منفرد ڪلاسيڪل راڳي ۽ ڪمپوزر استاد عبدالغفور سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منفرد ڪلاسيڪل راڳي ۽ ڪمپوزر استاد عبدالغفور سومرو

    تحرير: مٺل کهڙو

    لاکيڻي لطيف جي هيلوڪي عرس مُبارڪ جي موقعي تي بهترين راڳيءَ جو ”لطيف ايوارڊ“ حاصل ڪندڙ منفرد ڪلاسيڪل راڳي ۽ ڪمپوزر استاد عبدالغفور سومري ننڍپڻ کان ئي سازن ۽ سُرن سان لنئون لاتي راڳ ۽ ويراڳ ڄڻ ته سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هُيو. اِهو ئي سبب آهي جو هُنَ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي نجي محفلن ۽ ان کان پوءِ صوفي بزرگن جي درگاهن تي ڳائڻ شروع ڪيو. موسيقيءَ جي دُنيا سمنڊ جهڙي گهري آهي ۽ انهيءَ سمنڊ مان اُجرا موتي ميڙي اچڻ جي تڙپ ۽ تانگهه سندس من ۾ شروع کان ئي وٺي موجود هُئي ـــ راڳ جي دنيا ۾ سکيا جو سفر هُنَ نوجوانيءَ کان ئي شروع ڪري ڏنو.
    استاد عبدالغفور سومري جو بنيادي تعلق سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور سان آهي. سنڌ جي عظيم شاعِرَ شيخ اياز جو شهر شڪارپور جنهن کي ”سنڌ جو پئرس“ به سڏيو ويندو هيو. انهيءَ ئي شڪارپور ۾ فن جي ابتدائي سکيا حاصل ڪندڙ استاد عبدالغفور سومري جي مزاج تي شڪارپور جي علمي ادبي ماحول جو به وڏو اثر ٿيو. راڳ سان گڏ سُٺو ۽ معياري ادب پڙهڻ سبب ئي هُو نه صرف هڪ فهميدو مقرر پڻ آهي پَرَ خوبصورت نثر به لکي سگهي ٿو.
    سنڌ جي موسيقيءَ ۾ گواليار گهراڻي جو وڏو ڪردار آهي ۽ انهيءَ عظيم گهراڻي سان تعلق رکندڙ استاد منظور علي خان جي ڳائڪيءَ جو انداز هڪ الڳ اسڪول آف ٿاٽ جي حيثيت رکي ٿو. استاد منظور علي خان جي ڀاڳوند شاگردن مان هڪ استاد گلزار علي خان به آهي. خانواهڻ جي ڀرسان هڪ ڳوٺڙي ”ديهات“ سان تعلق رکندڙ برک ڪلاسيڪل راڳي گلزار علي خان جا جيڪي لائق شاگرد پيدا ٿيا ۽ انهن موسيقي ۽ راڳداريءَ جي دنيا ۾ نالو ڪمايو انهن مان هڪ استاد عبدالغفور سومرو پڻ آهي.
    استاد عبدالغفور سومري جي هڪ فَني خُوبي اِها به آهي ته ڳائڪيءَ سان گڏوگڏ، استاد محمد جمن وانگر هڪ اعليٰ ڪمپوزر پڻ آهي ـــ هُنَ ڪيتريون ئي يادگار ڌُنون ڪمپوز ڪيون آهن ۽ اڄ به هُو ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪمپوزر جي حيثيت سان تخليقي ڪم ڪندو رهي ٿو، بلڪل ائين جيئن سندس استاد گلزار علي خان ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پهرئين ڪمپوزر جي حيثيت سان اڻ ڳڻيون يادگار ڌنون ڪمپوز ڪيون ـــ استاد عبدالغفور سومرو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ فوڪ موسيقيءَ تي هڪ جيتري دسترس رکي ٿو. هونئن ته اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪئسيٽس جي دُنيا ۾ هُنَ جا سوين ڪلامَ مقبول ٿيا آهن، پَرَ جڏهن پاڻ سچل سرمست سائينءَ جي ڪافي ”محبوبان ني مهندي لائي هي“ ڪمپوز ڪري ڳاتائين ته اُنَ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. ڪجهه سال اڳ سچل سائينءَ جي سالياني عُرس مُبارڪ جي موقعي تي سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران کيس بهترين راڳيءَ جو ”سچل ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. لطيف، سچل ۽ بيدل ايوارڊ کان علاوه هُو اڻ ڳڻيا مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چُڪو آهي.
