• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گھٽ اسپيڊ ۾ فيسبوڪ ڪيئن هلائجي ؟

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪجهه ڏينهن کان اسان جي ڳوٺ ۾ نيٽ اسپيڊ صفا گھٽ پئي اچي، فيسبوڪ به نه پيو کُلي.. ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ سنڌيءَ کي عقل آيو ته ڪمپيوٽر کي موبائل ڪري هلاءِ،
پوءِ بس دير هُئي ته فيسبوڪ يُوآرايل مٽائڻ جي باقي گھٽ اسپيڊ تي فيسبوڪ ائين پئي هليو جيئن فاسٽ اسپيڊ تي هلندو آهي، پر ان ۾ هڪڙي ڏُکيائي پئي آئي ته اصل فيسبوڪ جو مزو نه هو.

هيءُ موضوع موڪلڻ جو مقصد توهان کي به ان ٽِپ مُتعلق آگاھ ڪرڻ آهي.
جيڪڏهن توهان وٽ به نيٽ اسپيڊ صفا گھٽ آهي ته گھٻرايو نه، يو.وي ڪلپ ۽ فيسبوڪ، ايميل، جِي_ميل به توهان گھٽ اسپيڊ تي هلائي سگھو ٿا.. :)
سڀ کان پهرين توهانکي فيسبوڪ متعلق ٻڌايان ٿو:

جڏهن توهان فيسبوڪ هلايو ته www.facebook.com جي جا تي m.facebook.com لکو ۽ هلايو، جيڪڏهن اڃان به اسپيڊ گهٽ هُجي ته پو لکو mbasic.facebook.com ۽ مزو وٺو فيسبوڪ جو.. :) ڪجهه هِن طرح.

16372797628_07c1052efb_o.jpg


ياهُو (ايميل) کولڻ لا ڪلڪ ڪريو.

Sz8rvz.jpg



گهٽ اسپيڊ ۾ جِيميل کولڻ لا ڪلڪ ڪريو.

ZCIFAe.jpg

 
اهي ٽپس به وڻيون .... پر فيسبوڪ جو اصل حسن اوريجنل ويو ۾ آهي
هائو بلڪل، اصل شئي اصل آهي پر جيڪڏهن ٻهراڙي ۾ اسپيڊ گهٽ هُجي ته اصل مزو نه ڏيندو ۽ نقل مزو ڏيندو. :)
مٺڙا اھو يو وي ڪلپ آھي يا وي يو ڪلپ؟
مٺا جيڪو به آهي پر انگريزي ۾ آهي اُن ڪري يو.وِي ڪلپ لکيم، باقي جيڪڏهن وِي_يو ڪلپ آهي ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي.. :) ڇو ته مون سنڌي ۾ لکيو آهي. :)
 
Back
Top