امير عدنان
سينيئر رڪن
پاڪستان ٽيم جي ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جتي ڪرڪيٽ شائقين کي مايوس ڪيو آهي اتي پاڪستان ٽيم جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. اڳوڻن ڪرڪيٽ رانديگرن به ڪرڪيٽ ٽيم تي پنهنجا ڇوه ڇنڊيا آهن. ٽيم ۾ فائيٽنگ اسپرٽ جي ڪمي، غلط چونڊ ۽ پلاننگ کي تنقيد جو نشانو بڻايوآ. هن وقت پاڪستان ٽيم جي پوزيشن ماريو يا مرو واري آ. پاڪستان کي ورلڊ ڪپ ۾ رهڻ ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ لا3 تمام چار مئچ کٽڻا آهن يا اگر ڪو هڪ مئچ هارائي ٿي ته پو3 ٻين ٽيمن جي پرفارمنس تي دارومدار هوندو. هو کٽي هو نه کٽي واري صورتحال هوندي. صورتحال مشڪل آ ناممڪن ناهي اهڙي صورتحال 1992 واري ورلڊڪپ دوران به هئي. ڪرڪيٽ شوقين دعائن سان گڏ خراب ٽماٽن ۽ انڊن جو به بندوبست ڪري رهيا آهن ته جئين رانديگرن جو شايان شان استقبال ڪيو وڃي. سنسني خيز صورتحال سان گڏ سڀني جي ايندڙ مئچن تي نظر آ.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: