ادا منهنجو نالو عاشق حسين سولنگي آهي مان انٽر جو امتحان هن سال ڏئي ڳوٺان ڪراچي آيو آهيان ۽ ڪراچي ۾ مان ڪمپيوٽر هارڊوير جو ڪم سکان ٿو ۽ پنهنجي ماسي وٽ رهندو آهيان مان کي پنهنجي ٻولي سان ۽ پنهنجي ثقافت سان تمام گهڻي دل آهي مان کي سنڌ سلامت جو ڏس گوگل ڏنو آهي مان گوگل جو ٿورائتو آهيان۔ مان جو هڪ اڪائونٽ ٻيو به آهي مان ان جو نالو چينج ڪرڻ پيو چاهيان پر توهان دوستن الائي ڇو منهنجي ان ۾ مدد نه ڪئي۔ ان جي ڪري مونکي مجبورن ٻيو اڪائونٽ ٺاهڻو پيو۔ مان اصل شڪارپور ضلعي جي هڪ شهر مديجي جو رهاڪو آهيان، ۽ توهان مان ڪجه دوستن مونکي سڃاڻيندا هوندا مان جو پهريون اڪائونٽ solangi1212 جي نالي سان هيو۔ سنڌ سموري سون جيئي لطيف جهولي لال جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي اجرڪ ٽوپي
جواب: السلام عليڪم ياعلي مدد ادا عاشق؛ وعليڪم السلام اوهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔ اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن، مهرباني ڪري جنهن مقصد سان ڪراچيءَ آيا آهيو ان مقصد کي حاصل ڪجو ۽ اسانکي سٺا ۽ ڪامياب آٽي ماهر ٿي ڏيکاريو ته اسانجي دل خوش ٿئي۔ ٻي ڳالهه ته هن اوطاق جي دوستن جو فرض آهي سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اڳ کان اڳرو ڪرائڻ ۔۔۔ اميد آهي ته اوهان به هن اوطاق جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندا ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ @};-@};-@};-@};-
جواب: السلام عليڪم ياعلي مدد عاشق سولنگي صاحب سنڌ سلامت تي ڀلي ڪري آيا۔۔۔ ادا جنهن تحرير ۾ توهان نالي جي تبديلي جي درخواست ڪئي هئي ان ۾ هڪ انتظاميه جي رڪن توهان کان نئين نالي بابت پڇيو هيو پر توهان جواب نه موڪليو۔۔۔ خير توهان جو هي نالو ڀلو آهي مان توهان جي پهرين اڪائونٽ کي هن ۾ Merge ٿو ڪريان ته جيئن توهان جي تحريرن تي اثر نه پوي۔۔ ٻيو ته توهان جي اي ميل پهرين اڪائونٽ واري ئي رکي وڃي ٿي۔۔۔
جواب: السلام عليڪم ياعلي مدد ادا مان پهريان پنهنجي ميل ايڊريس ياهو جي ڏني هئي هاڻي هوٽميل آهي توهان ان منهنجي اڳلي اڪائونٽ کي رمو ڪري ڇڏيو مهرباني سڀني ڀائرن جي
جواب: السلام عليڪم ياعلي مدد ادا وعليڪم السلام مولا علي مدد۔۔۔ ادا توهان کي ٻيهر ويلڪم ڪندي ايترو چوندس۔۔ ڀلي ڪري آيا۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔
جواب: السلام عليڪم ياعلي مدد ادا عاشق حسين توهان کي لک واڌيون هجن جو توهان کي پنهنجي سنڌي ٻولي ء سنڌ جي ثقافت سان پيار آهي۔ اهو هر سنڌي تي فرض آهي۔