• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سال 1973 جي آئين ۾ سنڌي سڏائڻ تي ڪا به پابندي ڪانهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اڄ ڪنهن دوست جي، فيس بوڪ تي پوسٽنگ پڙهيم جنهن دعوى ڪئي آهي ته سال 1973 واري آئين ۾ سنڌي سڏائڻ تي پابندي آهي ـ مون انهيءَ دوست کي گذارش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪا اهڙي پابندي آهي ته هو آئين جو اهڙو آرٽيڪل لکي ته جيئن مون ۽ ٻين دوستن جي ڄاڻ ۾ واڌ ٿئي ـ
مان پاڻ انٽرنيشنل رليشنس، پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي جو شاگرد رهيو آهيان ۽ آئين جو سبجيڪٽ پڙهيو اٿم ـ منهنجي ڄاڻ موجب 1973 جي آئين ۾ اهڙي ڪابه شق رکيل ڪانهي جنهن هيٺ سنڌي سڏائڻ تي پابندي وڌي وئي هجي ۽ هونئن به اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو جو ان تي بلوچ ۽ پٺاڻ قومپرستن جون صحيحون آهن سي سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ سڏائڻ تي بندش جي شق ڪيئن منظور ڪن ها؟ اها سمجھڻ جي ڳالهه آهي ـ
اٽلندو، بيريسٽر ضمير گھمريَ جي چواڻي سال 1973 جي آئين ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني ٻولين جي شق رکي وئي آهي جيڪا سال 1956 ۽ سال 1962 وارن آئينن ۾ به ڪانه رکي وئي هئي جنهن هيٺ سنڌ سرڪار چاهي ته سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ڊڪليئر ڪري سگھي ٿي ـ
بيريسٽر ضمير موجب جيڪڏهن سال 1973 جي آئين تي سچائيءَ سان عمل ڪجي ته سنڌين کي گھڻا حق ملي سگھن ٿا ـ
اها به حقيقت آهي ته جڏهن سال 1956 جو آئين ٺهيو ته بنگالين پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرايو هو، ان وقت جيڪڏهن هڪ مکيه سنڌي قومپرست اڳواڻ چاهي ها ته سنڌيءَ کي، بنگالين جي مدد سان قومي ٻولي سولائيءَ سان مڃرائي سگھي ها پر هن ائين نه ڪيو ۽ نه ئي پاڪستاني ٻولين کي ترقي وٺرائڻ جي ڪا شق آئين ۾ رکرايائين ـ اهي تاريخ جون تلخ حقيقتون آهن جنهن کان ڪونه حقيقت پسند انڪار ڪونه ٿو ڪري سگھي ـ
افسوس ته ڪي ماڻهو عوام ۽ خاص ڪري نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪوڙي پرچار ڪن ٿاـ جيڪڏهن آئين تي عمل ڪونه ٿو ٿئي يا ان جي هڪ اڌ پيرا تي سنڌين کي اعتراض آهي ته ان لاءِ ڀلي جدوجهد ڪئي وڃي ۽ نه ئي ساري آئين کي رد ڪيو وڃي ـ
 
Back
Top