مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت!!!!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ماهم سنڌي

    ٻار جڏهن پنهنجي ماءُ جي ڪُک مان جنم وٺي هن دنيا ۾ پير ٿو پائي ته يقينن ان جي پهرين سڃاڻپ ، پهريون سهارو ، پهرين سنڀاليندڙ هُن جي ماءُ ئي هوندي آهي. وقت جا قدم اڳتي وڌڻ سان جڏهن ٻار جي قد ۽ جسامت وانگر سوچ ، سمجهه ۽ شعور جا پيرا دنيا جي اندر وڌيڪ پختا ٿيندا آهن ته هن جي ڪنن تائين پهچندڙ پهريان لفظ سندن ئي ماءُ جا هوندا آهن، جنهن ۾ مختلف قسمن جون لوليون ، ديني، دنياوي ڪچهريون ، پيار ، پاٻوھ ۽ دعائن سان پُر ٿيل ٻول، رهنمائي جا لفظ ئي هوندا آهن. ٻار جي پهرين درسگاھ ماءُ هوندي آهي هو پنهنجي ٻار کي دنيا جي ٻين طور طريقن سميت ڳالهائڻ به سيکاري ٿي. جيستائين ٻار ۾ ڳالهائڻ جي سگهه ۽ لفظن جي صحيح ۽ مناسب استمعال جي سمجهه اچي، جيستائين هن کي لفظن جي اچارڻ جا ور وڪڙ دماغ ۾ بيهن تيستائين هو مسلسل ماءُ جي چپن جي ڳالهائڻ دوران حرڪت کي غور سان نهاريندو رهندو آهي ۽ انهي طرح سان انهي ۾ ڳالهائڻ جو شعور دماغ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي رهيو هوندو آهي. ماءُ جي زبان مان ادا ٿيل لفظ هن لاء دنيا ۾ هلڻ ۽ دنيا کي سمجهڻ جو آسان طريقو هوندو آهي. ٻار جا سکيل پهريان لفظ ٻاتا ۽ اڌ ڪٽيل لفظ جيڪي بعد ۾ وڃي هڪ مڪمل ٻولي جي صورت اختيار ٿا ڪن، اها ئي ٻار جي مادري ٻولي سڏائجي ٿي. مادري ٻولي جي هرگز اها معنى ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي، پر جيڪر هڪ طبقي تي مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسانجي مادري ٻولي سڏائبي ، جيڪا اسان کي بنا ڪنهن شرمساري جي بافخر ٿي ڳالهائڻ گهرجي. اسان مان هر ڪو پنهنجي پياري ماءُ ۽ پيءُ سان بي پناھ ۽ غير مشروط محبت ۽ چاهت ڪري ٿو ، چاهي اهي ڪهڙي به قد ڪاٺ شڪل صورت رنگ نسل جا ڇو نه هجن ، پر فقط اهي ئي اسان کي زندگي ڏيندڙ، پاليندڙ ،ڏک سک ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا آهن، پر افسوس صد افسوس اسان مان ئي ڪجهه ماڻهو يا ائين کڻي چئجي اسان پاڻ پنهنجي ماءُ طرفان وراثتي مليل مادري ٻولي کي سڀني سامهون فخريه انداز ۾ ڳالهائڻ بجاء الاهي ڇو پردن ۾ لڪائي ٻين ٻولين جو سهارو وٺندا آهيون؟ الاهي ڪهڙي ذهنيت کي دماغ ۾ پرورش ڏيندا رهون ٿا جنهن سبب صرف قريبي رشتيدارن ۽ گهر محلي تائين پنهنجي زبان جي سرحدي لڪير پنهنجو پاڻ ئي بڻايون ٿا؟

    ٻاهر جي دنيا ۾ ملندڙ هر ماڻهو سان دفتر ۾ توڙي ٻين آفيشل جڳهن تي اسين اردو ۽ انگريزي زبان کي اوليت ڏيندي ڳالهائڻ ضروري ٿا سمجهون، جيتوڻڪ اهو غلط ته نه آهي اردو اسانجي قومي، انگريزي دفتري زبان آهي ،پر جيڪر اسان وٽ سٺن لفظن ۽ سٺن ٻولن تي مشتمل پنهنجي مادري ٻولي موجود آهي ته ڇو اسان انکي پروموٽ ڪرڻ کان لنوائيون ٿا!؟ڇا اسانکي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي شرم ٿو اچي؟ ان ۾ ته ڪو حرج به ناهي نه ئي ڪو اعتراض واريندو ڇو ته جيستائين منهنجي سوچ پهچي ٿي ته اسان ته بافخر ئي محسوس ڪندا آهيون پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ڪري، اهو ايترو به ضروري ناهي ته اسين پنهنجي ٻولي کي غير اهم قرار ڏيندي ٻين ٻولين کي ئي ڪميونيڪيشن جو ذريعو ٺاهي انهن سان ئي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهون. بهتر ته اهو ٿيندو ته اسين پنهنجي ماءُ پيءُ پاران سيکاريل ٻولي سنگتين ساٿين تائين پهچايون ۽ انهن اڳيان اهو باور ڪرايون ته اسان وٽ به پنهنجي شاندار ۽ پرڪشش لفظن واري مادري ٻولي آهي جنهن تي اسانکي مان ، فخر ۽ خوشي پڻ آهي.

    ڪنهن به طبقي جي ٻولي ان لاءِ روڊ ميپ جي حيثيت ٿي رکي، ان جي ڪلچر، تهذيب وتمدن، رسم و رواج کي ڄاڻڻ ۽ پرکڻ لاءِ ان جي ٻولي جي ادائگي، لهجو، جملن جا پاڻ ۾ ڳانڍاپا، شيشي جيان سامهون ايندڙ عڪس کي صاف چٽو ظاهر ڪن ٿا ته اسين ڪهڙي ذات پات سان لاڳاپيل آهيون. ڀلي کڻي سامهون وارو شخص اسانجي زبان ڀلي ڀت پوري سمجهي به نه سگهي، پر اسانجي زبان مان ادا ٿيل لفظ اسانجي سڃاڻپ ٿا بڻجن، لفظ به اهي لفظ جيڪي اسان چڱي طرح سان مڪمل روانگي سان بنا ڪنهن گرامر جي غلطي، اُچارن ۾ هير ڦير، ادائگي ۾ اڻائي ڪرڻ جي ، خيالن جو اظهار ٻين تائين پهچائيندا رهون ٿا.
    اُها ئي ٻولي جيڪا اسانجي ماءُ طرفان اسان ۾ منتقل ٿئي ٿي جئين ته هر ٻار جو چهرو عادتون جزبات سندن ئي ماءُ سان مشهابهت رکن ٿا، ائين ئي سندن زبان جي ادائگي، لهجي جي به ڀيٽ سندن ماءُ سان آساني سان ڪري سگهجي ٿي. اسانجي چهري، نالي ۽ لباس وانگر ٻولي به اسانجي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شناخت ڪرائي ٿي. دنيا ۾ انتهائي اهميت جي حامل مادري ٻولي بابت اسان معمولي سوچ رکي گهڻن ئي موقعن تي پنهنجي ٻولي کي سائيڊ تي ڌڪيندي ٻين ٻولين کي پنهنجو چوائي فخر ٿا محسوس ڪيون جيتوڻڪ مونکي ته اهو شرم جو مقام ٿو لڳي جو اسان ٻولي جي نالي تي اصل ۾ پنهنجي امڙ جي سڃاڻپ ٻين اڳيان ڪرڻ بجاءِ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري اڻڄاڻائي ۾ بزدلي جو کليل مظاهرو ڪري رهيا هوندا آهيون.

    ڇا اسين پنهنجي جيجل ماءُ طرفان مليل ٻولي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس ڪيون ٿا؟ يقينن نه ته پوءِ ڇو فخر سان سائنڻ جي ٻولي کي نظر اندازي جي ور ٿا چاڙهي ڇڏيون!!
    مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي جو هر سال فيبروري جي 21 تاريخ تي اقوام متحده پاران نيئن ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو. اها عام فهم جي ڳالهه آهي ته عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته ان موضوع کي سماج ۾ اجاگر ڪرڻ آهي، جيڪي پنهنجي قيمتي شيءِ جي ملهه کان اڻڄاڻ آهن.

