سخي ابراهيم شاهه (سن جي سيدن جو پهريون بزرگ): خدابخش جويو هي شاه صاحب مٽيارين ۾ 845 هه ڌاري پيدا ٿيو. هي عالم پرهيزگار ۽ رهوڻي ۽ لاڳاپي وارو بزرگ هو. هن جو سنڌو درياءَ جي اولهه طرف هاڻوڪي تعلقي ۾ گهڻو رهڻ ٿيندو هو. ڪوريجن جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ٺَٺُ نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو. جو هاڻي ڦٽي ويل آهي. ۽ درياءَ جي لاڳيتين اٿلن ان جا نشان به گم ڪري ڇڏيا آهن. اتي ماڻهن ۾ چڱو اثر ۽ هلندي ڪري ويو . ان زماني ۾ ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام ننده جي حڪومت هئي. جو عالمن، سيدن، پرهيزگارن بزرگن جي صحبت جو ڏاڍو خواهشمند هوندو هو. انهي وٽ نواب دريا خان عرف مبارڪ خان وزير هوندو هو ان سان به شاهه صاحب ۽ سندس فرزند سيد بدرالدين جو به دوستي جو رستو هو. انهي وقت جي ڳالهه آهي ته لڪي جي ڳوٺ کان هيٺ چانگ قبيلي جي ماڻهن مڪاني ماڻهن جون چوريون، ڌاڙا، خونن ڪرڻ سان تنگ ڪري ڇڏيو هو. جن اهو احوال شاهه صاحب سان ڪيو. شاهه صاحب، سندن وفد وٺي ٺٽي ۾ ڄام صاحب وٽ ويو، جنهن احوال ٻڌڻ بعد نواب دريا خان تي اهڙن ماڻهن کي گناهن کان روڪڻ ۽ ڪيل گناهن جي سزا ڏيڻ لاءِ بار رکيو. نواب صاحب، شاهه صاحب کي مدد ڏئي روانو ڪيو. ڳوٺ پهچڻ بعد کيس معلوم ٿيو ته هتي تازو ڪوريجن جي ماڻهن کي تڪليف ڏني هئي. ان تي شاهه صاحب چند ماڻهن سان گڏجي چانگن ڏي حق رسيءَ لاءِ روانو ٿيو. خبر ٻڌندي هو پهرين راڄڙي جي ٻيلي ۾ وڃي لڪا انهن کي گهيري ڪرڻ بعد هو وجهه وٺي ڀڄي وڃي رني ڪوٽ ۾ پهتا. جتي جنگ ٿي ان ۾ سيد ابراهيم شاهه ۽ سندس فرزند ڌڻي ڏنو شاهه شهيد ٿي ويا. ليڪن چانگن جا گهڻا ماڻهو قتل ٿي ويا. جن مان باقي بچيل عورتن قرآن شريف کي ڀريو. جنهن تي شاهه صاحب جي وڏي فرزند ميان بدرالدين شاهه هنن کان ان وقت جي دستور موجب خون بها ۾ سڱ وٺي معافي ڏني. ميان بدرالدين شاهه جي فرزند ميان معروف شاهه کي چانگ قبيلي جي مکيه ماڻهو جي نياڻيءَ سان شادي ڪرائي وئي. ان کان پوءِ چانگن جي طاقت گهڻي گهٽ ٿي وئي. چانگن جي خلاف ايتري نفرت ڦهليل هئي جو ميان معروف شاهه جي اولاد سان ڪو به سيد گڏجڻ لاءِ تيار نه هو. ليڪن ميان بدرالدين جي ٻي فرزند ميان ضياءُ الدين عرف ميان جيهيٰ جي فرزند شاهه حيدر جو عالم، حافظ ۽ درويش هو ان سندس نياڻي سان شادي ڪئي ۽ آئينده لاءِ دعا ڪئي ته معروفاڻي ايترا گهڻا ٿيندا جو پاڻ ۾ پيا گڏبا. جڏهن سيدن ۽ نواب جي ماڻهن جي فتح جي خبر ڄام نظام الدين کي ٺٽي ۾ پهتي ته ان سيد ميان بدرالدين شاهه کي گهوڙي ڊوڙ ملڪ جاگير طور انعام ڏنو. جنهن آمري کان هيٺ ڪانگو نوري کان وٺي جاگير جي حد مقرر ڪرڻ لاءِ گهوڙو ڊوڙايو. چون ٿا ته سن جي مٿان هڪ جاءِ تي گهوڙي جا تل ڪري پيا ۽ هڪ جاءِ تي ٿڙا ڪريا جن جاين کي تل مڪان ۽ ٿڙ ا مڪان سڏجي ٿو. سخي ميان ابراهيم شاهه جي مزار خانوٺ جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي آهي.