ماستر الهبچائي جي زندگيءَ ۾ ننڍڙيون قيامتون تڏهن کان ئي شروع ٿي ويون هيون جڏهن رٽائر ٿي گهر پهتو هو. پنج جوان نياڻيون ۽ ننڍڙو پٽ، هاڻي گذر ڪيئن ٿيندو؟ اهو سوچي هن کي سج ڪجهه ڪانا هيٺ لهندي محسوس ٿيندو هو. پينشن جا ڪاغذ ٺهرائڻ اڪائونٽس آفيس ويو ته ڪلارڪ جي جملي “چاچا، تون ته سرڪاري ڪاغذن ۾ مئل آهين…!؟” پيرن هيٺيان زمين ڪڍي ڇڏيس، هن ڪوبه جواب نه ڏنو، بس چپن ۾ ڀڻڪيو “ها مان مري ويو آهيان!” اهو سوچي مذهبي حڪم کي رد ڪيائين ته “ٻچن جي تڪليف کان دوزخ جي اذيت وڌيڪ نه هوندي، مان رشوت ڏئي ڪم ڪرائيندس!” حقيقي قيامت تڏهن برپا ٿي جڏهن پاڙيسريءَ در کڙڪائي ٻڌايس ته سندس ڌيءُ شگفته، رڪشا ڊرائيور سان رنگ رليون ملهائيندي پڪڙجي ٿاڻي تي ويٺي آهي. شگفته، سندس وڏي نياڻي، جنهن کي اهو سوچي خانگي اسڪول ۾ نوڪري جي اجازت ڏني هئائين ته چلهه جي باهه ٻارڻ ۽ پيٽ جي اجهائڻ ۾ مدد ملندي!! استاد الهبچايو، ننڍڙي پٽ محسن سان ٿاڻي تي پهتو. ان ڏينهن ٿاڻو، ٿيٽر جو ڏيک ڏئي رهيو هو. هو ڳرن قدمن سان صوبيدار جي آفيس ۾ داخل ٿيو. ان ڪمري ۾ ئي شگفته ڪنڌ جهڪايو ويٺي هئي. ڌيءُ کي ڏسي هن جو ڪنڌ به جهڪي ويو. اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳس. صوبيدار کي هن تي رحم اچي ويو. جيئن بگهڙ کي رڍ تي ڪهل اچي وڃي. هن جي ڀرسان آيو. “بابا، رو نه پنهنجي ڌيءُ کي وٺي وڃ…پر ڪنهن به ريت صحافين کي روڪ ته خبر نه هلي نه ته منهنجي لاءِ مسئلو ٿي ويندو!” صوبيدار هن جي ڪلهي تي هٿ رکي ڳالهايو. پيرسن استاد، نراس اکين سان اتي ئي موجود صحافين جي اڳواڻ ڏي ڏٺو، جيڪو شگفته جون تصويرن ڪڍي رهيو هو. هن ٿڪل انداز ۾ وک کنئي. صحافي هن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي اٿي هن جي ڀرسان آيو. “چاچا، صوبيدار صاحب توهان کي ڇڏي ٿو ته اسان به ظالم ناهيون…… بس في اخبار هڪ هزار روپيا ڏيو…۽ شهر ۾ چاليهه نمائندا آهن…… ڳالهه ٻڌي هن تيز روشني محسوس ڪئي هن جون اکيون بند ٿي ويون. ايئن لڳس ته سج ڪجهه ڪانا نه پر پاڻ زمين تي لهي آيو هو