• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن سان احساس اوريندي

ڪنهن سان احساس اوريندي
_______________________

نه وسريا اوهان هو پنڌن پيچرن کان
پڇي ڏس هوائن فضائن برن کان....

سڀ سانڍيل آهيو احساس اندر ۾
سڄا سارا سالم محبت جي من کان

لڙهندڙ پاڻيءِ جي لحر تار لڏندي
هلڻ ياد تنهنجو سهڻي جي سن کان

اوهان روشني رستي به هليا پرين ها
اڃا تائين اکين جي پڇو ماڻڪن کان

نه وسري سگهيا هو نه وسري سگهو ٿا
ائين ڳائجو پيا سريلن سرن کان

اسان جون ته اوتون اڃا آسري ۾
چئو ڪيئن ٿا وسريون ورن کان.....

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top