ڪافي وقت کان مون جهڙا اُهي دوست جيڪي سامسنگ جا سمارٽ فون استعمال ڪري رهيا هُئا تِن کي شڪايت هُئي ته سندن موبائل ۾ سنڌيءَ جو ڏيک صحيح ناهي. اکر ٽُٽل ٿا اچن. مثال طور سائين محترم رحيم بخش جن هو هي ليک ۽ سجاد علي چنا جو بلڪل صحيح جواب. . . . . . جڏهن ته ساڳي ائنڊرائڊ ورجن رکندڙ موبائل فون جا مالڪ (جيئن سليمان وساڻ وٽ ايڇ ٽي سي يا منيراحمد ملڪاڻي وٽ قيو موبائل) ۾ سنڌي لِکائيءَ جو ڏيک سُٺو هو.
هي آهي قيو موبائل ۾ سنڌيءَ جو ڊفالٽ سيٽنگ ۾ ڏيک
سامسنگ ۾ اڳ وارو سنڌيءَ جو ڏيک
اڄ اچانڪ خيال آيو ته ڇو نه عربي يا فارسي جي فونٽ اسٽائل جي ڪا اپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪجي ۽ ان مان ڪو فونٽ سامسنگ جي فون سيٽ ۾ اپلائي ڪجي ته ڇا سنڌيءَ جو ڏيک بهتر ٿئي ٿو؟
ايئن ڳوليندي فارسي جي ته نه باقي عربي جي فونٽ اسٽائل جي هڪ ايپليڪيشن (flipfont arabic style) ملي جيڪا رُڳو 3.84 ايم جي هُئي.
ڊائونلوڊ ڪيم ته سيٽ جي ڊفالٽ فونٽس سان گڏ عربيءَ جي به ڪو ٻه ٽي درجن فونٽس جو اضافو ٿي ويو. هاڻ ويهي هڪ هڪ ڪري اپلائي ڪيم ته اکرن ۾ وري به مزو نه اچي پر نيٺ هڪ فونٽ اهڙو مليو جنهن سان سنڌي توڙي اردو جي لکائي صحيح نظر اچڻ لڳي. انهيءَ فونٽ جو نمبر 19 هو.
پوءِ ٻين ويجهن دوستن کي به چيم ته اهو تجربو ڪن. رياض ملڪاڻي وٽ ائنڊرائڊ جو ورجن 4 کان مٿي هو تنهن وٽ به اهي فونٽ ساڳي طرح نظر آيا. هاڻي يونس ملڪاڻي جي سيٽ ۾ به چيڪ ڪرڻا هُئا ڇو ته وٽس ائنڊرائڊ جو پراڻو ورجن آهي ۽ هو ايني سافٽ ڪي تي گُذارو ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي.
ياد رهي ته هي هڪ نسورو ڄُهڳاڙ آهي وقتي طور ڪم ڪڍڻ جو. هاڻي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ماهر دوست (ذيشان رشيد) اهڙي ايپليڪشن سنڌي فونٽ اسٽائل جي ٺاهين ته جيئن سامسنگ يا ٻيا اُهي سيٽ جيڪي سنڌيءَ کي صحيح نه پيا ڏيکارين ته ان صورت ۾ اهو حل موجود هُجي.
هن ايپلڪيشن ٻه نُقص جيڪي هن مهل تائين ڏسڻ ۾ آيا اُهي اهي ته ئ ۾ به هيٺ ٻه نُقطا ٿا اچن ٻي اها ته انگريزي جي فونٽ سائز ڪُجهه گهٽ ٿيو وڃي.