    انهن ڏينهن کي ملهائڻ جي پس منظر تي نظر جيڪر ڪجهه وقت لاءِ ترسائبي ته مادري ٻولي پويان ڪيل بنگالي جدوجهد جي تاريخ جو هڪ ورق ڪارو ۽ رت سان ريٽيل ملندو. مادري ٻولي جي ڪري ڪيل لڳاتار جدوجهد جو 21 فيبروري جي ڏينهن وارو اثر ۽ بي دردي سان جوان شاگردن تي ڪيل تشدد نه وسرڻ جوڳو آهي.1947ع ۾ پاڪ هند ورهاڱي سبب اوڀر بنگال پاڪستان جي حصي هيٺ آيو .حالتن ۾ ڪشيدگي 1948ع ۾ تڏهن نروار ٿيڻ لڳي جڏهن حڪومتِ پاڪستان اردو ٻولي کي اڪيلي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو، جنهن جي بعد بنگالي پنهنجي ٻولي جي نظر اندازي سبب کلي طرح سان ميدان ۾ اچڻ لڳا. 1952ع ڌاري هاڻوڪي بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي يونيورسٽي ۾ سرگرم شاگردن ڀرپور احتجاج ڪيو، انهي احتجاج کي دٻائڻ لاءِ پوليس بندوقن جا مُنهن سڌا ڪري ڇڏيا، انڌ ڌنڌ فائرنگ ۽ شيلنگ سبب 4 جوان شاگرد ڳولين جو کاڄ بڻجي ويا ۽ پنهنجي ٻولي جي حقن جي حاصلات خاطر موت کي ڀاڪر ڀري چنبڙي ويا. انهي شاگردن جي رت ڳاڙهي لال ٿي رنگ لاتو. انهي ڏينهن بعد انهي احتجاج جو دائرو وسيع ٿيندو ويو ۽ ڏينهن گذرڻ سان گڏ ڦهلجندو ويو. نيٺ 4 سالن بعد انهي احتجاج آڏو گوڏا کوڙيندي 29 فيبروري 1956 ۾ بنگالي ٻولي کي پاڪستان جي دفتري زبان طور قبول ڪيو ويو ۽ پوءِ 1971 ۾ بنگال جي ورهاڱي بعد بنگالين پنهنجي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي طور منظور ڪيو.اها جدوجهد ڏسي گولين جي آواز تي اک پٽيندي 17 نومبر 1999ع ۾ اقوام متحده جي يونيسڪو، 21 فيبروري کي مادري ٻولي جو بين الاقوامي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اهو ڏينهن پهرين دفعا سال 2000ع جي 21 فيبروري کان باقاعدگي سان ملهايو ويو ۽ هر سال نئي ٿيم هيٺ ملهايو وڃي ٿو.

    منهنجو (ماهم سنڌي) جو بنيادي طور تعلق سنڌي ٻولي سان آهي، مونکي اها زبان ناناڻن توڙي ڏاڏڻن ٻنهي طرفان وراثت ۾ ملي آهي. اها ٻولي مون لاءِ باعث فخر آهي. اها ٻولي منهنجي امان جيجل مونکي جهولي ۾ سمهاري سيکاري ٿي ته پياري بابا سائين اڱر پڪڙي هلڻ مهل، شروعاتي وکن دوران منهنجا پير زمين تي پختا ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي مٺڙن لفظن کي منهنجي دل و دماغ اندر ڪاميابيسان پڪو ڪندو ويو. منهنجي ٽٽل ڀڳل جملن جي صحيح جوڙجڪ ڪندو ويو.
    ڪنهن کان پڇيو ويو ته سڀ کان مٺي ء سٺي ٻولي ڪهڙي آهي ان جواب ڏنو ته سڀ کان عمده ۽ ڪشش ڪندڙ اها سنڌي ٻولي آهي جيڪو معصوم ٻار ٻاتي ٿو ڳالهائي. ان جي جواب سان مان بلڪل متفق آهيان ۽ مون سميت سڀ سنڌي به سوء سيڪڙو متفق هوندا.

    تنهنڪري اڄ 21 فيبروري تي پنهنجي مادري سنڌي ٻولي بابت مختصر معلومات پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهيندم. سنڌي لفظ سنڌو دريا مان اخذ ڪيل آهي. سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري زبان جي حيثيت مليل آهي ۽ بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي ڏکڻ ايشيا جي زبان آهي اها پاڪستان ۽ انڊيا جي علائقي ڪڇ ،گجرات ،راجستان ،مهارشترا، جيسيلمير ۽ ممبئي ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. سال 2006ع جي هڪ ڪاٿي موجب پوري دنيا ۾ 42 ملين ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ آهن، جنهن ۾ 35 ملين پاڪستان ۾ 5 ملين انڊيا ۾ 000 150 متحده عرب امارات ۾ ، 180,000 برطانيا ۾، 50,000 آمريڪا ۾، 35,000 ڪينيڊا سميت ٻين به ملڪن ۾ توڙي جو گهٽ مقدار ۾ ئي سهي پر ڳالهائي وڃي ٿي. جيتوڻڪ هاڻي وقت جي گذرڻ سان گڏ ان تعداد اضافو اچي رهيو آهي.



    سنڌي ٻولي جا ڇهه کان مٿي قسم آهن،

    1. اترادي، اهو ٻولي جو قسم اتر سنڌ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي سڄي سنڌ ۾ وڃي ٿي.
    2. وچولي، اهو قسم سنڌ جي بلڪل سينٽرل ايريا يعني وچ وارن علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، وچولي زبان سنڌي ٻولي جو معياري بنياد پڻ آهي.
    3. لاڙي ، ٻولي جي هن قسم جو نالو ئي ظاهر ڪري ٿو ته اها سنڌ جي لاڙ وارن علائقن (لوئر سنڌ) جي زبان آهي.
    4. لاسي ، ٻولي جي نالي سان مشهابت رکندڙ اها زبان بلوچستان جي علائقي لسٻيلي طرف جي زبان آهي.
    5. ٿري ، اهو قسم ٿرپارڪر ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ان کي ڍاٽڪي ٿرو يعني وارياسي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اهو وارياسي علائقو ڏکڻ اوڀر طرف پاڪ هند بارڊر هئڻ سبب بارڊر پار ، انڊيا جي راجستان جي علائقي جيسلمير ۾ وڏي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
    6. ڪڇي ، ڪوڇي. اها ڪڇ واري علائقي جي زبان آهي، اها ڪاٺي وار گجرات ۾ سمجهي وڃي ٿي.
    سنڌي ٻولي جي عروج جو سفر 14 کان 18 صدي دوران ٿيو. جڏهن سنڌ ڌرتي مها ڏاهن ، امن ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، سامي کي پئي جنم ڏنو. سنڌي ٻولي ۾ ايترا نامور اديب ليکڪ ۽ دانا ٿي گزريا ۽ موجوده دور ۾ آهن، جنهن مان صرف هڪ يا ٻه نالا کڻڻ تاريخي غلطي چئبي. منهنجي مادري سنڌي ٻولي ۾ 500 کان مٿي ويب سائيٽس مختلف موضوعن تي معلومات مهيا ڪري رهيون آهن. اسان سڀ سنڌي درخواست نه پر پرزور مزاحمت سان گڏ مطالبو ڪيون ٿا ته 1972ع ۽ 1994ع جي ٻولي بابت ٺهرائن کي منظور ڪري آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم جي منظوري ڪري سنڌي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي طور رائج ڪيو وڃي. ٻولي بابت بل کي قومي اسيمبلي جي سرد خاني ۾ رولڻ بجاءِ منظور ڪري اسانجي مادري ٻولي کي ان جو اصل حق ۽ اهميت ڏني وڃي.

    مان هن مختصر لفظن تي مشتمل ڪهاڻي تي اختتام ڪندم جيڪو اسان ۾ شامل موجوده سوچ جي پوري نه ته اڌ عڪاسي ته ضرور ڪري ويندو.

    هڪ نوجوان ڪنهن ميگزين ۾ مادري سنڌي ٻولي بابت تفصيل سان لکيل آرٽيڪل پڙهي رهيو هو، جنهن ۾ مادري ٻولي جي اهميت لکيل هئي . هو پڙهڻ سان گڏ دل ئي دل ۾ لفظ لفظ پڙهڻ سان متفق پڻ ٿيندو ويو. ايتري ۾ سندس ماءُ بورچي خاني مان نڪري پٽ کي چئي ٿي ابا سامان کٽل آهي، وڃي بازار مان وٺي اچ. نوجوان ماءِ جي ها ۾ ها ملائيندي ميگزين ڀر واري ميز تي رکيندي موٽر سائيڪل ڪاهي بازار ويو ۽ ريزڪي دڪان تي گاڏي کي بريڪ هڻي بيٺو ۽ دڪان واري سان مخاطب ٿيندي چيائين ته ” بهائي 5 کلو آٽا 2 کلو چيني اور بناسپتي گهي کا ايڪ پيڪٽ دو اور بتاو پئسي ڪتني هوي.

    Email: mahamsindhi05@gmail.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ليک

    هڪ وينتي سنڌي قوم کي به ڪندس ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به اسڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته اهي اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو