نوٽن کان پوءِ هاڻي اهڙي اي ٽي ايم مشين متعارف ڪئي وئي آهي جيڪا ڀنگ فراهم ڪري ٿي. اها مشين ڪينيڊا ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي. ٽيمپريچر پروف ان مشين مان ڀنگ وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر جو نسخو لازمي آهي. جنهن کي وجهندي ئي ننڍين ننڍين ٿيلهين ۾ ڀنگ مشين مان ٻاهر اچي وڃي ٿي. مشين آرڊر کي پورو ڪرڻ لاءِ رڳو ڪيش جي صورت ۾ ئي قبول ڪري ٿي ۽ اها مشين ڪريڊٽ ڪارڊ يا ڊيبٽ ڪارڊ کي قبول نه ٿي ڪري.