سوفٽ ڊرنڪ جا اثرات

'صحت سرير جي' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2015۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    هي پڙهڻ کان پوءِ توهان کي ٿورڙي دير لاءِ پريشاني ته ٿيندي پر هن کان پوءِ جڏهن به ڪنهن سوفٽ ڊرنڪ يعني ڪوڪا ڪولا يا پيپسي ڪولا وغيره کي هٿ لڳائيندا ته ان کان اڳ هزار دفعه ضرور سوچيندا ته پيئڻ گهرجي يا نه پيئڻ گهرجي.

    سوال اهو آهي ته ڇا توهان يا توهان جي گهر وارا ۽ ٻار گهڻو ڪري ڪوڪا ڪولا ۽ پيپسي جهڙا سوفٽ ڊرنڪ پيئن ٿا؟ اگر جواب ها ۾ آهي ته پوءِ توهان سمجهي وٺو ته دل جي بيماري، ٿولھ ۽ ذيابيطس جهڙا مسئلا توهان جي در تائين پهچي چڪا آهن. ڪافي وقت کان انهن مشروبن جي نقصانن بابت تحقيق سامهون ايندي رهي آهي پر هاڻي جڏهن مغربي ملڪن به انهن کي ايتري قدر نقصانده سمجهيو آهي جو انهن کي ختم ڪرڻ يا انهن جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ باقائده مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. هڪ برطانوي اخبار ”ميل آن لائن“ جي مطابق باطانيه ۾ GULP-Give up Loving Popنالي مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ماڻهن کي سوفٽ ڊرنڪ ڇڏائڻ تي راضي ڪرڻ آهي.

    هڪ سرڪاري اداري NHSجي مدد سان هلندڙ هن مهم جي مطابق ڪولا ڊرنڪس به تماڪ جي نشي وانگر ماڻهن کي موالي ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري هي دل، جگر ۽ معدي جون بيماريون پيدا ڪرڻ کان سواءِ ٿولھ، ڏندن جون بيماريون ۽ هڏن جون بيماريون پڻ پيدا ڪري رهي آهي. هن مهم جي لاءِ خصوصي ڪتابچه پڻ ورهايا پيا وڃن انهن جي مطابق روزانو هڪ ڪين ڪولا ڊرنڪ پيئڻ وارن ۾ هارٽ اٽيڪ جو خدشو 33 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو جڏهن ته هڪ سال ۾ ان جو وزن تقريبن 6 ڪلو گرام وڌي وڃي ٿو. هن مهم ۾ خاص طور تي ان ڳالھ ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي ته 4 کان 10 سال وارن ٻارن ۽ ٽين ايجرز کي ڪولا ڊرنڪس کان مڪمل طور تي بچائجي ڇو ته انهن لاءِ هي زهر قاتل آهي ۽ ڪولا ڊرنڪس ۾ شامل جزن ۽ خاص طور تي تيز مٺاڻ انهن ٻارن ۽ نوجوانن ۾ هن عمر ۾ جيڪو اثر ڇڏي ٿو اهو سڄي زندگي جي لاءِ هڪ روڳ بڻجي سگهي ٿو.

    برطانيه ۾ ته اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اسڪول، ڪاليج ۽ راند جي ميدانن تائين جيترو ممڪن ٿي سگهي ته اهي مشروبات نظر نه اچن ته بهتر آهي. باقي اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو ته خاص طور تي انهن ڊرنڪس جو اهتمام ڪندا آهن جهڙي طرح ڪجھه وقت اڳي چانهه کانسواءِ هر خدمت اڌوري سمجهي ويندي هئي اهڙي طرح هاڻي وري ڪولڊ ڊرنڪس کانسواءِ دعوت اڻپوري لڳندي آهي مهمان نوازي جي پرک جو پئمانو پيش ٿيندڙ ڊرنڪس جي نوعيت تي هوندو آهي ته همراه ڪيترو امير يا معتبر آهي. نه ته پوءِ مهمان جي واتان اهي لفظ ٻڌڻا پوندا ته ادا صحيح خدمت ڪونه ٿي.

    (ترجمو ڪندڙ : نذير احمد لغاري)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بهترين ڄاڻ ادا
     
  3. امير عدنان

    امير عدنان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    500
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    Jurist
    ماڳ:
    ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو