لکي ڀرسان پيار پرڻي جي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو،نوجوان قتل،

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    لکي غلام شاهه (رپورٽ:عبدالرزاق بروهي) لکي غلام شاهه ويجهو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيار جي پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ هڪ بيگناهه واٽهڙو ۽ هڪ پورهيت سميت 3 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ نينگر سميت 4 پورهيت زخمي ٿي پيا، تفصيل موجب لکي غلام شاهه ٿاڻي جي حد ۾ شر برادري جي قطب علي شر ۽ جاگو شر ڌرين وچ ۾ پيار جي پرڻي تان شروع ٿيل تڪرار تان قطب شر واري ڌر جي ڪار سوار هٿياربندن جهان خان چوڪ وٽ گيراج تي ويٺل محبوب شر مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ محبوب شر ۽ واٽهڙو مور عرف لشڪري (ڪرسي) جتوئي ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ چار ڄڻا پورهيت نواب شيخ، غلام حيدر مهر، عرفان (ڪرسي) جتوئي ۽ محب علي (ڪرسي) جتوئي زخمي ٿي پيا، جن مان نواب شيخ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 ورهين جي نينگر عرفان جتوئي ۽ پورهيت غلام حيدر مهر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٽنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، واقعي جي ڏيڍ ڪلاڪ بعد لکي غلام شاهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا، مقتول محبوب شر جو لاش ڳوٺ يوسف شر ۽ مور عرف لشڪري جتوئي جو لاش ڳوٺ مٺل خان (ڪرسي) پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول نواب شيخ جو لاش کڻي وارثن ۽ جسقم ڪارڪنن عبدالسميع بلاڻي، ستار ڪلادي ۽ حاجي نثار جکرو جي اڳواڻي ۾ جهان خان چوڪ تي ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري 4 ڪلاڪ مسلسل روڊ بلاڪ رهيو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مقتول محبوب شر جي سئوٽ ماهي خان شر ۽ چاچي يونس شر ٻڌايو ته قطب شر وارن ظلم ڪري اسان جي نوجوان کي بلا جواز قتل ڪيو آهي، ظالمن اڳ ۾ سندس پيءُ يوسف شر کي بيگناهه قتل ڪيو هو، هنن چيو ته جاگو شر سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، هوڏانهن شر برادري جي نوجوان محبوب شر جي قتل بعد ڌرين ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ٻنهي ڌرين جا 10 کان وڌيڪ ڳوٺ تڪرار جي ور چڙهي ويا، ڳوٺ يوسف شر، لعل خان شر، باگو شر، قلب شر، وزير علي شر، هدايت شر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، هوڏانهن لکي غلام شاهه ٿاڻي تي مقتول محبوب شر جي چاچي يونس شر جي فرياد تي 23 ڄڻن قطب الدين شر، واحد علي شر، گورو شر، هدايت الله شر، گلشير شر، علي شر، ٻاٻيهو، امام بخش، عبدالفتاح، راجا، وڪيل، بخت، سڪندر ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٽن مقتولن جي وارثن مان فقط هڪ مقتول جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو، آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس پي او لکي احمد نواز رند چيو ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
    http://www.thekawish.com/
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو