سَڌَائِتِي سَڀَڪَا ، بُکَ نہ بَاسَي ڪَا
جَيهِي تَيهِي ذَاتِ جِي، جُنبَشِ ڪَانَهي جَا
مُون سِين هَلَي سَا، جَا جِيءُ مِٺَو نَہ ڪَرَي
سُرُ سَسُئِي آبِرِي
سَڌَائِتِي = سَڌُنِ واري، خواهشن واري
جُنبَشِ = چرپر، هلڻ، جوش ۾ اچڻ
جَا = مَجَالَ
بيت جو پس منظر
~ هر ڪا سڌ ڪندڙ آهي، پر بک برداشت ڪرڻ لاءِ ڪا بہ تيار ناهي.
~ هن سفر ۾ ڪنهن جهڙيءَ تهڙيءَ جي هلڻ جي مجالَ ناهي.
~ مون سان تہ اُها هلي سگهندي جيڪا سر ساھ پيارو نہ ڪري.
سمجهاڻي
سَڌون ۽ خواهشون ڪرڻ انسان جي فطرت ۽ طبيعت ۾ سمايل آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو تہ کيس هر شئي بغير ڪنهن قربانيءَ جي گهر ويٺي ئي حاصل ٿئي.خواهشون اڻ کٽ ۽ لامحدود هجن ٿيون، جيڪي سڀ جون سڀ ڪڏهن پوريون ناهن ٿيڻيون. ڀٽائيءَ جو هي بيت بظاهر تہ سسئيءَ جي انهن سهيلين جي باري ۾ آهي، جيڪي پنهونءَ تائين پهچڻ جي سفر ۾ ساڻس گڏ هليون هيون.سر ساھ صدقي ڪرڻ جي هام هڻڻ واريون بک ۽ اڃ بہ برداشت نہ ڪري سگهيون.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ لڳاتار محنت، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ ذريعي اوهان ڪاميابيون ماڻي سگهو ٿا.محبوب ۽ منزلون تہ ڪي ارڏا، اڏول ۽ مانجهي مڙس ماڻي سگهندا جيڪي پنهنجو سر سدائين تريءَ تي کڻي هلندا آهن.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل