قاضي مقصود گُل : بسنت رت ۾ وڇڙي ويل گُل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]


    قاضي مقصود گُل : بسنت رت ۾ وڇڙي ويل گُل


    صبا شاهه

    بسنت رت ۾ وڇوڙي جو درد عطا ڪري ويندڙ منهنجي شهر رتي ديري جو مشهور شاعر قاضي مقصود گل جنهن پنهنجي ڀرپور شاعراڻين صلاحيتن سان سڄي سنڌ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي. جنهن جي شاعراڻي خسٿوريءَ جي واس لکين دلين کي معطر ڪيو. جهڙي طرح هڪ شاعر سمنڊ سمان وسيع، گونا گون شخصيت ۽ ڪروڙين ستارن سان سجيل اُڀَ سمان آهي. سندس فن ۽ فڪر جي بي پايان خزاني تي ڪڏهن ڪجهه لکي، سمجهي يا سمجهائي سگهي ٿو؟ ڇو ته هڪ شاعر جي شاعريءَ جا هزارين پهلو آهن. جنهن جي اکر، اکر ۾ عميق سمايل ۽ سندن ويچار لفظن جي لڙهي ۾ پويل سهڻي نموني پيش ٿين ٿا. مان سمجهان ٿي ته هر ڪنهن جي وس ۾ اها ڳالهه هرگز نه آهي. هتي مان قاضي مقصو گل صاحب جي استاد شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جون سٽون جيڪي ذهن تي تري آيون لکندس :

    ”شاعري ته گهڻا ئي ڪندا آهن پر شاعر ڪو، ڪو ئي هوندو آهي“

    اهڙيءَ طرح قاضي گل صاحب به زندگي جي سمورن رنگن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيو آهي. لکيو اٿس ته:

    اسان جَرَ تي ڏيئا جلائي جيئون ٿا،
    حياتيءَ لئه حيلا هلائي جيئون ٿا،
    ڏنا درد جيڪي اکين ۾ اولاون،
    سڄا سُورَ سيني سمائي جيئون ٿا.

    قاضي صاحب جي مزاج ۾ جيڪا سرڪشي هئي، اها ئي سندس شاعريءَ ۾ سموري توانائي سان نظر اچي ٿي. ڌرتي تي ٿيل جبر يا فطرت جون بي واجبيون هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ احتجاج ڪري سڀني جو ڌيان ڇڪايو هڪ رباعي ۾ سندس ڪجهه اهڙي طرح بيان ڪيائين ته:

    سي رنگ ۽ بي نور زمانو آيو،
    دل درد سان ڀرپور زمانو آيو،
    ڪنهن جي نٿو دانهن جو هت داد ٿئي،
    سو سُور کڻي سُور زمانو آيو

    قاضي مقصود گل صاحب جي شاعريءِ ۾ جيڪو گهاڙيٽو آهي، سو ئي هڪ وڏي سڄاڻ آهي. هي گهڻ موضوعاتي شاعر هو جيڪو عوامي لهجي ۾ سادن لفظن ۾ گهرو فڪر ۽ ويچار ڏيندڙ سرجڻهار هو. چيائين ته:

    نيڻ بڻجي برهه جا بادل سدا وسندا رهيا،
    پاند بس ويچارڙيءَ هن دل سندا پسندا رهيا،
    مهربان آيا اکين ۾ رات هڪري ويا رهي،
    پر سموري زندگي سي هانءُ ۾ هرندا رهيا.

    پڙهڻ کان پوءِ سندس سٽون روح تائين رسن ٿيون، ڇا ته گل صاحب جي شاعري ۾ ڪمال جي روانگي آهي. هن جي شاعري جي تجربي کان پوءِ مان اها ئي راءِ رکان ٿي ته هو نه صرف سنيڌ شاري جي ڪلاسيڪل صنفن، وائي، بيت، ڪافي، دوهو، چئو سٽو جو شاعر هو، پر جديد سنڌي جي صنفن هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ ۾ به پاڻ ملهايو اٿس. غزل کي ته پنهنجي شاعراڻي سگهه سان وڏي اوج تي رسايائين. مان سندس غزل جون چند سٽون لکندس ته:

    نظر جي تير سان ڦٽي، لڇڻ به ڪو نه ٿو ڏئي،
    گناهه ڇا ثواب ڇا، پڇڻ به ڪو نه ٿو ڏئي،
    ضمير جون حقيقتون، فقيه جون فضيلتون،
    چئي به ڪو نه ٿو سگهي، چوڻ به ڪو نه ٿو ڏئي.

    قاضي مقصود گل جهڙو شاعر ورلين لڀندو جيڪو سنڌي ٻولي جو ايڏو وڏو ماهر هجي. جنهن شاعرانين صنعتن کي ڪاريگري سان استعمال ڪيو. اڄ مان دعوت فڪر ٿي ڏيان سنيڌ ادب جي محققن کي ته هو سندس شاعري تي تحقيق ڪن ائين ڪرڻ سان گل صاحب هڪ تمام وڏي شاعر جي حيثيت سان عام جي اڳيان ايندو جيڪو سنڌي ادب لاءِ لاڀائتو پڻ ثابت ٿيندو. مان دل جي گهرائين سان پنهنجي شهر رتوديرو جي هيرو ۽ عظيم شاعر سنڌ کي ڳوڙهن جي ڀيٽا ڏيندي ۽ کيس ياد ڪري هي لڙڪ اکين جي رستن تان گذرندي اهو چئي رهيا آهن ته اڄ اسان سڀني محققن اديبن ۽ شاعرن کي گڏجي وک کڻڻي پوندي ته جيئن اسان جي سنڌي سٻاجهڙي ٻولي جي ليکن جو نانءُ ۽ مان مٿانهون رهي ۽ جديد لکڻيون بين الاقوامي سطح تي پهچن اچو ته هن فاني جهان ۾ شاهه سچل ۽ سامي جيان امر بڻجون ۽ اڳتي وڌندا رهون.

    مرڻان اڳ جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جئڻان اڳي جي جئا .(شاهه)

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    واهه. يقينن لکندڙ جي ڳالهه صحيح آهي ته شاعري سڀ ڪن ٿا پر شاعر ڪو ڪو ٿيندو آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مقصود گل : هڪ گُل ڪومائجي ويو ۽ خوشبو ڇڏي ويو
    لاڙڪاڻي جو رتو ديرو ۽ رتيديري جو المنظر!


    رکيل مورائي

    هڪ آبرو دار گهر جنهن جي پهرئين سڃاڻپ، قاضي عبدالحي قائل! هڪ عالم اديب، شاعر، تعليمدان ۽ هڪ شفيق شخص ۽ ان کانپوءِ شروع ٿيندڙ علمي، ادبي آرٽ ۽ علم جو هڪ سلسلو، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي. پنهنجي سموري علمي ادبي روشني ڏيندو اچي، جنهن تر جا ڪيترائي نوان دماغ روشن ڪيا، انهن کي علم، ادب ۽ آرٽ ڏانهن آندو.
    هن احترام لائق گهر جو هڪ ڏيئو ٻه ڏينهن اڳ وسامي ويو ۽ پنهنجي پويان ڇڏي ويو ڏک جي هڪ لهر ۽ دلين مان هڪ ٿڌي آھ، هن اجهامي ويندڙ ڏيئي جي سڃاڻپ سنڌ وٽ مقصود گل طور هئي، جيڪا سدائين تاريخ رهڻي هئي ۽ اڳتي به رهندي.
    مقصود گل صاحب، سنڌ جو شاعر اديب، محقق، مترجم ۽ پبلشر پر سڀني کان اهم سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري هئي، ادب ۾ ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين ساڻس پنهنجائي رهي پرساڻس پهرين ۽ آخري ملاقات ڪڏهن به وسري نه سگهندي. اهو سال اسيءَ جو هئو. ادب سان لئون لڳي هئي، هڪ ڏينهن پنهنجي مائٽن سان ملڻ جي سلسلي ۾ خيرپور ناٿن شاھ ويل هوس ۽ اتي ئي رهندڙ شاعر سائين آثم ناٿن شاهيءَ سان ملڻ ويو هوس، اسين چانهن پي رهيا هئاسين ته سائين آثم کي ڪي خط مليا، جن ۾ هڪڙو خط، مقصود گل صاحب جو به هئو، جيڪو منظلوم خط هئو آخري ٻه سٽون اڄ تائين منهنجي ذهن جي ڦرهيءَ تي رهجي ويون آهن جيڪي ڪجهه هن طرح آهن
    چڱو هاڻي الهه واهي
    منهنجا آثم ناٿن شاهي
    اها الهه واهي، سائين آثم کان، هن ڪن ڏينهن لاءِ ڪئي هئي پر آخر ڇنڇر ڏينهن هو سموري سنڌ کي الهه واهي چئي هڪ اهڙي پنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، جنهن جي ڇيڙي تي سندس ڪيترائي دل گهريا دوست سندس اوسيئڙو ڪري رهيا هئا، جن جون ساڻس ٻٽيهه دليون هيون ۽ جن سان منهنجي پڻ شناسائي هئي، ادب ۾ انهن جا نالا آهن، استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ مختيار گهمرو، مان ڀايان ٿو، مختيار گهمري جي اڻ وقتي موت جيڪو ڏک قاضي صاحب جي دل کي ڏنو هئو، اهو ڏک سندس دل ۾ سدائين رهجي ويو ۽ پوءِ سندس اها دل ڪڏهن به ٺيڪ ڪانه ٿي، هن ڪيترائي هيلا هلايا پر يار کان کان ڌار سندس دل، دل نه رهي ۽ نيٺ کيس به الهه واهي چئي ڇڏيائين.
    اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن قومي جلسا ۽ مشاعرا سنڌ جي سونهن بڻيل هوندا هئا، قاضي صاحب سان سرڪش سنڌي ۽ اسانجو وقت کان اڳ وڇڙي ويل دوست ۽ شاعر مختيار گهمرو اڪثر گڏوگڏ هوندا هئا.
    پنهنجي طبيعت ۾ نهايت معصوم شخص ۽ شاعر مقصود گل، جنهن وقت ڀاڪر پائيندو هو ته ان ۾ سندس سمورو موھ اوتجي ايندو هئو، ڀلجان نٿو ته پنهنجي شاعري جو هڪ ئي ڪتاب ڇپايائين ماڪ ڀنا رابيل
    پر پنهنجي پبلشنگ جي اداري ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو، پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين، جيڪي اُن وقت ۾ به ڏاڍا سهڻا هوندا هئا، شاعريءَ کان پوءِ تحقيق واري پاليسي آيو، ڪيترن ڪتابن جا ترجمان ڪيائين خاص طور شيخ اياز صاحب جو ڪتاب ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“ ۽ ٻيا نظم جنهن ڪتاب اردو ادب ۾ هڪ خاص مرتبو ماڻيو ٻيءَ طرح قاضي صاحب پنهنجي آس پاس جي نوجوانن کي جنهن طرح ادب ۽ شاعريءَ ڏانهن آندو اهو سندس واڌو عمل هئو، ادب ۽ علم جي واڌاري لاءِ.
    قاضي صاحب استاد بخاري سان خاص اُنس رکندڙ شاعر هئو، هونئن به هن ڀلاري گهر ۽ خاندان ۾ هڪ شخص به اهڙو نه هوندو، جنهن جو علم ۽ ادب جي ڪنهن شاخ ۾ سندس اهم حصو نه هجي، کانئس پوءِ سندس خاندان جي نوجوانن سان دوستيءَ جو تعلق رهيو، نوي جي شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ شيخ اياز صاحب جي جناح اسپتال ۾ داخل هجڻ وقت جيڪا اسانجي دوست منظر حيات سندس خدمت ڪئي، اها ياد رکڻ جهڙي آهي ۽ مقصود گل صاحب ادب جي خاص طور پبلشر ۽ شاعر طور جيڪا خدمت ڪئي اها اسان سڀ ياد رکنداسين ۽ سندس اولاد، ياسر ۽ ناصر، ادب ۽ ميڊيا ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ان تي اسان سڀ خوش آهيون، اهو سڀ مقصود گل صاحب جو ادب لاءِ ڪيل عمل ئي ته آهي.
    ساڻس ڪي ڏينهن اڳ ئي ڪراچيءَ جي هڪ تقريب ۾ ملاقات ٿي اهو ئي موھ ڀريو ڀاڪر ۽ ڀاڪر ۾ اها ئي وڏڙن واري پنهنجائپ، ڪنهن به قسم جو گمان نه هئو ته هيءَ آخري ڀاڪر آهي، جنهن جو ڇهاءُ وري ماڻي نه سگهبو، اڄ به اهو دلي ڇهاءُ ۽ ان کان الڳ ساڳيو احترام منهنجي دل کي گرم ڪري رهيو آهي ۽ اکين کي آلو.
    منظر، ياسر ۽ ناصر سان انهن آلين اکين سان اهڙي تعزيت، جهڙي سنڌي شاعريءَ سان جهڙي سنڌ ادب سان ۽ جهڙي سنڌ جي سموري ادبي برادريءَ سان ۽ بس.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ** مقصود گل کي ڀيٽا **

    مقصود گل سٻاجهو، يارن جو يارُ هو،
    احباب سڀ سان تنھن جو، پيارن جو پيارُ هو.

    هن زندگيءَ جو مقصد ماڻي ڏيکاريو،
    بيحَد مَڻيا ۾ سھڻو سارن جو هارُ هو.

    پنھنجي مُراد ماڻي، پورا ارادا جنھن ڪيا،
    سو عَزم همٿن ۾، هڪ شاهڪارُ هو.

    منصب ۾ پنھنجي هڪڙو داناءُ ديدور،
    گُلَ جان سو مَھڪندو، پيو ساري ڄمار هو.

    علم و ادب جو تنھن کي معمار ٿو چوان،
    راحت رهاڻين ۾، ڏيندو قرارُ هو.

    هن سنڌ ساڻ تنھن کي، لبريز عشق هو،
    پارس هي شخص اهڙو، عالي وقارُ هو.

    ناز و نياز اهڙو، سڀ دل کي موهِيو،
    سڀ موسمن ۾ دلبر، موسم بھارُ هو.

    ڪومل هي دل جو مالڪ، هو فخر سنڌ جو،
    ڏسبو هو جڏهن تڏهين اکڙين جو ٺارُ هو.

    ليکڪ هيو هي عمدو، ٻولي مِٺيءَ جو سو،
    جيجل جي ٻوليءَ تي هي، ٿيندو نثارُ هو.

    **

    عزيز ”بلال“ بروهي
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ”گُل“ پوئي مون هار بنايا
    (نامياري شاعر ۽ دانشور، مقصُود گل جي ستين ورسيءَ جي اڄ منعقد ٿيندڙ تقريب جي مناسبت سان)

    ـ ياسر قاضي

    سنڌي ساهت جي ”وال آف فيم“ جي آڏو بيهي، اڻ ڳڻين روشن چهرن جي ڏيا ۽ سوڀ ڏسي رشڪ اچڻ لڳُم. ته هنن ”ساڻيهه واسين جي شعوري تربيت ڪندڙن“ جي ڪيل قلمي پورهئي کي رڳو اسان پنهنجي حياتين ۾ پڙهي سگھون، ته به اسان جا جيون سڦل ٿي وڃن. هڪ کان هڪ چهرو... پنهنجي طويل علمي ۽ قلمي سفر جو داستان بيان ڪندڙ... جن جو ادب جي مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم، لفظن جي صورت ۾ ڪتابن جي سينن ۾ سُتو ڪونهي پيو، بلڪه ساهت جي سنسار ۾ رڙيون ڪري، پنهنجي امرتا جو احساس پيو ڏياري... ۽ انهن منجھان اڪثر جو ڪم، دؤرِ حاضر سان پنهنجي مطابقت جو احساس پڻ... اُنَ ”وال آف فيم“ ۾ هر چهري مان هڪ الڳ خوشبوء به پئي آهي، جيڪا سندس قلمي پورهئي جو واس هئي. انهن اڪيچار چهرن تي نظر ڦرندي ڦرندي، سنڌي ادب جي اُن ’گلَ‘ جي چهري تي وڃي ٽڪي، جنهن جي روشن پيشانيءَ جي وسعت ۽ اکين ۾ ڏاهپ جي گهرائيءَ، سندس منفرد شاعراڻي لهجي جي نشاندهي پئي ڪئي. اهو يڪتا لهجو، جيڪو جڏهن محبوب جي ناز انداز ۽ حسن جمال جو بيان ٿو ڪري ته ڄڻ سندس قلم، گلاب جي پنکڙي بڻجي ڪوملتا سان ٿو لکي:

    رات ساري چنڊُ ڀاڪُرَ ۾ هيو
    دل جي آڳُرَ ۾ اڃا آ سوجهرو

    چانهه جي پيالي چپن تي مُون رکي
    پر نگاهن ۾ سندس چهرو هيو

    پر اهو ئي محبوب جو مشتاق، جڏهن ڌرتيءَ کي دردن ۾ ٻُڏل ٿو ڏسي، ته سندس ان ئي قلم مان باهه جا شعلا ٿا نڪرن ۽ هُو ڄڻ ته ڏاٽي يا تلوار سان پني تي اهي مزاحمتي شعر رهڙي ٿو لکي، جيڪي ڌرتيءَ دشمن جي سيني ۾ به ايئن ئي ڀالي جيان چُڀن ٿا.

    دُونهان، ڄڀيُون ۽ گوليُون، رت جُون هتي ٿيون هوليون
    مهراڻ ريٽو ڇوليُون، چيهاڙيُون ٿيُون چوليون

    پيئرَ پُٽن جي لئه رُنا، ڪيئي ٿيا ڇورا ڇِنا
    دل دردَ جو ديوان آ، انسانيت حيران آ

    سنڌ جو اهو سجيلو ۽ البيلو شاعر ڪو ٻيو نه، پر بقول استاد بخاريءَ جي ” ’وکريل موتي‘ جو ميڙيندڙ، ’زندگيءَ ڏي موٽ‘ جو سنڌيڪار، ’ڪرڻا ڪرڻا‘ جو قلمڪار، ’رت ڀنا رابيل‘ جو سرجڻهار“ ـ مقصود گل آهي.
    15 اپريل 1950ع تي سنڌ جي ساهت توڙي سياست جي حوالي سان ڀَرئي تَرئي ضلعي لاڙڪاڻي جي قديم تاريخي شهر رتيديري ۾ سنڌ جي برک شاعر، اُستاد، تعليمدان، مُصوّر، صحافِيءَ ۽ سماج سُڌارڪ، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جي گھر ۾ جنم وٺڻ وارو مقصود گل، قلم توڙي برش سان چاهه، اکرن، ڪتابن توڙي رنگن سان عشق ورثي ۾ کڻي ڄائو. مقصود گل، مرحوم هدايت منگيءَ کي هڪ ريڊئي انٽرويوءَ ۾ پاڻ ئي ٻڌايو هو ته ”جيئن ڪا مڇي پاڻيءَ جي گُوناگُون ذخيري ــ ساگرَ ۾ اک کوليندي آهي، يا جيئن اسان آڪسيجن جي سمنڊ ۾ اک کولي سؤلو ساهه کڻون ٿا، تيئن منهنجي پيدائش به ساهت ۽ مصوّريءَ جي ماحول ۾ ٿي. جتي چوڌاري مون اهو ئي سڀ ڪجھه ڏٺو.“
    مقصود گل جو وڌيڪ تعارف استاد بخاريءَ کان ئي پُڇون ته اهو لکي ٿو: ”شاعريءَ جي حوالي سان ڪراچيءَ کان ڪشمور، مشهور ــ اشاعتي سلسلي سان سندس اُهاءُ، سنڌ کان دُور دُور هند تائين رسي ٿو. ’گُل‘، گھڻ گُڻو ماڻهو، محفلن جو مور، اهلِ دل به، اهلڪار به. ملڻو، جلڻو، ٻهڪڻو، ٽهڪڻو هوندي به سڀاءَ ۾ سنجيدگي، همدرد انسان. محنتي ساهتڪار سان گڏ محبتين جو يار به. ڪلاڪاريءَ سان لڳاءَ ۽ ساهت سان سچي برتاءَ اهو رنگ لاتو آهي، جو قومي دردمند، حساس دل رکندڙ شاعرن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪو آهي.“
    مقصود گل جو ڀائرن ڀينر ۾ ٻيو نمبر هو. هُو پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ سنڌ جي نامياري چترڪارقاضي خضر حيات کانپوءِ قاضي ’قائل‘ جي ٻئي فرزند جي حيثيت سان ڄائو. هڪ مثالي استاد جو اولاد هجڻ سبب مقصود صاحب جو ٻين ڀينرن ڀائرن سميت معياري تعليم جي حاصلات طرف خاص ڌيان رهڻ فطري هو. پرائمري تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪُول ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪُول رتيديري مان 1966ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1968ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر جو امتحان آرٽس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، 1970ع ۾ سنڌ يُونيورسٽي ڄامشوري مان بي. اي. جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1972ع ۾ ساڳئي ئي مادرِ علميءَ مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪيائين. اڳتي هلي 1988ع ۾ سنڌ يُونيورسٽيءَ مان ئي سنڌي ادب ۾ به ايم. اي. جي ڊگري ماڻيائين. ملازمت ۽ پيٽ ڪوت جي تلاش ۾ سڀ کان پهريان کان سنڌ حڪومت جي آبپاشيءَ واري کاتي ۾ فون ڪلارڪ جي ڪرت کان پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. 1966ع کان 1969ع تائين 3 سال ان پيشي سان وابسته رهي، 1969ع ۾ دادُو ضلعي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتان ۾ ”ڊرائنگ ٽيچر“ مقرر ٿيو، جتي پنج سال تدريسي خدمتُون انجام ڏئي، ٻارن کي رنگن سان چاهه سيکاري، 1974ع ۾ ان وقت نئين قائم ٿيل لاڙڪاڻي شگر مل ۾ ”تربيتي آفيسر“ طور ملازمت اختيار ڪيائين. 1976ع ۾ اتي ئي ترقي ماڻي ”اسسٽنٽ مينيجر“ ۽ 1990ع ۾ ترقي حاصل ڪري ”ڊپٽي مينيجر“ جي عهدي تي پهتو. 1993ع ۾ اصُولن ۽ آدرشن سبب شگر مل جي ملازمت تان استعفيٰ ڏئي هڪ نيم سرڪاري انشورنس ڪمپنيءَ ۾ عارضي نوڪري اختيار ڪيائين، جتي ٻه سال ملازمت ڪرڻ پُڄاڻان، 1995ع ۾ واپس پنهنجي خانداني تدريسي پيشي طرف موٽندي، پنهنجي والد جي علمي خدمتن جي تسلسل جي مقصد کي نظر ۾ رکندي، سندس نالي پٺيان رتيديري ۾ ”عبدالحيُّ قاضي ماڊل اسڪُول“ قائم ڪيائين، جنهن جو منتظم ۽ پرنسپل ٿي پاڻ خدمتُون انجام ڏنائين ۽ 2015ع ۾ پنهنجي پوئين پساهه تائين علم جي اها ڏياٽي ٻاري رکڻ جي ڪامياب ڪوشش ۾ رُڌل رهيو.
    ساهت سان پيدائشي سنٻنڌ جي باوجود، مثالي تربيت جي اصول طور، والد پاران تعليمي سلسلي پوري ٿيڻ تائين کيس ڪل وقتي لکڻ لاءِ همٿايو ڪونه ويو. انڪري هن 1975ع ۾ باضابطه ادب جي ميدان ۾ پير پاتو. ايئن ڪونهي ته ان کان اڳ هن لکيو ڪونه! هڪ شاعر ’پيدائشي شاعر‘ هوندو آهي، تنهنڪري ان کان اڳ جون به اڻڳڻيون شعري توڙي نثري تخليقون، ’گل‘ جي ساهتي سفر جو حصو آهن، پر هن پنهنجي اندر جي شاعر جو آواز ٻڌي ان کي ڪُل وقتي ڪنائڻ جو آغاز 1975ع ۾ ڪيو. سندس سُڃاڻپ جا ڪيترا حوالا هجڻ جي باوجُود هن لاءِ پاڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ فخر لائق حوالو ”شاعر“ وارو هو. شاعريءَ ۾ غزل ۽ نظم تي قدرت سان لکڻ واري گُلَ، پنهنجي همعصر سمورين مُروج صنفن توڙي هن مٽيءَ مان ڦُٽي نڪرندڙ اساسي شاعريءَ جي صنفن تي پڻ ڪاميابيءَ سان قلم کنيو، جنهنکي پڙهندڙن ڀرپور موٽ ڏني. نثر ۾ مضمون، تحقيقي مقالن کان وٺي، ڪهاڻيءَ، سفرنامي، اخباري ڪالم ۽ تنقيد تائين هن قلمي رندا روڙيا. ان کانسواءِ ترجمو ۽ ٻارن جو نثري توڙي شعري ادب به هن جي سڃاڻپ جا ڀرپُور حوالا بڻيا. ترجمي جي ميدان ۾ جيتوڻيڪ هن محمود درويش کان رسول حمزه توف ۽ سبطِ حسن کان شيخ اياز تائين ڪيترن ئي عظيم تخليقڪارن جا ترجما ڪيا، پر سچل سائينءَ جي فارسي مثنيون جو منظُوم اردو ترجمو، هن جو اهڙو نشانبر ڪم ثابت ٿيو، جيڪو سندس تصوير کي ڪڏهن به هن ”وال آف فيم“ تان ميسارجڻ ڪونه ڏيندو. مقصُود گل جا سندن زندگيءَ ۾ 10 ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”وکريل موتي“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ جي مقالن جو مجمُوعو ـ ترتيب ـ شايع: 1983ع)،”زندگيءَ ڏي موٽ“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ـ شايع: 1985ع)، ”ڪرڻا ڪرڻا“ (ٻارڙن لاءِ شاعري ـ شايع: 1986)، ”رت ڀنا رابيل“ (شاعري ـ شايع: 1990)، ”هٺيلي هرڻي“ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيُون ـ شايع: 1993)، ”عشق سمندر“ (سچل جي فارسي مثنوين جو منظُوم اردُو ترجمو ـ شايع: 2003ع)، ”اندر رُوح رهيام“ (ڊاڪٽر عطا مُحمّد ”حاميءَ“ بابت لکيل مضمُون ۽ مقالا ـ مُرتب ـ شايع: 2002ع)، ”رتوديرو ــ مختصر تاريخ“ (شايع: 2002ع)، ”اي آهُو چشم کدهر؟“ (شيخ اياز جِي ٻن شعري مجمُوعن، ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن!!“ جو اردُو ترجمو ـ شايع: 2010ع) ۽ ”اکڙيُون نِيل ڪنول“ (شاعري ـ شايع: 2014ع) شامل آهن.
    مقصُود گل، ٻه ڏينهن مليريا جي ضعف سبب، اسپتال جي ايمرجنسيءَ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي تپاس ۽ ٽيسٽن دؤران دل جو دؤرو پوڻ سبب، 7 سال اڳ، ڇنڇر، 14 فيبروري 2015ع تي رات 10:50 لڳي ڪراچيءَ جي سنڌ انسٽِيٽيُوٽ آف يُورالاجِي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يُو ٽي) ۾ سنڌ کي الوداع چيو. کيس سندس رخصت جي ٻئي ڏينهن آچر، 15 فيبروري 2015ع تي رتيديري جي مُبارڪ شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    مقصود گل جي ڪومل اظهارن وارا گُلَ، ايڏا خوشبودار آهن، جو دؤرِ حاضر جي پاٺڪ جيان، ايندڙ يُگن جا پڙهندڙ به سندس انهن شبدن جي گُلن مان هار پوئي پيا پائيندا ۽ پنهنجن پيارن کي پارائيندا ۽ سندس لهجي جي خوشبُو ڪڏهن به ماٺي ڪانه ٿيندي.

    اؤکا ويڻَ ورائين ڇو ٿو؟
    گھايلَ من کي گھائين ڇو ٿو؟

    ”گل“ پوئي مُون هارَ بنايا
    پاءِ! اهي اُڇلائين ڇو ٿو!



    (روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ ۾ خميس، 3 مارچ 2022ع تي ڇپيل)
    https://awamiawaz.pk/854404/
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو