• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌيءَ ۾ نڪاح: سستي شُهرت جو طريقو يا سنڌين کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ جي سازش يا وري درست فيصلو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ ورلڊ پيج تي هڪ تصوير لڳائي وئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته موريَ ۾ هڪ شيعا عالم تصور لغاري، جاني لغاريءَ جو سنڌيءَ ۾ نڪاح پڙهايو (شايد ايئن پهريون ڀيرو ٿيو آهي)ـ
دوستن کي گذارش آهي ته انهيءَ تي ڳنڀيرتا سان بحث ڪن ته:

01 ـ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو ويو آهي ـ
02 ـ مذهبي بنيادن تي سنڌين ۾ ڄاڻي واڻي ڏڦيڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌين جي گھڻائي مسلمان آهي ۽ اهڙي ريت انهن جي دل آزاري ٿيندي ـ سنڌ کي هونئن به هن وقت مذهبي اتحاد جي ضرورت آهي يا نفاق جي؟
03 ـ يا سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو نڪاح پڙهائڻ جوجيڪو فيصلوڪيو ويو آهي سو درست آهي ـ

نوٽ: مذهبي عالمن کي گذارش آهي ته هو مذهبي طور فتوى ڏين ته سنڌيءَ ۾ نڪاح جو فيصلو درست آهي يا وري جاني لغاري ڄاڻي واڻي زنا جو ڏوهاري ٿي رهيو آهي؟
سنڌ سلامت جا دوست سنجيدگيءَ سان پنهنجي راءِ ڏين ۽ بدتميزي ڪير به نه ڪري ـ
 
سائين سيال صاحب توهان تمام سٺو۽ وقتائتو سوال شيئر ڪيو آهي اسلاميات جو ليڪچرار هئڻ جي ڪري مان ان سوال جو جواب ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان
سڀ کان پهريان ته اسان کي خطبي جي معني ۽ مفهوم سمجهڻو پوندو ته آخر خطبو آهي ڇا خطبو دراصل خطاب مان ورتل آهي ۽ ڪجهه بيان ڪرڻ ۽ خطاب ڪرڻ کي خطبو چئبو آهي
نبي اڪرم صلعم جن جي دور ۾ عيد جي نماز ۽ جمعي جي نماز توڙي نڪاح کان بعد جيڪو خطبو پڙهيو ويندو هو اهو اصل ۾ ماڻهن جي اصلاح جي لاء ڪنهن تقرير وانگر هوندو هيو ۽ عيد تي عرب ان خطبي ۾ عيد جا احڪام ۽ ان بابت حديثون بيان ڪندا هئا ۽ ڊگهو خطبو پڙهندا هئا ۽ اهڙي طرح سان جمعي جو خطبو به ان وانگر ئي ڏيندا هئا
هاڻي مسئلو هي آهي ته هڪ ته خطبو مقرر ڪو نه آهي ۽ خطبي جا لفظ به مقرر ڪو نه آهن امام ابو حنيفه جي مطابق ته اگر ڪو ماڻهون الله اڪبر الحمدالله سبحان الله به چوي ته ان جو خطبو ادا ٿي ويندو پر ان جي صاحبيبن امام يوسف ۽ امام محمد جي فتوي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ خطبو ايترو پڙهيو وڃي جو ان کي خطبو چئي سگهجي
الله جي تعريف ۽ ڪجهه قراني آيتون پڙهڻ سان خطبو ادا ٿي ويندو آهي باقي دور جديد ۾ جيڪو سنڌي يا اردو ۾ خطبو جمعي ۽ عيد جي نماز کان پهريان ڏنو ٿو وڃي اهو اسان ماڻهن جي لاعلمي ۽ قران پاڪ کي سڌو سنئون نه سمجهڻ جي ڪري ڏنو ٿو وڃي
هاڻي اچئون ٿا توهان جي اصل سوال تي ته ڇا سنڌي اردو يا ڪنهن ٻئي ٻولي ۾ خطبو ڏئي سگهجي ٿو يا نه ؟
ان مسئلي تي سنڌ توڙي سموري دنيا جي اسلامي عالمن سالن تائين بحث ۽ تحقيق پڻ ڪئي پر آخر اهي ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته خطبو ڪنهن ٻئي ٻولي ۾ ڪو نه ٿو ڏئي سگهجي ڇو ته اگر آذان خطبو ٻئي ڪنهن ٻولي ۾ ڏنو ويو ته ان سان مسلمانن جي اجماع ۽ تشخص متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي ۽ اختلافن جو نه ختم ٿيندڙ طوفان برپا ٿي ويندو ۽ اهو رسول الله جن جي سنت جي خلاف پڻ آهي اهو هڪ اجماعي مسئلو آهي جنهن تي سڄي دنيا جا مسلمان متفق آهن
پر نڪاح جي وقت خطبو پڙهڻ سنت آهي فرض ڪو نه آهي نڪاح جي وقت ايجاب ۽ قبول ڪرائڻ فرض آهي ايجاب ۽ قبول ڪرايو ويو ته سمجهو نڪاح ٿي ويو پر خطبو اگر سنڌي ۾ پڙهيو ويو ته سنت ادا ڪو نه ٿيندي پر نڪاح صحيح ٿي ويندو.
دعا آهي ته الله تعالي اسان کي دين جي صحيح سمجهه عطا فرمائي آمين
 
سائين نڪاح جي حقيقت اصل ۾ايجاب۽قبول آهي جي اهو صحيح آ ته نڪاح ٿي ويوباقي رهيو خطبو ڪهڙي زبان ۾ هجي ان ۾ اختلاف آهن امام اعظم ابو حنيفه رح وٽ اگر خطبو غير عربي ۾هجي ته به مطلقا جائز آهي(فتح القدير ج1ص247) علامه عبدالرحمن جزيري جو فرمان آهي ته،حنفين وٽ خطبو غير عربي ۾ جائز آهي توڙي جو عربي تي قادر هجي ٻڌڻ واري قوم عربي هجي يا عجمي ٻنهين حالتن ۾ خطبو غير عربي ۾ جائزآهي(ڪتاب الفقه علي المذاهب الاربعته ج1 ص355) پر منهنجي خيال ۾ خطبو عربي ۾ پڙهيو وڃي ته سڀ کان بهتر رهندو۽ اسان اختلافن کان به بچي پونداسين .(ڪنهن به غلطي جي صورت ۾ الله جي در معافي جو طلبگار آهيان ) وسلام
 
نڪاح جي وقت خطبو پڙهڻ سنت آهي فرض ڪو نه آهي نڪاح جي وقت ايجاب ۽ قبول ڪرائڻ فرض آهي ايجاب ۽ قبول ڪرايو ويو ته سمجهو نڪاح ٿي ويو پر خطبو اگر سنڌي ۾ پڙهيو ويو ته سنت ادا ڪو نه ٿيندي پر نڪاح صحيح ٿي ويندو.

مون به پهرين ايترو ئي ٻُڌو آهي...
 
Back
Top