khadim ghirano
سينيئر رڪن
گاڏين جي اچڻ وڃڻ جو گوڙ هو معصوم ٻارن جي ٻاتن ٻولن ۾ گيت جھونگارجي رهيا هئا مسجدن مان واعظ اچي رهيو هو ماڻهو مسجد طرف نماز پڙهڻ لاءِ ۽ پنهنجي گناهن جي رب کان معافي گهرڻ لاءِ توبه تائب ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ڪجھه دير کان پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ڀر وارن گھرن ۾ لڳل شيشا ٽٽي پيا ماڻهو جيڪي ٻاهر رستن ۽ دوڪانن تي هئا انهن جو ڌماڪي واري جاءِ ڏانهن ڀڄڻ هو هرڪو پريشان هو فضا ۾ آهون دانهون هنيون جيڪو پٽ عبادت لاءِ صاف ڪيو ويو اهو رت جي ڳاڙهاڻ سان ڳاڙهو ٿي ويو ڪي جسم خاموش ته ڪي معمولي حرڪت ۾ جيڪي مدد ڪاڻ پڪاري رهيا هئا ، ماڻهن جو هڪ وڏو انگ جيڪي ڪن جا سهارا خواب هئا ارمان هئا خاموش بنجي ويا هئا لبن تي اهو آواز اها ناسانيت نه آهي اها ته حيوانيت کان به ڪريل آهي حيوان به اهڙو ڪيس نه ڪندا آهن جيڪو هنن انسان جي لباس ۾ ڪيو آهي