مٽي ان ماڳاء اصل هئي ايتري. __________________________________ اهو ڏينهن نٿو وسري جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئم .۽ هر روز ٻه ٽي ڪلو ميٽر پيدل هلي اسڪول ويندو هوس. اچانڪ هڪ ڏينهن هڪ مرد سفيد ريش گس تي مليو پڇيائين بابا مٺل فقير جي ڳوٺ ڪهڙو رستو ويندو .ٻڌايو مانس سائين! هي رستو وٺي هليا وڃو سڌو مٺل فقير جي گهر وڃي پهچندؤ. خدا جي قدرت ڪجھ ڏينهن کان بعد انهي بزرگ کي درگاه علي پور شريف تعلقه علي پور ۾ ڏٺم .ساڻس مليس .پر ملڻ سان ئي سڄي وجود ۾ خوف ڇانئجي ويو. وجود ۾ ڏڪڻي وٺي ويئي .چاچي کان پڇيم چاچا هي ڪير آھي . وراڻيائين اهو ڪمال فقيرآھي ۽ سائين جن جو خليفو آھي .سوچيم ته خليفي جوڪمال اهو آھي ته ان جو مرشد ته ان کان وڌيڪ مست هوندو . ٿوري دير کانپوء سجاده نشين سان مليا سي جيڪو تمام نرم دل هو . ۽سندس زبان تي هميشه هي لفظ هوندو ته ميڏا مٺا يا هر پيرڀائي کي هنن لفظن سان پڪاريندو هو ميڏا پتر. عرس پاڪ ختم ٿيو شھنشاه صاحب السير رحه جي فرزندن درگاه تي چادر چاڙھي نيٺ عرس به پنهنجي اختتام تي پهتو فقير صاحب اصل ۾ ڪوه سليمان جي پهاڙي علائقن سان تعلق رکندڙ هو . بچپن ۾ مجذوب هو ۽ نڙ وڄائيندو .جڏهن پاڻ اڪيلائي ۾ ويهي نڙ وٺائيندو ته ڪافي جهنگلي مخلوق سندس ارد گرد جمع ٿي ويندي هئي . پاڻ ڪڏهن ڪزڏهن فرمائيندا هئا ته ڪافي ڏينهن اسان هرڻي جي کير تي گذاريا. خدا جي قدرت ته ڪو وقت اهڙو به آيو جو ڪوه سليمان جي علائقي ۾ بارش نه ٿي زميننون فصل ڏيڻ ڇڏي ويون چوپايو مال مرڻ لڳو .۽ ماڻهن جو گذر سفر تمام گهڻو متاثر ٿيو. آخرڪار درگاه حضرت خواجه سليمان تونسوي رحه عرف پير پٺاڻ جي ڪجھ مريدن پنهنجي مرشد غالبن الله بخش تونسوي رحه کي عرض ڪيو ته قبله ۾ملڪ ڏاڍي خشڪ سالي آهي زمينن فصل ڏيڻ ڇڏي ڏنو آھي مال متاع بک وگهي مرڻ لڳو آھي. قبله دعا ڪيو ته برسات ٿئي ۽ اسان جو علائقو وري آباد ٿئي پاڻ ٿوري دير خاموش رهيا ۽ پوء پنهنجن مريدن کي فرمايائون ته انهي علائقي ۾ هڪ مجذوب رهي ٿو انهي کي دعا لاء وڃي عرض ڪيو انشاء الله بارش ايندي .۽ اوهان جو علائقو وري آباد ٿيندو . پوء فقير جيئن ئي پنهنجي علائقي ڏانهن موٽيا ته مجذوب (ڪمال فقير رحه) کي ڳولڻ شروع ڪيائون ڪافي ڏينهن پاڻ نه آيا .آخرڪار پاڻ ٽن چئن ڏينهن کانپوء ظاهر ٿيا .فقيرن ڪافي ايلازون ڪيون ته اسان سان هلو ته اسان توهان جي خدمت ڪيون . پاڻ بلڪل جواب ڏنائون .آخرڪار فقير جي انڪار تي حضرت خواجه پير پٺاڻ رحه جي مريدن کيس زوري وٺي کيس هڪ ڪمري اندر قيد ڪري ڇڏيو. پاڻ ڪافي ڪوشش ڪيائون مگر ڪمري مان نڪري نه سگهيا .آخرڪار مجبورن پاڻ ڪمري جي اندر نڙ وڄائڻ شروع ڪيائون . جيئن پاڻ نڙ وڄايائون ته ڪجھ دير کان پوء ايترو ته زور دار بارش ٿي جو سڄو علائقو بارش جي پاڻي سان ڀرجي ويو .۽ڪافي ڏينهن برسات هلندي رهي .آخر وري حضرت خواجه پير پٺاڻ رحه جا مريد وقت جي سجاده حضرت اله بخش تونسوي رحه وٽ ويا ۽ پنهنجي مرشد کي عرض ڪيائون ته قبله ھاڻ دعا ڪيو ته برسات رڪجي .پاڻ فرمايائون ته هاڻ خير آھي وڃو انهي مجذوب کي ڪمري مان وڃي ٻاهر ڪڍو . جيئن واپس اچي ڪمري جو در کوليائون ته فقير يڪدم ٻاهر نڪري ويو. انکانسواء هڪ ڳوٺاڻو مجذوبي واري دور ۾ فقير جي خدمت ڪندو هڪ ٻه ڏينهن فقير ان ڳوٺاڻي وٽ ضرور رهندا هئا . هڪ ڏينهن فقير صاحب جيئن ان ڳوٺاڻي وٽ آيا ته ڀرپاسي جو هڪ سيد سڳورو ان ڳوٺاڻي وٽ آيو ۽ چيائين اڄ کان پوء انهي فقير کي گهر نه وٺي اچجان ڇو ته هو غير شرع آھي .ڳوٺاڻي سيد سڳوري کي چيو ته هي مجذوب آهي آئون ان کي پاڻ وٽ نه ٿو وٺي اچان مگر هو مجذوب پاڻ ئي اچي ٿو .ويچارو اسان کان ڪجھ به نٿو گهري دعا ڪري موٽي هليو ٿو وڃي. ان سيد سڳوري ان ڳوٺاڻي کي چيو ته آئينده آئون انهي غير شرع فقير مجذوب کي تنهنجي گهر نه ڏسان. خدا جي قدرت ڪجھ عرصي کان بعد وري فقير صاحب انهي ڳوٺاڻي وٽ آيا ڳوٺاڻي فقير صاحب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي .اوچتو اهو پاڙيوارو سيد سڳورو به ڪاوڙ مان انهي ڳوٺاڻي جي گهر آيو .۽اچڻ سان فقير صاحب جي کٽ هيٺ مراقبو ڪري ويهي رهيو .سڀني حاضرين مجلس کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته هي سيد بادشاه ڇاڪري رهيو آهي مگر ڪنهن کي جرئت نه ٿي جو سيد سڳوري سان ڳالهائي .آخرڪار اڌ ڪلاڪ تائين سيد سڳورو مراقبي ۾ ويٺو رهيو .اڌ ڪلاڪ کانپوء حاضرين مجلس ڏٺو ته اهو سيد سڳورو پگهر ۾ شم ٿي سڌو فقير صاحب جي قدمن ۾ اچي ڪريو . ۽ عرض ڪرڻ لڳو قبله مون کي معاف ڪيو .پاڻ فرمايائون شاه صاحب توهان اهلبيت پڙھيل لکيل ٿي ڪري اسان جي گودڙي ۾ هٿ وڌو اهو اوهان جو مرڪ نه هو . ڇوته هي فقير اوهان اهلبيت جو ادني ٰ غلام آھي . شاه صاحب کي معافي ملي ۽ ڳوٺاڻي کي چوڻ لڳو ته صبحاڻ منهنجي دعوت تي فقير صاحب کي وٺي اچجان . آخرڪار پاڻ شاه صاحب جي دعوت تي ويا . آخر ڳوٺاڻي شاه صاحب کان پڇيو ته قبله پهريان ته توهان فقير کان نفرت ڪندا هيو ته فقير غير شرع آهي .اڄ توهان خود فقير کي دعوت ڏني آھي ته مون وٽ به قدم مبارڪ ڏيو . شاه صاحب وراڻيو ته مون توهان کي منع ڪيو هو ته فقير کي آئينده دعوت تي نه وٺي اچجو .ان کان پوء به وري توهان اسان جي ڳاله نه مڃي وري توهان ان فقير کي دعوت تي وٺي آيؤ . مون سوچيو ته فقير وٽ جيڪا به امانت آهي اها اڄ کسيندس .انهي ڪري مراقبو ڪيم ۽ جيئن ئي فقير جي پويان ڀڳس ته پهريون آسمان به ٽپي ويو .چار آسمانن تائين سندس پيڇو ڪيم پر چارئي آسمان ٽپي ويو .۽ منهنجي وڏن جي ڪرامت چار آسمانن تائين هئي انهي ڪري اڳتي هلڻ جي همت نه ڪري سگهيس . لاچار ٿي ڪري فقير جي قدمن ۾ اچي ڪريس. فقيبرصاحب شھنشاه علي پور مرد قلندر حضرت فقير ميان محمد بخش عرف الله واله فقير رحه جو بيعت ٿيو . فقير ميان محمد بخش سائين رحه جا مريد اڄ به تمام گهڻي تعداد ۾ رڪني فورٽ منرو لورالائي لنڊي سيدان داجل ڄام پور واري علائقي ۾ اڄ به موجود آھن . فقير ميان محمد بخش اويسي رحه جيئن ئي ڪوه سليمان جي علائقي ۾ مريدن جي دعوت تي ويا سندن ملاقات انهي مجذوب حضرت ميان ڪمال فقير سان گس تي ٿي . پاڻ فرمايائون ته اسان جي فلاڻي فقير جو گهر ڪٿي آھي .اهو فقير جنهن جي گهر جي باري ۾ فقير صاحب کانئن سوال ڪيو انهي وقت سائين ميان محمد بخش سان گڏ هو. انهي تي حضرت ميان ڪمال فقير کيس وراڻيو ته “رلئي ته ودائنيس اڃان پڇدا پئين“ پوء پاڻ فرمايائون ته فقير جي بيعت ڪندين ؟ حضرت ڪمال فقير رحه هائوڪار ڪئي ان کان پوء پاڻ حضرت ميان محمد بخش اويسي سيراني رحه جي بيعت ڪري اويسي سيراني سلسلي ۾ داخل ٿيا . انهي کانپوء پاڻ آھسته آهسته پنهنجي مرشد پاڪ جي صحبت ۾ رهي مجذوبي ڪيفيت مان ٻاهر نڪتا . مون راقم الحروف سندن زبان مبارڪ مان ٻڌو ته پاڻ فرمايائون ته جڏھن هڪ نگاه سان مرشد مونکي ڏٺو ته منهنجو ڪم انهي مهل ئي ٿي ويو . حضرت ميان ڪمال فقير بلوچن جي جلالاڻي قبيلي مان هئا سندن زبان مبارڪ بلوچي هئي . سندس مرشد پاڪ جي زبان سرائيڪي هئي انهي ڪري سرائڪي به ڳالهائيندا هئا. جڏھن به فقير صاحب اسان جي علائقي ۾ ايندا هيا ته راقم الحروف کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا . فقير صاحب عشق جو آڙاه هو .ايتري محبت ڏيندا هئا جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آھي .پر سندن محفل ۾ ويهڻ سان ڊڄ ٿيندو هو .هڪ ڀيري راڻي پور جي پير سيد حزب الله شاه جيلاني جي هڪ مريد محڪم الدين بوزدار مرحوم ڍليار تعلقه کپرو.جيڪو پڻ فقير جو صحبتي هو . کان پڇيم ته سائين مونکي فقير کان تمام گهڻو ڊپ ٿئي ٿو .پاڻ وراڻيائون ته فقير اها توسان نه پر اسان سڀني تي اها حالت طاري آھي . بوزدار فقير ن کي فقير صاحب تمام گهڻو ڀائيندا هيا . پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته هي بوزدار فقير مجذوب آھن .جڏھن به انهن کي سڏ ڏبو آھي حاضر ٿيندا آھن . اهو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينهن تائين بوزدار فقير درگاه حضرت محڪم الدين سيراني ۽ درگاه علي پور شريف تي وقت بوقت حاضري ڏيندا رهندا آھن . حضرت ميان ڪمال فقير رح مرشد پاڪ جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا . پاڻ مرشد پاڪ کان جريب يا ايڪڙ جي مفاصلي تي ويهندا هئا. باقي مرشد پاڪ جي فرمان تي سندس قريب اچي ويهندا هئا. پاڻ اڪثر پنهنجي پير ڀائين کي چوندا هئا ته الله وارا نانگ اٿؤ انهن کان جيترو پري ويهندؤ ته بچندؤ. سندس مرشد پاڪ حضرت ميان محمد بخش اويسي فرمائيندا هئا ته .ته ڪمال فقير اسان جو واسينگ آھي .اها ڳاله به بلڪل سچ هئي .مون ڏٺو ته سندن صحبت ۾ اهي ماڻھو آھن جيڪي پاڻ کي هن دنيا تي ڏاڍو سڏائيندا هئا مگر فقير جي صحبت ۾ سڌري پنج وقت نمازي ٿيا .۽ فقير جي هر ڳاله تي سر تسليم خم ڪندا هئا. پاڻ سڄي عمر سفر ۾ گذاريائون اويسي سيلاني سلسلي جي نسبت حضرت حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني کان ٿيندي حضرت عبدالخالق اويسي (جنهن جي روحاني بيعت حضرت اويس قرني رضه سان هئي ) سان منسوب آھي . ان ڪري پاڻ مجرد رهيا سڄي عمر شادي نه ڪيائون . ۽ پنهنجي مرشد پاڪ جي سنت جي پيروي ڪندي سڄي عمر سفر ۾ گذاري ڇڏيائون . وصال کان هڪ سال پهريان اسان جي ڳوٺ دعوت تي آيا . راقم الحروف جو اصول جڏھن پاڻ ايندا هيا ته سندن حاضري ضرور ڀربي هئي . ڪجه دير سندن صحبت ۾ ويهي عرض ڪيم ته اجازت ڏيو هاڻ اسان به گهر موٽي وڃون پاڻ دعا ڪيائون .۽ اجازت ڏنائون . آئون جيئن ئي هلڻ لاء اڳتي وڌيس ته پٺيان ڪنهن فقير آواز ڏنو ته فقير اوهان کي سڏي ٿو. وري سندس حضور ۾ حاضر ٿيس .پاڻ فرمايائون ته فقير هٿ هيڏانهن ڪر ڏٺم ته ٻه صوف کڻي منهنجي هٿ تي رکيائون ۽ فرمايائون فقير هي تنهنجو حصو آھي .وري فرمايائون ته ڀلا! انهي بهاني اسان کي ياد ته رکندين سندن وصال به اسان جي ڳوٺ ۾ ٿيو .پاڻ بلڪل تندرست هئا مگر هر ڀيري کان سندن طبيعت ۾ ڪجھ نرمي وڌيڪ هئي پاڻ رات جو پڇيائون ته چنڊ جي گهڻي تاريخ آھي ڪنهن چيو 3 ته ڪنهن چيو 4 مگر پاڻ فرمايائون ته توهان کان ته ڄٽ ماڻھو به هوشيار هئا جيڪي چنڊ ڏسي ٻڌائيندا هيا ته اڄ ايتري تاريخ آھي . ڪجه نصيحتون پڻ ڪرڻ فرمايائون پاڻ فرمايائون ته اگر اوهان جو ايمان ڪامل آھي ته ڪجه به توهان جو ناهي سڀ حضرت محل واله سرڪار جو آھي . انهي کانپووء پاڻ فقير احمد الدين لغاري جي دعوت تي ويا .ڪجھ طبيعت ۾ بيچيني ٿي فقيرن لنگر تيار ڪيو .پاڻ ٻه ٽي گره هنيائون مگر فقيرن کي چيائون ته توهان لنگر ڪيو. انهي مهل فقير جو بليڊ پريشر چيڪ ڪيو ويو جيڪو وڌيل هئو.فقير احمد الدين عرض ڪيو ته قبله ڪنهن ڊاڪٽر ڏي توهان کي وٺي هلون مگر پاڻ فرمايائون ته هاڻي ضرورت ڪونهي اسان کي ڪنهن جو انتظار آھي . ايئن چئي پاڻ جيئن ئي ستا ته ڪلمو شريف پڙھي جان جان آفرين جي سپرد ڪيائون. مگر مونکي هڪ ڳاله نه وسري جيڪا پاڻ وصال واري رات کان اڳ جي رات ڪيائون ٿيو ايئن جو سائين رکيل شاه جي درگاه جي هڪ طالب ڪجھ مٺائي سندن حضور ۾ پيش ڪئي پاڻ فرمايائون ته اها فقيرن کي ورهائي ڏيو . مٺائي تقسيم ٿيڻ کان پوء فقير صاحب فرمايو ته هاڻي سڀ ان فقير لاء دعا گهرو .فقير صاحب دعا گهري انکانپوء ان فقير به اجازت لا عرض ڪيو پاڻ فرمايائون ته “الله پاڪ تسان تي توڙدي رحمت ڪري “ مان توکي تمام گهڻيون دعائون ڪندس . ان کاپوء ٻي شام فقير صاحب وصال فرمايو ۽ ان مٺائي ورهائيندڙ فقير کي مون فقير صاحب جي جسد تي غسل ڪفن مهل پاڻي هاريندي ڏٺو. ___________________________________ مرد نه مرن ڪڏھين جي ساڳو ٿيا سبحان عَالم تي احسان ڪوڙين ڀَتين ان جو. بيدل سائين رحه