جــــــديد دور جا ھـــوائي رشتا بشيراحمد درس ڏاتار جي ڏنل ڏات سان حضرت انسان ترقي جون منزلون ماڻيندو ٿو وڃي ”ضروت ايجاد جي ماءُ“ جي مشهور چوڻي جي مطابق انسان پٿر ، لوهه جي زماني جا مرحلا طي ڪندي اڄ اهڙي دور ۾ قدم رکي چڪو آهي جنهن کي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جو زمانو چيو وڃي ٿو ، انهيءَترقي نه فقط انساني رابطن ۾ واڌارو ڪيو بلڪه انهن کي انتھائي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي .ميڊيائي ذريعن ريڊيو ، ٽي وي ڪمپيوٽر ، انٽرنيٽ موبائل ، پرنٽ ميڊيا وغيره ھن دنياکي هڪ گلوبل ڳوٺ وانگر بڻائي ڇڏيو آهي انهن جديد ايجادن جتي انساني رابطن کي وڌايو اتي کيس چند لمحن ۾ پنهنجي ڳالهه پرڏيهه ۾ پهچائڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو. انٽرنيٽ ۽ موبائل سان نون واسطن ۽ تعلقن ۾ واڌارو ٿيو انٽرنيٽ تي ڪيتريون ويب سائيٽون سماجي رابطن لاءِ آن ايئر ٿي چڪيون آهن جن ۾ مشهور ترين فيس بڪ ۽ ٽويٽر آهي ۽ ٻيا به کوڙ سارا سماجي لاڳاپن جا فورم قائم آهن. جتي اسين انهن ويب سائيٽن جي ذريعي ڪيترن سڃاڻندڙن سان ويچار ونڊيون ٿا اتي ڪيترائي اڻ ڄاڻ اسان جا دوست بڻجي ويندا آهن. انهن نون هوائي رشتن ۽ تعلقن اڄ حقيقي رشتن ، ناطن کي ڀلائي ڇڏيو آهي اڄ اسان کي اهو فڪر هوندو آهي ته فيس بڪ جي وال تي ڪهڙيون نيون پوسٽون شيئر ٿيون ، ڪنهن پسند ڪيو، ڪنهن تبصرا ڪيا، ڪنهن اليڪٽرونڪ پيغام موڪليو ، دوستي جو ڪو نئون نوٽيفڪيشن ته نه آيو آهي يا ڪا نئين انويٽيشن ته نه آئي آهي انهن نون هوائي رشتن دلچسپي جي انهن سمورن ذريعن اسان کي پنهنجن حقيقي رشتن جا حق به وسرائي ڇڏيا آهن ، ماءُ ۽ پيءُ ، ڀينرون ۽ ڀائر ، پاڙي وارا ۽ ٻيا حقيقي دوست ۽ احباب اسان سان پنهنجيون محبتون ونڊڻ چاهيندا آهن پر اسين انهن سڀني کي ترقي جي رازن کان نا واقف قرار ڏيئي پنهنجي هوائي دنيا جي هوائي رشتن ۾ مصروف رهندا آهيون ، ٽي وي ، موبائل ، انٽرنيٽ اسان کي ايتري قدر مصروف بڻائي ڇڏيو جو هڪ گهر ۾ رهندڙ گهر ڀاتي هڪ ٻئي جي لاءِ اوپرا ۽ اجنبي بڻجي ويا هاڻي هن قسم جا جملا اسان جي معاشري ۾ عجيب محسوس نٿا ٿين : *اڄ مون وٽ انٽرنيٽ نه پئي هليو گهر وارن سان ويهي ڪچهري ڪيم يار ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن . *ٽي وي ٺهرائن لاءِ ڏنو اٿم سوچيم تيستائين مٽن مائٽن وٽان ڦيرو ڪري اچان. *حڪومت هڪ ڏينهن موبائل بند ڪري پٿر جي زماني ۾ کڻي آئي. * عجيب جاهل آهي جو فيس بڪ جو اڪائونٽ ڪونه اٿس . انٽرنيٽ ۽ موبائل جي ذريعي جيڪي نوان هوائي رشتا قائم ٿيا اهي به مشيني رشتا هوندا آهن جن ۾ هڪ ٻِئي جي لا ءِ لفظن جو اظهار ته هوندو آهي پر اهي حقيقي احساسن جي جذبن کان ڪورا هوندا آهن غمخواري جي لاءِ فيس بڪ جي وال تي يا موبائل جي ان باڪس ۾ آيل رسمي لفظ ته : ”ٽيڪ ڪيئر“ ” ڊونٽ وري“ يا تسلي جا ٻيا جملا لکندڙن هوائي رشتيدارن کي ڪهڙي خبر ته ڏک ته ڏورڻ سان هلڪا ٿيندا آهن ، جتي روئڻ جي لاءِ حقيقي سهارن ۽ ڪنڌن جي ضرورت هوندي آهي اتي لڙڪ جي لاِڙن کي اگهڻ جي لاءِ حقيقي هٿن جي ضرورت هوندي آهي . سڀ ڪجهه ڊجيٽل بڻجي ويو دعائون به ڊجيٽل بڻجي ويون ڪنهن جي مرڻي تي يا ڪنهن جي بيماري تي ڪجهه دعائن جا رسمي ايس ايم ايس موڪلي اهو سمجهندا آهيون ته سمورا حق ادا ٿي ويا آهن . ڀلا ٻڌايو هي اليڪٽرونڪ دعا انهيءَ دعا جهڙي ٿي سگهي ٿي جيڪا انسان لڙڪ لاڙي ، ڏڪندڙ هٿن سان گهرندو آهي ؟ ڀلا مٽن ماٽن جي من ۾ پنهنجن سان ملڻ جي اڪير۽ اندر ۾ انتظار جو اوسيئڙو اهي ويڊيو ڪالز اجهائي سگهن ٿيون ڇا!!؟ نه ڄاڻ ڇا جي ڪري اسان جي دل جون تارون موبائل جي ڪي پيڊ بٽڻن سان جڙجي ويون آهن ، دلي ۽ خوني رشتا اجنبي بڻجي ويا. حيراني ٿيندي اٿم جديد دور جي ڊجيٽل انسان تي جنهن جي لاءِ موبائل ۽ فيس بڪ تي بڻايل دوست حقيقي دنيا جي رشتن کا وڌيڪ اهميت وارا ٿي ويا آهن. اچرج ۾ پئجي ويندو آهيان ته هن ورچوئل دنيا جي انسان جي آگاهي جي اڏام ڪيتري نه بلند آهي ته هتي ويهي ڪري ڏيهه ۽ پرڏيهه جون سموريون خبرون رکي ٿو پر کيس خبر نه آهي ته پنهنجي ان پاڙيسري جي نه آهي جنهن جا ٻار بک جا ويلا ڪاٽي رهيا آهن . وڏن تبصره نگارن جا پروگرام ٻڌي دنيا ۽ جهان جي اصلاح جون ڳالهيون ٿو ڪري پر وٽس پنهنجي ئي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جو وقت نه رهيو آهي .سمجهه ۾ نه ايندو اٿم ان ماڻهو جو رويو جنهن وٽ ڪو مٽ مائٽ يا دوست پري کان ڪهي ايندو آهي پر هن جي ذهني توجه جون سموريون تارون موبائل جي بٽڻ سان جڙيل هونديون آهن . شايد زندگي مشين جيئان بڻجي وئي ۽ انسان روبوٽ جيئان جذبن ۽ احساسن کان ڪورا بڻجي ويا ، مشين جيئان تيز زندگي جي تيز رفتاري اسان کي ايترو ته اڳتي کڻي آئي جو محبتن، احساسن ۽ اڪيرن جون وستيون واهڻ ته اسين ڪوهين ڏور ڇڏي آياسين ،شايد مشين جيئان گوڙ ڪندڙ هن زندگي جو تيز لهرون ، حقيقي رشتن ، جذبن ، احساسن ، محبتن کي وهائي ويون ، لفظي اظهار جا اڻکٽ پيڪج اچي ويا پر روح جا ريلا ته خشڪ ٿي ويا ، علم ، ادب ، دنيا جي معلومات ته لمحن ۾ هڪ ٻئي سان ونڊجي وڃي ٿي پر حقيقي محبتن ، همدردين جا ساوا گل سڪي ويا ، اڄ مجلس ۾ ماڻهن جا ميڙا ڪا متل هوندا آهن پر انهن ۾ اهي محبتون نه رهيون هر هڪ خاموش ۽ هٿ ۾ رکيل اليڪٽرونڪ ڊوائس ۾ مصروف هوندو آهي . ها هي آهي جديد زندگي جي ورچوئل دنيا جو ڊجيٽل حضرت انسان ، جنهن جي اليڪٽرونڪ اک مادي مايا جي تلاش ۾ جذبات جاچڻ جي صلاحيت محروم ٿي چڪي آهي ، ہے دل کے لئے موت مشینوں کی حکومت احساس مروت کو کچل دیتے ہیں آلات ! منهنجو هيءِ مضمون يا سوچ گذريل وقت جا ڏينهن ۽ نينهن موٽائي ته نٿي سگهي پر توهان پنهنجي من اندر ۾ جهاتي پائي جانچجؤ ضرور ته ڪٿي جديد ايجادن کي استعمال ڪرڻ جي پڌران توهان ته ان جو استعمال ته نه بڻجي چڪا آهيو . http://dailymehran.net/…/uploads/2015/02/editorial-page8.jpg