حل ٿيل ڇا وائيس موبائيل وي 750 ۾ سنڌي پروگرام لڳي ٿو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڇا وائيس موبائيل وي 750 ۾ سنڌي پروگرام لڳي سگھي ٿو؟
مون تازو نئون موبائيل سيٽ خريد ڪيو آهي جيڪو بازار ۾ تازو آيل آهي: وائيس وي 750 ـ ڇا ان ۾ سنڌي پروگرام لڳي سگهي ٿو؟ جيستائين مون ان جي سيٽنگ ڏٺي آهي ته ان ۾ اردو ۽ فارسي ٻولين جو آپشن به موجود آهي ـ جيڪڏهن ها ته ڪهڙي ريت؟ دوست گائيڊ ڪن ته سندن مهرباني ٿيندي ـ
 
جيڪڏهن توهان جو موبائل ائنڊرائيڊ ورزن 4 کان مٿي آهي ته پو سنڌي انسٽال ڪري سگهجي ٿي. :)
 
مهرباني، پيارا
سوال اهو آهي ته جڏهن اردو پروگرام هر موبائيل ۾ اڳ ئي موجود هجي ٿو ته سنڌي پروگرام ڇو نه؟ ان لا۽ اينڊرائيڊ 4 کان مٿي ورزن جو شرط ڇو؟ ڀرڳڙي صاحب ۽ ٻين دوستن کي انهيءَ ڏانهن ڌيان ڌرڻً گھرجي "
 
سوال اهو آهي ته جڏهن اردو پروگرام هر موبائيل ۾ اڳ ئي موجود هجي ٿو ته سنڌي پروگرام ڇو نه؟ ان لا۽ اينڊرائيڊ 4 کان مٿي ورزن جو شرط ڇو؟ ڀرڳڙي صاحب ۽ ٻين دوستن کي انهيءَ ڏانهن ڌيان ڌرڻً گھرجي "
اهو ڪم سنڌي لئنگيج اٿارٽي وارن جو آهي :) ٻولي جا بااختيار ادارا اِن ڪم طرف ڌيان ڏيندا ته ڪم ٿيندو. باقي ڇڙو ڳالهيون ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندو.
اردو ٻولي پاڪستان جي قومي ٻولي آهي ۽ هندستان سميت ٻين ملڪن ۾ به گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي ان ڪري پاڪستان ۾ موبائل ڪمپنيون اردو سپورٽ ڏين ٿيون ، جيڪڏهن اسان جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو حاصل هُجي ها ته پو اڄ تائين سنڌي ٻولي هر موبائل سيٽ ۾ هُجي ها.
ٻي ڳالهه ته سائين ڀرڳڙي صاحب اڪيلو ان ڪم طرف توجه ڏيندو ته پو منهنجي خيال ۾ سندس ٻيا پراجيڪٽ (خاص ڪري او.سي.آر) رُڪجي ويندا.
 
Back
Top