اسپين: ”اڇو منهن“ ڪرڻ وارو ساليانو فيسٽيول!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]ميڊرڊ (ع آ نيوز) سڄي دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ اهڙن ماڻهن جي گھٽتائي ناهي، جيڪي نوان نوان طريقا اپنائي تفريح ماڻيندا آهن، اسپين۾ سالياني ”فلور فائٽ فيسٽيول“ رٿيو ويو، جنهن ۾شهري گھٽين ۾ گڏ ٿي هڪ ٻئي مٿان اٽو هاري هڪ ٻئي جو ”اڇو منهن“ ڪيو، ان ويڙهه ۾ مردن ۽ عورتن خاص طور تيار ڪيل فوجي طرز جو لباس پائي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اٽي کي ٿانون بدران پائيپن ذريعي پاڻيءَ جيان هڪ ٻئي تي وسايو ويو، ويڙهه ۾ اٽي سان گڏوگڏ بيدن ۽ ڦٽاڪن سان به هڪ ٻئي تي حملا ڪيا ويا، ٻڌايو ويو ته هي ٻه سئو سال پراڻو ڏِڻ آهي جنهن کي اڄ به شهري هر سال ملهائيندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو