شخصيت: استاد محمد صالح (طبلي نواز)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    استاد محمد صالح (طبلي نواز):
    تحرير: خدابخش جويو
    استاد محمد صالح ولد محمد عارب خاصخيلي سن ۾ پيدا ٿيو هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن مان حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان ئي ساز ۽ آواز سان دل لڳي ويس ۽ طبلي وڄائڻ جو شوق ٿيس. کيس استاد بهرام خان ميراڻي کان طبلي وڄائڻ ۽ راڳ ڳائڻ جي سکيا وٺڻ جو شوق هو. ان ڪري محمد صالح سنڌ جي مشهور گويي خان صاحب الله ڏنو خان نوناري جو شاگرد ٿيو، جيڪو سکر جو ويٺل هو.

    هن طبلي وڄائڻ ۾ پوري مهارت حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ جي مشهور ڳائڻن سان طبلي وڄائڻ جي سنگت ڪندو هو.

    محمد صالح نوشهرو فيروز م راڳ سکڻ لاءِ هڪ ڪلب کوليو جتي وٽس راڳ سکڻ لاءِ موسيقيءَ جا شوقين علم موسيقي جي سکيا وٺندا هئا. سندس شاگردن مان مهراج مولچند اصل سڪرنڊ جو ۽ بعد ۾ گهڻو عرصو سن ۾ رهيو. جيڪو بعد ۾ سنڌ جو مشهور گويو ٿي گذريو . هي ان سان به طبلو وڄائيندو هو. استاد محمدصالح جي سنگت کان سواءِ مهراج مولچند ڳائي نه سگهندو هو. سندس طبلي جي وڄت مهراج جي راڳ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي هئي ۽ مهراج تي موسيقيءَ جي رسد هئي. سندس ڳائڻ سدابهار هو. استاد محمد صالح جا ٻيا به شاگرد هئا، جن ۾ جلال چانڊيو، انور وسطڙو، نورو دنبڙ، طفيل حسين ٽنڊي آدم وارو، محمد صفر ملاح شامل آهن. پر سندس شاگردن مان راڳ ۾ جيترو نالو مهراج مولچند جو ٿيو سو ٻئي ڪنهن ايترو نالو ڪونه ڪڍيو. مهراج مولچند کي شاهه، سچل، غلام فريد ۽ حمل فقير گهڻو ياد هو. هو انهن درويشن جي ڪلام کي ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائيندو هو. هن جي اها خوبي هئي جو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائڻ جي باوجود هر ماڻهو سندس راڳ مان مستفيض ٿيندو هو.

    سن جي بزرگ ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن سائين جي ايم سيد جي وڏي فرزند سائين امير حيدر شاه جي شادي ٿي هئي ان تقريب ۾ سنڌ جي ناميارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو.

    انهن فنڪارن ۾ لوڪ فنڪار مرحوم مير محمد نابينا (نڙ وڄائڻ جو بادشاه) جيڪو سائين جي ايم سيد جو پسنديده فنڪار هو. ان سان پنهنجو طبلي جي وڄت ڪرڻ وارو گڏ نه هو، تڏهن استاد محمد صالح ان سان طبلي جي وڄت جي سنگت ڪئي هئي. جنهن وقت ٻنهي فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهر ڪيو. مير محمد نابينا نڙ کي فوڪ ڏني ۽ استاد محمد صالح طبلي تي هٿ هنيو. ميرمحمد نابينا نڙ ۽ استاد محمد صالح طبلو وڄائيندي، وڄائيندي سڄي محفل کي وجد ۾ آڻي چڏيو ۽ ماڻهن ۾ واهه ، واهه پئجي وئي. ان محفل ۾ مير محمد نابينا چيو هو ته ”مون سان جيڪو اڄ محمد صالح طبلو وڄايو آهي سو اڄ ڏينهن تائين اهڙو ڪنهن نه وڄايو آهي.“

    هڪ دفعي ٽنڊي ڄام ۾ مير صاحبن جي شادي هئي، استاد منظور علي خان پاڻ سان گڏ طبلي وڄائڻ لاءِ استاد محمد صالح کي وٺي ويو. اتي اهڙو طبلو وڄايائين جو ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا ۽ کيس نوٽن جا هار وڌائون.

    استاد محمد صالح پنهنجي عمر جي آخري ڏينهن ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ 1980ع ۾ پنهنجي ڳوٺ سن ۾ وفات ڪيائين. ان وقت سندس عمر 60 سال هئي. اهڙي نامياري فنڪار کي اڄ جي بي حس ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح سن ۾ مشهور گويي ۽ گائڪ مهراج مولچند جهڙو فنڪار پيدا نه ٿيو آهي. هو هندستان ۾ ڪسمپرسي جي حالت ۾ 1970ع ۾ سرڳواسي ٿي ويو. مهراج مولچند سان استاد محمد صالح جي اهڙي دل هئي جو، جڏهن مهراج هندستان هليو ويو ته هن طبلو وڄائڻ ڇڏي ڏنو! استاد محمد صالح جو فرزند محمد عارب خاصخيلي پرائمري استاد هو ۽ پرائمري اسڪول سن ۾ سروس ڪري رٽائر ٿيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سهڻي شخصيت بابت مضمون وڻيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو