خدابخش جويو
سينيئر رڪن
سبحان شاهه جيلاني (فقير):تحڙير: خدابخش جويو
سبحان شاهه جيلاني جو اصل ڳوٺ نئنگ شريف هو. پير صالح شاهه نئنگ وارو سندس عزيز هو (سندس چوڻ مطابق) هي اٺن سالن جو هو ته ڳوٺ کان جيئن ٻاهر نڪتو ته وري پنهنجو ڳوٺ نه ڏٺائين. سندس والد جو نالو حيدر شاهه هو. هن پوري پاڪستان جو سفر ڪيو. چلا ڪڍيا ۽ سڄي حياتي سير ۽ سياحت ۾ گذاريائين. هو 1967ع ۾ سن ۾ آيو. ان کان اڳ ۾ ڪجهه عرصو خانوٺ ۾ به رهيو.
موجود سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي ۾ قائم اڇي مسجد جي پاسي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائين. ان مڪان ۾ سئو ڏيڍ کن مختلف قسم جا ڪتا به ساڻس گڏ هوندا هئا. اتي وڏا پڃرا به هوندا هئس جن ۾ ڪانگ، ڪبوتر، ڳيرا، تتر، ڪڪڙ وغيره بند پيا هوندا هئا. ٻه گهوڙا، چار پنج زخمي ٿيل گڏهه، ويهه پنجويهه ٻلا ۽ ٻليون ڪجهه ٻڪريون ٻڌل هونديون هئس.
سندس چوڻ هو ته ”منهنجو هنن مڙني پکين، توڙي ڪتن، ٻلن ۽ ٻين جانورن سان پيار آهي. اهي منهنجا عزيز به آهن ته دوست به آهن. اڄ ڪلهه جي انسانن کان اهي جانور بهتر آهن. ڇو ته مون سان ڏاڍي محبت اٿن.“
ننڍڙا پلونگڙا سندس جهوليءَ ۾ اچي ويهندا هئا ته ساڻن ٻاتي ٻوليءَ ۾ مٺڙيون ٻوليون پيو ڪندو هو. جيئن اڪثر ماڻهو پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن سان ڳالهائيندا آهن. جڏهن شهر ۾ نڪرندو هو ته شهر جا رولو ڪتا سندس ڪڍ لڳندا هئا. جتان پيو ويندو هو ته ڪتن ۽ ٻلين جو ولر ساڻس گڏ پيو هلندو هو.
سندس چوڻ هو ته ”هو ڪنهن وٽ به هلي وڃي ٻين سيدن، پيرن ۽ فقيرن وانگر ڪونه پنان. خدا جا نيڪ بندا ڪي اهڙا آهن جيڪي هتي مون کي پاڻهين جيڪي ڏيڻو هوندو اٿن سو ڏئي ويندا آهن. مان انهن مان گهڻن کي ته سڃاڻان به ڪونه. الائي هتي ڪيئن ٿا پهچيو وڃن ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ملي ٿو سو انهن جانورن کي کارايان ٿو. آئون صفا صوفي آهيان. ٻيڙي به ڪانه ڇڪيان. نه چرس، نه آفيم، نه شراب مولا مون کي انهن شين کان هر طرح سان محفوظ ڪيو آهي. مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بني بشر کي نه ستايو آهي. نه ئي ڪنهن کي گارگند ڪيو آهي. ٻين سيدن وانگر مون کي پنهنجي سيديءَ تي ڪوبه فخر ناهي. لطيف سرڪار سچ چيو آهي ته ”عدل آئون نه ڇٽان ڪو ڦيرو ڪج فضل جو“ سو توبهه ڪبي. ڪنهن جي به دل آزاري ڪڏهن به نه ڪبي. پر ماڻهن مون کي به بخش نه ڪيو آهي. مون تي وڏا ظلم ڪيا اٿن. ڏاڍو ماريو اٿن پر قربان وڃان ان جي ايم سيد تان جنهن مون تان سڀ تڪليفون دور ڪيون آهن. هي سڀ جايون ۽ مڪان ان جا آهن. پر منهنجي حوالي ڪيا اٿس. مان سن شهر ۾ هڪ گڏهه ۽ ڪتي سان پهتو هئس.
منهنجي پهرين ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي. ان جون مون تي وڏيون نوازشون آهن. بس هاڻي انهن جانورن جي پيا خدمت ڪريون. ان الله راضي ٿئي. ”رويو ويٺي روءِ پنهل کان پوءِ، ڏينديس باهه ڀنڀور کي“. شاهه
سبحان شاهه سن ۾ 1995ع تائين هو پوءِ هو ڪهڙي پاسي ويو. ان جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي.