• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چٻرن وارو هوٽل کلي ويو…!

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن

سڄي دنيا ۾ ڪيٽ، ڊاگ ۽ پوءِ شيپ ڪيفي کان پوءِ هاڻي جاپان ۾ پنهنجي نوعيت جي هڪ نرالي ڪيفي کولي وئي آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن مشهوري ماڻي رهي آهي. جاپاني گاديءَ واري شهر ٽوڪيو ۾ کلندڙ ”فيڪورو نو مائز” يعني ”شاپ آف اولز“ نالي چٻرن جي ٿيم واري هيءَ ڪيفي چٻرن جي آماجگاهه آهي، جتي مقامي ماڻهن کي خوش آمديد چوڻ لاءِ هر نسل ۽ سائيز جا چٻرا موجود هوندا آهن. ان ڪيفي ۾ پاليل چٻرن جون خدمتون ورتيون ويون آهن، جتي اچ وڃ ۽ ڪافي پيئندڙ ماڻهن تي ڪرڙي اک پڻ رکندا آهن. ڪيفي جي ٿيم جي مناسبت سان هتي چانهه جي ڪوپن، پليٽن، بسڪوٽن ۽ ٻين ٿانون تي به چٻرن جون تصويرون ظاهري طور ڇپرايون ويون آهن. 2 هزارين (17 ڊالر) انٽري فيس جي لاءِ ان ڪيفي ۾ دير سان ايندڙ مهمان پنهنجي بڪنگ ۽ پيسن کان هٿ ڌوئي ويهندا آهن، ڇو ته ڪيفي کلڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ئي هتي مهمانن جون ڊگھيون قطارون لڳي وينديون آهن، جيڪي اندر موجود چٻرن جي ديدار لاءِ آتا هوندا آهن، گراهڪ ٽيبلن ۽ هر هنڌ ويٺل چٻرن سان گڏ ويهي کين رجھائيندي ۽ کيڪاريندي چانهه ڪافيءَ جا مزا وٺندا آهن. جڏهن ته اها چٻرن واري ڪيفي جاپان ۾ ڏينهون ڏينهن مشهوري ماڻي رهي آهي.
 
ادا پاڻ واري ملڪ ۾ به چٻرا ڏاڍا وڌي ويا آهن، انهن کي ڪير اسيمبلين مان ڪڍي ته پوءِ انهن کي هوٽل تي ويهارڻ جو سوچينداسين
 
سواءِ اسان جي ملڪ جي سڄي دنيا ۾ ويلفيئر سوچ رکندڙ ماڻهون امن پسند زندگي بسر ڪن ٿا ۽ ٻين جي عزت چاهي انسان هجي يا جانور يا پکي........ اسان وٽ جيلسي گهڻي آهي جنهن ڪري سٺا عمل ڪرڻ بجاءَ رڳو هڪٻئي جي ٽنگ ڇڪڻ ۾ پورا هوندا آهيون.....
 
Back
Top