• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڊ جي پراسرار بيماري، ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
استانا (ع آ نيوز) وچ ايشيائي ملڪ قازقستان جي اتر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪلاچي ۾ ننڊ جي پراسرار بيماري سبب کين لڏڻو پئجي ويو. بيماري بابت ٻڌايو پيو وڃي ته 2 سالن کان ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن کي به ان جي خبر ناهي پئجي سگهي ته ان جا ڪهڙا سبب آهن. ڊاڪٽرن موجب بيماري ورتل فرد اوچتو سمهي پون ٿا ۽ پوءِ ڪيترائي ڏينهن ستا پيا هوندا آهن. بيماري ۾ ورتل ماڻهن ۾ يادداشت جي گهٽتائي ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته انهي بيماري کي sleepy hollow (وڏا خواب) جو نالو ڏنو ويو آهي. بيماري ورتل هڪ شخص ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان اٿڻ به چاهيو ته نه اٿي سگهندو. اهڙي ريت ڳوٺاڻا انهيءَ پراسرار بيماري سبب لڏپلاڻ تي مجبور آهن. بيماري بابت راءِ آهي ته ڳوٺ يورينيم جي کاڻ جي ويجهو هئڻ ڪري اهڙي بيماري پکڙي آهي.
 
Back
Top