ويب جو موجد ٽم برنرلي جو بنايل Http ۾ 1999ع کان بعد ۾ پهريون ڀيرو هڪ وڏي تبديلي عمل ۾آئي آهي ايڇ ٽي ٽي پي جو نئون ورزن Http \2 متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو پراڻي ورزن کان بهترين آهي Http/2 ڇا آهي؟هي جديد پروٽوڪول آهي،جيڪو نئين طريقي سان برائوزر ۽ سرور جي وچ ۾ ڊيٽا منتقل ڪندو،جنهن سان برائوزنگ ۽ پيج لوڊ هجڻ ۾ رفتار تيز ڪندو هن جو بنياد گوگل جي اسپيڊي (پڙهڻ ۾ اسپيڊي) تي رکي وئي آهي Spdy هڪ اوپن نيٽورڪ پروٽوڪول آهي،جنهن کي گوگل ويب مواد جي منتقلي لاء ٺاهيو آهي. هن جي استعمال جو اصل مقصد ويب پيج جو لوڊ هجڻ ۽ برائوزنگ جي عمل کي تيز ڪرڻ آهي. 2016ع جي شروع ۾ ئي گوگل .فيسبوڪ،ٽوئيٽر،ياهو جهڙيون ڪيتريون ئي ويب سائيٽون Http/2 جو استعمال ڪرڻ شروع ڪنديون.
ادا اسانوٽ ته ايڇ ٽِي ٽِي پِي ۽ ايڇ ٽِي ٽِي پِي ايس پيا هلن باقي ايڇ ٽِي ٽِي پِي 2 ڪيئن هلندو ؟ يا ڪيئن اپلاءِ ڪبو؟