• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا انسان ئي اشرف المخلوقات آهي؟؟؟

محمد نويد جمالي

سينيئر رڪن
ڀولڙي ساٿي ڀولڙي کي ڪيئن دوباره زنده ڪيو

141225175140_india_monkey_640x360_bbc_nocredit.jpg



ڀارت جي گادي جي هنڌ دهلي ۾ ٽرين جو انتظار ڪندڙ مسافرن کي هڪ ڀولڙي اُن وقت حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن انهن ڏٺو ته ڀولڙي پنهنجي ساٿي ڀولڙي جيڪو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو هو کي ڪيترن ئي منٽن جي مسلسل ڪوششن کان پوءِ ٻيهر بحال ڪيو.
ڀولڙي جڏهن ڏٺو ته انهي جو ساٿي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري بيهوش ٿي ويو آهي ته انهي اڳتي وڌي ڪري ساٿي کي هِلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن بيهوش ڀولڙي ڪا به حرڪت نه ڪئي ته انهي پنهنجي ساٿي جي زندگي بچائڻ لاءِ مختلف طريقا ڪيا.
ڀولڙي مرده حالت ۾ پيل ڀولڙي جي جسم کي ڪافي دير تائين دٻايو، انهي کي کڻي اُڇلايو ۽ ان جي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي هلڪا چڪ هنيا. ڪيئي منٽن جي ڪوششن کان پوءِ جڏهن ڀولڙي کي هوش اچڻ لڳو ته مددگارانهي کي کڻي ٿڌي پاڻي ۾ اڇلايو.
مددگار ڀولڙي پنهنجي ساٿي کي ٿڌي پاڻي ۾ ڪجھ غوطا ڏيڻ کان پوءِ انهي کي واپس به ڪڍيو. جڏهن ڀولڙي کي يقين ٿي ويو ته انهي جو ساٿي ٻيهر پوري طرح هوش ۾ اچي چُڪو آهي ته هو اطمينان سان پنهنجي ساٿي وٽ ويهي اوٻاسِيون ڏيڻ لڳو.
انهي سڄي منظر کي مسافرن پنهنجي موبائلن ۾ قيد پڻ ڪيو.

وڊيو ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.

[
بي بي سي اُردو ڊاٽ ڪام تان ورتل...
 
Back
Top