• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئرلينڊ جي اپ سيٽ جي روايت برقرار... نئون شڪار ويسٽ انڊيز

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
آئرلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي مقابلي لاءِ چيو پئي ويو ته هتي هڪ اپ سيٽ ٿي سگهي ٿو.. ڇو ته ويسٽ انڊيز هن وقت پاڻ ئي اپ سيٽ آهي پر ڇا واقعي آئرلينڊ جي شاندار فتح کي اپ سيٽ سمجهجي..؟
جي ها گهٽ ۾ گهٽ 305 رنز جو ٽارگيٽ ڪاميابي سان ڪرڻ کان پوءِ ته واقعي هي غير معمولي فتح چئبي..
305 رنز جهڙو ٽارگٽ رڳو 46 اوور ۾ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار پال اسٽرلنگ، جوائس ۽ اوبرائج جو هو جن ورلڊ ڪپ 2007 ۾ پاڪستان 2011 ۾ انگلينڊ ۽ هاڻي 2015 ۾ ويسٽ انڊيز ۾ هارائڻ جو سلسلو برقرار رکيو..
آئرلينڊ ٽاس کٽي جڏهن ويسٽ انڊيز کي کيڏڻ جي دعوت ڏني ته سندن تنگ ڪندڙ بالنگ سان رڳو 87 جي اسڪور تي ئي ويسٽ انڊيز جا ٽاپ جا 5 رانديگر آئوٽ ٿي ويا.. اهڙي موقعي ته سمي ۽ سيمنز اننگ کي سنڀاليو .. ۽ پنهنجي شاندار بيٽنگ سان اسڪور کي 304 تائين پهچائڻ ۾ خوب ڪردار ادا ڪيو..
سيمنز جي 102 رنز ۾ 5 ڇڪا ۽ 9 چوڪا جڏهن ته سمي رڳو 67 بالن تي شاندار 87 رنز جوڙيون..
305 جو ٽارگٽ آئرلينڊ لاءِ آسان نه هو پر 2011 ۾ انگلينڊ ۽ هالينڊ کي 300 کان وڌيڪ ٽارگيٽ تي شڪست ڏيندڙ آئرلينڊ هي ٽارگيٽ به سولائي سان حاصل ڪري ورتو.. جنهن ۾ ڪردار نڀائيندڙ پال سٽرلنگ 84 بالن تي 92 جڏهن ته جوائيس 84 ۽ اوبرائين 60 بالن تي 79 رنز اسڪور ڪندي ويسٽ انڊيز جي بهترين بالنگ کي بدترين بڻائي ڇڏيو..


bcivDuB.jpg


ياد رهي ته آئرلينڊ ون ڊي رينڪنگ ۾ سڀ کان آخري نمبرن تي آهي پر سندس سڃاڻپ اپ سيٽ ڪندڙ ٽيم طور مضبوط ٿي رهي آهي ... مسلسل ٽن ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽس ۾ آئرلينڊ ٽن وڏين ٽيم کي هارايو آهي.. ۽ هاڻي ايندڙ مقابلن ۾ به مخالفن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي..
 
جيڪڏهن آرلينڊ ٽي ميچ کٽي وڃي ٿي ته پو هن لاِ موقعو آهي ته هي سپر ايٽ ۾ پهچي ويندي ۽ پاڪستان لا خطرو ٿي سگهي ٿو ڇو جو پاڪستان به مشڪل سان 3 ميچ ئي کٽي سگهندي
 
Back
Top