آمريڪا جي بچاءُ واري تحقيق جي اداري “ڊفينس ايڊوانسڊ ريسرچ پراجيڪٽس ايجنسي” دماغ لاءِ اهڙا جز تيار ڪري ورتا آهن جن کي دماغ جو حصو بڻائي وڃايل يادداشت کي واپس آڻي سگهجي ٿو. ان طريقي کي نه رڳو جنگ ۾ زخمي ٿي يادداشت وڃايل فوجين تي استعمال ڪري سگهجي ٿو پر الزائمر جي مريضن کي به ان مان فائدو پهچي سگهي ٿو. يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ ان تحقيق جي پراجيڪٽ مئنيجر جسٽن سانچز چيو ته جيڪڏهن توهان پنهنجن فرضن جي ادائگي دوران زخمي ٿيو ٿا ۽ پنهنجي خاندان کي ياد نه ٿا ڪري سگهو، ته اسان توهان جي ان صلاحيت کي بحال ڪري سگهون ٿا.
سياڻا چوندا آهن ته ويسر به قدرت طرفان هڪ وڏي نعمت آهي جو گهڻيون ڳالهيون دماغ مان نڪريو وڃن نه ته هوند انسان پنهنجي سٺي وقت کي ياد ڪري پيو خوش ٿيندو ۽ خراب وقت کي ياد ڪري پيو روئيندو۽ پوءِ دنيا جا ٻيا سڀ ڪم اڌورا رهجي ويندا.