• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر٬

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر٬

!ڪـوڏر او ڪـوڏر

!منھنجي لوھي آھي ڪـوڏر - وھوا

!ساري سوني آھي ڪـوڏر - وھوا

!ھيرا موتي آھي ڪـوڏر - وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠
!نالو کوٽي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

!پاڻي ڇوڙي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

!ٻارو جوڙي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!ڀورا ڀنڊ کڻي آ ڪـوڏر - جلدي جلد آ ڀاءَ ڙي

!سومر سانڊ کي آ ڪـوڏر - تڪـڙو تڪـڙو آءُ ڙي

راضي رِند کڻي آ ڪـوڏر - تڪـڙو تڪـڙو آءُ ڙي

ڪـوڏر ڙي ڪـوڏر٠٠٠٠

!منھنجو ڏاڏو ڪـوڏاريو ٠٠٠ وھوا

!منھنجو بابو ڪـوڏاريو ٠٠٠٠ وھوا

!ھاري ھرڪـو ڪـوڏاريو ٠٠ وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!ڪـوڏر ڪـا بخاريءَ جي - وھوا

!ڪـوڏر ھاريءَ ناريءَ جي - وھوا
!ڪـوڏر سنڌڙي ساريءَ جي - وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠
 
جواب: ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر٬

ڀائڙا سولنگي، تمام سهڻو بيت آهي ڪوڏر تي، ۽ ڇونه ڪوڏر جا ڪمال ئي اهڙا آهن، ڪوڏر ته هاري جو هٿيار آهي، ڪوڏر ته پورهيت جو سينگار آهي، ڪوڏر ته زمين جو ڏاج آهي، ڪوڏر ته گهرن ٺاهڻ واري رازي جو راز آهي ۔۔۔
هڪ عرض ته ادا سائين اهي بهترين خيال ڪهڙي ڪوي جا آهن، مهرباني ڪري شاعر جو نالو ضرور لکندا ڪريو، ته جيئن انهن ٻولن جي اهميت وڌي وڃي ۽ اسان سميت سڀني دوستن کي به خبر پوي ۔۔۔
 
جواب: ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر٬

ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر٬

!ڪـوڏر او ڪـوڏر

!منھنجي لوھي آھي ڪـوڏر - وھوا

!ساري سوني آھي ڪـوڏر - وھوا

!ھيرا موتي آھي ڪـوڏر - وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠
!نالو کوٽي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

!پاڻي ڇوڙي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

!ٻارو جوڙي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!ڀورا ڀنڊ کڻي آ ڪـوڏر - جلدي جلد آ ڀاءَ ڙي

!سومر سانڊ کي آ ڪـوڏر - تڪـڙو تڪـڙو آءُ ڙي

راضي رِند کڻي آ ڪـوڏر - تڪـڙو تڪـڙو آءُ ڙي

ڪـوڏر ڙي ڪـوڏر٠٠٠٠

!منھنجو ڏاڏو ڪـوڏاريو ٠٠٠ وھوا

!منھنجو بابو ڪـوڏاريو ٠٠٠٠ وھوا

!ھاري ھرڪـو ڪـوڏاريو ٠٠ وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!ڪـوڏر ڪـا بخاريءَ جي - وھوا

!ڪـوڏر ھاريءَ ناريءَ جي - وھوا
!ڪـوڏر سنڌڙي ساريءَ جي - وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠

تمممممممام بهترين ونڊ آهي ادا عاشق سولنگي صاحب
 
Back
Top