محمد خان سيال
سينيئر رڪن
مون هڪ پوسٽنگ ڪئي هئي ته سنڌي ٽن باهين جي وچ۾ آهن جيڪي آهن: پ پ پ جي سنڌ سرڪار، ايم ڪيو ايم ۽ ڀتاخور سنڌي قومپرست ـ
ان کانپوءِ هڪ دوست اعتراض ڪيو آهي ته مان سنڌي قومپرستن تي تنقيد ڇو ٿو ڪريان؟ اها ته حقيقت آهي ته مثبت تنقيد سدائين اصلاح جو ذريعو هوندي آهي ٻي حالت ۾ چاپلوسيءَ وارو ڪلچر زور وٺندو جيڪو اسان وٽ هاڻ عام ٿي چڪو آهي ـ
قومپرستن جنهن ۾ مون سميت سنڌي قوم جون وڏيون اميدون آهن تن جا لڇڻ ڏسي اسان جو هنيان سڙي ٿو ـ اهي ويچارا، چي گويرا جا مثال ڏين ٿا پر چي گويرا ته دم جي بيماريءَ جو سخت مريض هوندي به بوليويا ۾ ساٿين سان گڏ ميڊيڪل اسٽور تي پهتو ۽ دوا به ورتائين پر ڪنهن به ڪامريڊ وٽ پيسا ڪونه هئا، سو اهو چئي واپس ڪيائين ته ڪنهن ٻئي وقت خريد ڪندا سون پر جيڪڏهن ان جي جاءِ تي سنڌي قومپرست هجن ها ته ويچاري ميڊيڪل اسٽور واري سان ڪهڙي جٺ ڪن ها سو اوهان پاڻ سمجھي سگھو ٿا ـ
قومپرستن تي تنقيد ائين آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو پُٽ خراب صحبت ۾ هليو وڃي ته اهو ڇا ڪندو؟ پهريان کيس بار بار سمجھائيندو ۽ پوءِ دوستن ۽ مائٽن کي چوندئو ته کيس سمجھائين ـ اسان جون به قومپرستن ۾ وڏيون اميدون هيون پر انهن جي گھڻائي ڪرمنلس نڪتي ـ هاڻ اوهان پاڻ انصاف ڪريو ته سنڌ جي هڪ وڏي قومپرست جماعت جي ٻئي نمبر ليڊر ۽ سندس ڀائرن تي 22 ايف آءِ آر ڪٽيل آهن جيڪي سنڌ جي محبت ۾ ناهن پر ڀتاخوري، قتل، اغوا وغيرهه جون آهن، انهن مان چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد ڪريون؟
هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته سال 1972 واري ايڪٽ ۾ سنڌي ٻولي رڳو سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنل آهي پر قومپرست ڏينهن رات ڪوڙ ڪُٽين ٿا ته سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو ويو هو ۽ اهڙي ريت سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو آئيني ۽ قانوني جواز پيدا ڪن ٿا. اهي حرڪتون رڳو شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ ڪن ٿا ـ ڇا اها سندن سنڌ سان محبت آهي ؟