هڪ ڏينهن پپنو اسڪول کان واپس ايندي ئي بک کان پيٽ جي سور جي دانهن ڪئي ته ماڻس ڪاڪي پڇيو”ڇورا ! ڇا ڀلا ديوَ جو پُٽ آهين ڇا.. ايڏو سارو ٽفڻ باڪس ڀري ڏنو مانءِ اهو ڪاڏي ڪيئي... ان کي کائڻ کان پوءِ به بک بک ٿو ڪندو اچين؟“ پپنو روئندي چيو... امان اهو ٽفڻ باڪس ته پَپو کسي ويو.. بک ڏاڍي لڳي اٿم وارو ڪر امان... ڪاڪي ۾ مامتا جاڳي پئي.. ”اڙي پپو توکي ڪا مار پوي... بيهه پُٽ پپنا توکي مان لولو پچائي ٿي ڏيان... ظاهر آهي پيٽ ۾ ڪجهه نه هوندو ته سور ته ٿيندو نه! شام جو ڪاڪو آچار واپس گهر آيو ته اچڻ ساڻ ڪاڪِيءَ کي چيائين ته ”اڙي ڀاڳ ڀري! جلدي ڪر مٿي ۾ سور ڏاڍو آهي، وارو ڪر چانهن جو ڪوپ تيار ڪري ڏي..“ پپنو کي ماءُ جو جملو ياد هو سو چئي ڏنائين.. ”بابا مٿي ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونه ته سور ته پوندو نه....!“““