مريخ تي ٺهندڙ امڪاني ڪالونيءَ جي لاءِ سڄي دنيا مان 100 شهرين جي چونڊ ڪئي وئي آهي، پر مريخ تائين سندن اهڙو سفر هڪ طرفو ئي هوندو، سندن واپسيءَ جو ڪو امڪان ناهي، زمين تي رهي رهي بوريت جو شڪار ٿي ويا آهيو؟ ڇا مريخ تي رهڻ پسند ڪندؤ؟ سڄي دنيا مان اهڙا 2 لک ماڻهن زمين کي هميشه لاءِ ڇڏي وڃڻ جون درخواستون موڪليون، اهڙيون درخواستون ڪوپن هيگن جي هڪ ڪمپنيءَ گھرايون هيون، پر انهن مان 100 ماڻهن کي چونڊيو ويندو، جيڪي هميشه لاءِ ”مٿي“ مطلب مريخ تي ٺهيل انساني ڪالونيءَ ڏانهن موڪليا ويندا. هيءَ ون وي ٽريڪ هوندي، يعني ڳاڙهي سياري تي ويندڙ ماڻهو اتي وڃي کائيندا، پيئندا ۽ موج ڪندا، پر واپس نه اچي سگھندا، ها شايد زمين طرف ڏسي سدائين هٿ ضرور لوڏي هيٺ زمين تي رهندڙن کي کيڪاريندا.
ٻُڌو آهي ته اِنهن اميدوارن ۾ هڪ پاڪستاني به شامل آهي... پراميدوارن جو تعداد 100 مان گهٽائي 24 ڪيو ويندو... پوءِ اهي 24 الائي ڪهڙا خوش نصيب هوندا جيڪي مريخ تي پهرين وڃڻ جو اعزاز ماڻيندا...