڪپڙي جي اڻت جي ٽڪنالوجي منتقل ڪئي. ڪپاهه مان ٺهيل وکر تي سنڌ جي اها اجاره داري فقط دراوڙن جي دور تائين محدود نه هئي پر ان کان بعد به هڪ تمام ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي سرزمين ئي ڪپاهه جي سڀ وڏي روانگي واپار رکندڙ ڌرتي جي حيثيت ۾ مشهور رهي، ان ڪري جو جڏهن سڪندر اعظم جي سالاري ۾ يوناني لوڪ سنڌو ماٿري ۾ داخل ٿيا ته هو ڪپاهه کي ڏسي دنگ رهجي ويا هيا. مشهور يوناني مئورخ ۽ ابوالتاريخ هيرو ڊوٽس پنهنجي تحريرن ۾ ”ڪپاهه“ جو ذڪر وڏي حيرت سان ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته ”هتي (سنڌ ۾) هڪ اهڙو ٻوٽو ٿئي ٿو جنهن ۾ چاندي جا سفيد گل ٽڙن ٿا“ يوناني عالمن جي هڪ ٻئي گروهه، ڪپاهه کي وڻن تي ڦٽندڙ اُنَ سڏيو آهي. تنهن دور ۾ سنڌ ۾ اڻيل ڪپاهه جون مصنوعات، فقط ميسوپوٽيا ۾ ئي نه، پر مصر ۽ شام تائين هٿو هٿ وڪامجندڙ هيون، ان ڳالهه جي گواهي، آثار قديمه جي هڪ ٻئي معتبر ماهر پروفيسر ايڇ جي رالنسن جي ڪتاب ۾ ملي ٿي. ان موجب سيريا (شام) جي هڪ حاڪم اسر بني پال (جنهن جو دور 668ق م چيو وڃي ٿو) جي زماني ۾ سنڌ جو نالو سنڌ مان آيل ڪپاهه جي نالي طور استعمال ڪيو ويو آهي. آثار قديمه جو هڪ ٻيو ماهر پروفيسر لئسين فرمائي ٿو ته مصر ۾ مردن جي ڪفن طور سنڌ جي اڻيل ململ استعمال ڪئي ويندي هئي شهادتون اهو به ٻڌائن ٿيون ته قديم بئبلونيا (بابل) واسي ڪپاهه کي سڏيندا ئي ”سنڌو“ جي نالي سان هئا، ان ڪري جو اها ايندي ئي سنڌ کان هئي. قديم سنڌ جو واپاري رستو، حضرت موسيٰ جي قوم يهودين سان به رهيو آهي، زمانه قديم ۾ لاڙ جي علائقي ۾ ”پاتال“ يا ”پاتل“ نالي هڪ مشهور بندر واقع هيو، چيو وڃي ٿو ته اهو بندر ان هنڌ تي قائم هيو جتي سنڌو درياءَ ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڪرندو هيو. هي بندر تمام قديم هيو ۽ سڪندر اعظم جي دور تائين قائم هيو ڇو ته يوناني تاريخ دانن پنهنجي تحريرن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ لکي ٿو ته حضرت سليمان جي وقت ۾ به جهاز، درياءَ جي سمنڊ ۾ ڪرڻ واري هنڌ اچي لنگرانداز ٿيندا هئا. تنهن دور ۾ ايران ۽ بيبلونيا جي واپارين ذريعي، يهودين جون سنڌي وڻجاريڻ سان ويجهڙايون قائم ٿيون ۽ ان ئي ويجهڙائين جي ڪري، سنڌ جي سدوري نانءَ کي اهم مذهبي ڪتاب انجيل مقدس جي سٽن م درج ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو. ان ڳالهه جي اپٽار ڪندي مشهور محقق، پول ۽ برنيل صاحبان، پنهنجي ڪتاب هاسبن اينڊ جابسن آر گلوزري آف اينگلو انڊين ورڊس اينڊ فريزز جي آرٽيڪل انڊيا ۾ لکيو آهي ته ”جيئن ته سنڌ سان يهودين جو تعارف ايرانين ذريعي ٿيو ۽ اهي (ايراني) پنهنجي زبان جي صرفي ۽ نحوي الٽ ڦير جي ڪري ”سنڌو“ کي ”هندو“ چوندا هئا ان ڪري ئي لفظ سنڌو انجيل ۾ (جيڪو اصل عبراني زبان ۾ آهي) عبراني زبان ۾ مزيد تبديل ٿي ”هودو“(Hodu) جي نالي سان آيل آهي.“ دنيا جون اهي قديم تهذيبون ۽ قومون، مثال طور ميسوپوٽيما، مصر شام ۽ يهودي ته سنڌ جي سوٽي مصنوعات مان مستفيض ٿيندا ئي رهيا هيا پر يونانين ۽ اولهه کي ڪپاهه ۽ سوٽي ڌاڳي ۽ سوٽي ڪپڙن جي خبر تڏهن پئي جڏهن سڪندر اعظم جا فوجي واپسي تي پاڻ سان سنڌ جون سوٽي مصنوعات بطور سوکڙي کنيو ويا. اهي سوٽي ڪپڙا ۽ ٻيون شيون ايترو ته نازڪ هيون جو هڪ مغربي محقق ڊاڪٽر بي اي شير پنهنجي ڪتابCotton as world power ۾ انهن کي webs of weaven wind يا ”هير سان اڻيل ڄار“ سان تشبيهه ڏني آهي. يونان ۽ ٻي سموري دنيا ۾ ان ڪپڙي کي ”سنڊن“ چيو ويندو هيو جيڪو سنڌو مان مشتق يا ورتل آهي، سنڌ جو اهو سوٽي ڪپڙو، ايترو ته سهڻو هيو جو ان پنهنجي نرمي ۽ لطافت وسيلي، مغربي شعر ۽ ادب ۾ به پنهنجي جاءِ مخصوص ڪري ورتي ۽ عظيم انگريز مصنفن ان جو ذڪر پنهنجي تحريرن ۾ ڪري، سنڌ جو نانءَ امر ڪري ڇڏيو. عظيم انگريز شاعر/ليکڪ ملٽن به ان جو ذڪر پنهنجي هڪ سٽ ۾ هن نموني ڪري ٿو. “Wore she not a veil of Sindon” هتي ملٽن سنڊن جو ذڪر، نقاب يا سنهي پودي طور تي ڪري ٿو، سنڌ جي ٺهيل هڪ ٻيو وکر جنهن پنهنجي جاءِ انگريزي ادب ۾ ٺاهي ان کي سنڊل Sendal چيو هيو جنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”وٽيل سٽيل مضبوط ڌاڳو.“ هاڪارو انگريزي شاعر لانگ فيلو لکي ٿو. Sails of silk and ropes of “Sendal”, such as gleam in ancient lore هنن سٽن مان اهو تاثر وٺي سگهي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ سنڊل مان رسا وٽيا ويندا هئا جن سان اهڙن پر آسائش شاهي جهازن کي ٻڌو ويندو هيو جنهن جا سڙهه ريشم مان ٺهيل چيا وڃن ٿا. سنڌو ماٿري جي عظيم دراوڙي تهذيب جي هڪ ٻي جهت Dimension جنهن پهرين ڏينهن کان محققن کي عجب ۾ وجهي رکيو آهي، سا آهي سندن بي انتها امن پسندي. هڙاپا هجي، موهن جو دڙو هجي يا سنڌو سڀيتا جو ڪوبه ٻيو آثار، مطلب ته سنڌو ماٿري جي دراوڙي سڀيتا جا جيترا به ڀڙا ۽ آثار لڌا ويا آهن، انهن سمورن مان ڪنهن ۾ به، ڪنهن به قسم جو حربي سامان نه لڌو ويو آهي. ايستائين جي موهن جي دڙي مان به جيڪي ان عظيم دراوڙي سنڌو سڀيتا جو گاديءَ وارو هنڌ هيو، ڪي به جنگي اوزار ۽ هٿيار نه مليا آهن. اتان تيز ڌار واريون ڪجهه ڪهاڙيون، ڇريون ۽ چاقو ٽائپ شيون ضرور مليون آهن، پر اهي به گهريلو يا واپاري استعمال لاءِ ڪتب ايندڙ ڀاسجن ٿيون، ان ڪري جو انهن جا ڦر ڪنهن به جنگي استعمال لائق ئي نه آهن ٻيو ته ٺهيو پر موهن جي دڙي مان لڌل مجسمن ۾ به ڪو اهڙو مجسمو ڪونه آهي جنهن تي ڪنهن جرنيل يا جنگي سپاهي جي مجسمي هئڻ جو گمان ٿئي، نه ئي وري ڪنهن مهر تي ڪو جنگي منظر چٽيل نظر اچي ٿو. موهن جي دڙي مان ٺهيل سموريون شيون ان ڳالهه جو ناقابل ترديد ثبوت آهن ته اتي رهندڙ دراوڙ نهايت باريڪ بين، تخليقي ۽ قاموسي ذهن جا مالڪ هئا ۽ انهن ۾ تخليقي صلاحين جي ڪابه کوٽ ڪونه هئي. جيڪر هو چاهين ها، ته پنهنجي انهن ئي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪندي، پنهنجي زماني جا نهايت هولناڪ ۽ پوائتا جنگي هٿيار ٺاهي سگهن پيا پر انهن پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو رخ، بجائي تخريب جي، مڪمل طور تي تعميري سرگرمين طرف موڙي ڇڏيو هيو. سندن ڌيان پنهنجي زمينن ۾ تيرن جي ڪاٺ ۾ ڪتب ايندڙ وڻ پوکڻ بدران، پنهنجي زمين ۾ ڪپاهه پوکڻ تي هوندو هيو جيڪا زخم لڳائڻ بدران زخمن تي پها رکڻ ۽ زخمن تي پٽيون ٻڌڻ جي ڪم ايندي آهي. انهن جي بحري ڪارخانن ۾، جنگي آرماڙ بدران، واپاري ٻيڙا ٺهندا هئا ۽ سندن درسگاهن ۾ ملٽري سائنس بدران يقيناً اقتصاديات جي تعليم ڏني ويندي هئي. موهن جي دڙي جو معاشرو هڪ اهڙو معاشرو هيو جتي ڄمندڙ ٻارن جي ڪنن ۾ پوندڙ پهريان آواز، جنگي لولين بدران چرخا هلڻ ۽ سٽ ڪتڻ جا هوندا هئا ۽ ائين به نه آهي ته ڪو ان دور جون ڪي سموريون تهذيبون، سنڌو ماٿري جي تهذيب وانگر عدم تشدد جون پوئلڳ هيون. سنڌي تهذيب جون سموريون همعصر تهذيبن مثلاً ميسوپوٽيميا، ايران يا مصر جو مشغلو ئي اهو هوندو هيو ته ڪجهه وقت جي ساهي کان پوءِ انهن جي شهرن ۽ فوجي ڇانوڻين ۾ جنگ جا نغارا وڄندا هئا ۽ انهن جون رت پياڪ فوجون ڪنهن نه ڪنهن ڪمزور رياست تي آدمخورن وانگر ڪڙڪي پونديون هيون. انهن جي شهرن کي تباهه ۽ تاراج ڪنديون هيون، پنهنجي تلوارن جي اڃ اُتان جي مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ بيوس عورتن جي رت سان اجهائينديون هيون ۽ جڏهن خود سندن هٿ ڪنڌ ڪپي ڪپي ٿڪجي پوندا هئا ته اهي ڦرلٽ ۾ هٿ ڪيل مال اسباب پنهنجن جهازن تي چاڙهي ۽ عورتن، ٻارن ۽ نوجوان ۽ غلام بڻايل قيدين جون نيڻ نهار تائين ڦهليل قطارن کي هڪليندا فتح جا ترانا ڳائيندا اچي پنهنجي ماڳ رسندا هئا. درحقيقت سواءِ موهن جي دڙي جي سڀتا جي، ان وقت جي سمورين تهذيبن جي دولت ۽ شان ۽ شوڪت جو وڏو حصو اهڙن ئي غير انساني جنگي مهمن مان حاصل ٿيل هيو، پر هن ڌرتي جي واسين کي اهو فخر حاصل آهي ته انهن جي تنهن وقت واري تهذيب جي دامن تي، ڪنهن به بيگناهه جي خون جي هڪ ڦڙي جو داغ ڳوليو به نظر نٿو اچي. ان وقت جي سنڌو سڀيتا، خونريزي ۽ تشدد جي سمونڊ ۾ واقع امن جو هڪ اهڙو جزيرو هئي جنهن جي هوائن ڪڏهن به جنگ جي نغاري جو دهلائيندڙ ۽ بڇڙو آواز نه ٻڌو هيو، جنهن جو فضائون تيرن جي سرڙاٽ کان ناواقف هيون ۽ جتي جي رهندڙن جي سماعتن ۾ تلوارن جي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ واري آوازن جو زهر ڪڏهن به نه اوتيو ويو هيو. سنڌ جي سموري تهذيب جو هڪ وقت ئي، اهڙي نموني غير مسلح هئڻ ان ڳالهه کي ثابت ٿو ڪري ته هن پوري تهذيب کي هڪ ئي مرڪزي نظام تحت ڪنٽرول ڪيو پئي ويو ۽ ان ئي مرڪزي طاقت جي زير اثر رهڻ ڪري تنهن وقت جي دنيا جي هيءَ سڀ کان وڏي تهذيب، هڪ تمام وڌي عرصي تائين غير مسلح رهي ۽ ڪابه مرڪزي طاقت تنهن وقت تائين ايترو منظم، فيصله ڪن ۽ ڏور رس نتيجي جو حامل قدم نٿي کڻي سگهي جيستائين ان فيصلي پويان ڪوبه فلسفو يا پاليسي ڪار فرمانه هجي. سنڌو ماٿري جي سڀيتا مان مليل سمورن ثبوتن جو سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪرڻ کان بعد ذهن ۾ اهو تاثراپري ٿو ته سنڌ سڀيتا جي ان وقت جي مرڪزي طاقت شايد ڪنهن مذهبي فلسفي تحت، سنڌ واسين جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏي هئي ته غير مسلح هئڻ ئي سندن لاءِ فائدي مند آهي. (اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان فلسفي جا بنياد ڪجهه ٻيا هجن پر ان وقت جي حالات جي ڪري ڪو مذهبي فلسفو ئي بهترين ممڪنات لڳي ٿو) سو اهو چئي سگهجي ٿو ته تنهن وقت ۾ سنڌو سڀيتا واسين کي، اتان جي مرڪزي حڪمران طاقت هڪ فلسفي تحت، منظم نموني سان غير هٿياربند زندگي گذارڻ تي آماده ڪيو هوندو. اهڙيءَ ريت، سنڌو ماٿري دنيا جي اها پهرين سرزمين بنجي اڀري ٿي جتي فلسفهء عدم تشدد جنم ورتو ۽ سنڌ جي هن اعزاز کي به دنيا جي ڪابه ٻي تهذيب Share نه ٿي ڪري سگهي. سموري دنيا لاءِ، سنڌو ماٿري جو هڪ ٻيو تحفو يوگا به آهي، اڄ ڪلهه سموري دنيا ۾ خاص طور تي مغرب ۾ يوگا جو وڏو هُلُ آهي ۽ اولهه جا ڏاها، اها ڳالهه مڃڻ ۾ ڪوبه عار محسوس نه ٿا ڪن ته انهن يوگا جو علم هندو ستان کان حاصل ڪيو آهي، پر تاريخ اهو ثابت ڪري ٿي ته يوگا به ٻين انيڪ شين وانگر، هن ڌرتي جي دراوڙ ڄاين جو ايجاد ڪيل هڪ ٻيو ڪارائتو فن آهي. يوگا جي هڪ عام معاني ساهه جي مختلف مشقن ذريعي، ذهني صلاحيتن يا سوچن کي هڪ نڪتي تي مرڪوز ڪرڻ آهي. جديد مغزي سائنسي تحقيق ۽ تمام گهڻي ڇنڊ ڇاڻ بعد يوگا جي افاديت کي مڃي ورتو آهي. اولهه جا ڊاڪٽر، ذهني سڪون لاءِ پنهنجي مريضن جي يوگا جو ڏس ڏين ٿا، اُتان جا شاگرد پنهنجو حافظو ۽ ذهني صلاحيتون وڌائڻ لاءِ يوگا ڪن ٿا دنيا جون جديد ۽ وڏيون طاقتون پنهنجي Forces جيElite Corps يا SSG جي جوانن جي قوت برداشت کي آخري انساني حد تائين وڌائڻ لاءِ کانئن يوگا ڪرائين ٿيون ۽ سنڌ اها سرزمين آهي جتي يوگا جو آغاز اڄ کان پنج هزار سال اڳ ٿي چڪو هيو