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماڊل اسڪول ۾ ميوزڪ ٽيچر طور ڪم ڪندڙ استاد عبدالغفور سومري جديد سنڌي غزل کي نئين انداز سان ڳائڻ جي جستجو به ڪئي آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سندس نِگاههَ هميشه معياري شاعريءَ جي ڳولا ۾ رهندي آهي. هُنَ شيخ اياز، تنوير عباسي، ادل سومري، ايازگل، حليم باغي، حسن درس، احمد سولنگي، اقبال رند، امر اقبال، بخشل باغي سميت ڪيترن ئي جديد شاعرن جي شاعريءَ کي ڪمپوز ڪري ڳايو آهي ــــ ڏات ورهائڻ سال وڌندي آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هُنَ هميشه سخاوت جو مظاهرو ڪيو آهي ــــ سال 2002ع ۾ جڏهن نفيسه شاهه خيرپور جي ضلعي ناظمه هئي تڏهن استاد عبدالغفور سومري اڻ ٿڪ محنت ۽ ڊڪ ڊور کان پوءِ خيرپور ۾ ”استاد منظور علي خان ميوزڪ اڪيڊمي“ قائم ڪئي ۽ ضلعي انتظاميه پاران کيس انهيءَ لاءِ عمارت به ڏني وئي پر پوءِ اُها عمارت جلد ئي ميوزڪ اڪيڊميءَ کان واپس ورتي وئي. اڪيڊميءَ ۾ ڪيترائي نوجوان راڳي راڳ ۽ موسيقيءَ جي سکيا وٺندا هئا. استاد عبدالغفور سومري همت نه هاري ۽ سکيا ڏيڻ جي انهيءَ سلسلي کي بند نه ڪيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت هڪ ننڍڙو دڪان ڪرائي تي وٺي ان ۾ سکيا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ اهو سلسلو اڃان تائين به جاري آهي. استاد منظور علي خان اڪيڊمي کي هينئر سُپريئر سائنس ڪاليج خيرپور جي بلڪل سامهون هڪ ڪرائي جي ننڍڙي جاءِ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. هيءَ اڪيڊمي خيرپور ۾ وقت به وقت موسيقيءَ جا مختلف پروگرامَ منعقد ڪندي رهي ٿي جن ۾ ڪلاسيڪل موسيقيءَ سان پيار ڪندڙ سموري سنڌ کان اچي گڏ ٿيندا آهن ـــ شريف عباسي، ظفر شينو، آصف رضا سومرو، شازيه علي، جاويد پنهور ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان راڳي، استاد عبدالغفور سومري جا اُهي لائق شاگرد آهن، جن هن اڪيڊميءَ مان تربيت ورتي آهي ۽ انفرادي نالو ڪمايو آهي.
    استاد عبدالغفور سومرو هڪ محبت ڪرڻ واري دل جو مالڪ آهي. سندس دوستن ۽ مداحن جو هڪ وسيع حلقو سموري سنڌ ۾ ڦهليل آهي هُنَ سنڌ جي فنڪارن کي هڪ ٻئي سان جوڙي رکڻ لاءِ ڪيئي سالَ اڳ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن ”آسا“ جو بُنياد به رکيو ـــ اِها تنظيم هن وقت به سنڌ جي راڳين ۽ موسيقارن جي حقن ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪندي رهي ٿي ۽ سنڌ سطح تي هن تنظيم پاران ڪيترائي يادگار پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا.
    استاد عبدالغفور سومرو نوجوانن ۾ موجود ٽيلنٽ مان مايوس هرگز به ڪونه آهي. ڪجهه عرصو اڳ هڪ سنڌي ٽي وي چئنل پاران کيس هڪ ٽيلينٽ هَنٽ پروگرام ۾ جج مقرر ڪيو ويو ته هُنَ کي سموري سنڌ مان لِڪل ٽيلنٽ کي ٻُڌڻ جو موقعو به مليو. هُنَ راڳداريءَ جي فن جي حوالي سان راڳ جي نصابَ جي نوعيت جو هڪ ڪِتابُ به لکيو آهي، جيڪو ڪِتابُ تمام جلد پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران شايع ٿي موسيقيءَ سان محبت ڪندڙن جي هٿن تائين پهچڻ وارو آهي.
    هونئن ته سڄي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌ واسي استاد عبدالغفور سومري جي فن جا متعرف آهن پر مقامي سطح تي اتر سنڌ ۽ خاص ڪري خيرپور جا علمي ادبي ڪاڄَ سندس پرفارمنس کان سواءِ اڌورا سمجھيا ويندا آهن ـــ سچل سائين، بيدل سائين، ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جون ساليانيون ورسيون هجن يا لطيف يونيورسٽي ۽ ريڊيو پاڪستان، سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام هجن يا پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جون ادبي سرگرميون، استاد عبدالغفور سومرو هر محفل جي سونهن هوندو آهي ــــ خيرپور ۾ جڏهن خيرپور آرٽس ڪائونسل جو قيام ٿيو هو ته استاد عبدالغفور سومري اُنَ تي افتتاحي تقريبَ ۾ نامياري شاعِرَ امر اقبال جي لکين آرٽس ڪائونسل جي ٿيم سانگ ”رنگن روشنين جي هر گهر آ پرين، کجين جو شهر خيرپور آ پرين“ ڪورس جي انداز ۾ ڳائي سحر طاري ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ گيت جي ڪمپوزيشن به سندس ئي هُئي ۽ ساڻس گڏ ڪورس ۾ ممتاز ڪنول، بختاور علي، شازيه علي، شريف عباسي، آصف سومرو ۽ ٻين ساٿُ ڏنو هو. اڳتي هلي خيرپور آرٽس ڪائونسل ۾ ميوزڪ جو شعبو قائم ڪري ان جو انچارچ پڻ استاد عبدالغفور سومري کي مقر ڪرڻ جي تجويز به سامهون آئي هُئي پَرَ بدقسمتيءَ سان حالتون اهڙيون ٿي ويون جو هي ادارو الائي ڇا مان ڇا بڻجي ويو. پر استاد عبدالغفور سومري جا حوصلا بلڪل به پَست ناهن ٿيا. هُو لطيف سائينءَ جي انهيءَ سِٽَ جو پيروڪار آهي ته: ”طمع جي تنوار متان ڪرين مڱڻا“، هن بنان ڪنهن طمع جي فن جي ونڊ ورڇ جو ڪم جاري رکيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته اصل تخليقڪارن کي هروڀرو به وڏن ادارن ۽ ڳرين بجيٽن جي ضرورت ناهي هوندي ـــ ڪنهن به وڏي تخليقڪار لاءِ ڪنهن وڏي اداري ۽ بجيٽ جي گهٽتائي ضرور ڪانهي ـــ بنيادي طور تي اُهي ڏکين سکين حالتن ۾ پنهنجي تخليقي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ هر طرح جي قرباني ڏيندي ـــ آرٽ جي خدمتن ۾ رڌل رهندا آهن. جن ۾ استاد عبدالغفور اهم ڪردار آهي.
    استاد عبدالغفور سومري خيرپور سان تعلق رکندڙ بزرگ شاعرن عطا محمد حامي، اميد خيرپوري ۽ مهيسر خادم رفيقيءَ جي ڪلامَ کي به پيارَ سان ڳايو آهي.
    هڪ اهڙو دؤر جنهن دؤر ۾ فن جي قدرداني ختم ٿيڻ تي هُجي، مصنوعي ۽ شارٽ ڪٽ وارن رستن تي هلڻ وارن جا وارا نياز هجن، اهڙي دؤر ۾ نج تخليقي انداز ۾ ڪم ڪندڙ استاد عبدالغفور سومري جهڙا ڪردار سچ پچ ته ڪنهن مُعجزي وانگر ئي آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو