• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوشل ميڊيا ذريعي هاڪاري ۽ ناڪاري تبديليون پيون اچن: مسجد الحرام جو امام

عبدالغفار سنڌي

سينيئر رڪن
sqlh80.jpg

مسجد الحرام جي امام ۽ خطيب شيخ صالح بن حميد مسلمانن تي زور ڀريو آهي ته اهي سوشل ميڊيا کي نيڪي، انساني جذبن ۽ قدرن، ڀلائي ۽ ٻين لاءِ محبت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪن، سعودي اخبار جي رپورٽ مطابق مسجد الحرام ۾ خطبو پڙهندي هن چيو ته سوشل ميڊيا عيوض ڪيتريون ئي هاڪاري ۽ ناڪاري تبديليون نظر اچي رهيون آهن، جن مان ڪجهه تبديليون سٺيون ۽ فائديمند ۽ ڪجهه ناڪاري ۽ نقصان تي ٻڌل آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم کي انسانيت جي ڀلائي، نيڪي، انساني جذبن ۽ قدرن ۽ ٻين لاءِ قرباني کي هٿي ڏيارڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيوته جديد ميڊيا جاگرافيائي سرحدن کان مٿڀري آهي ۽ عام زندگي ۾ ان جو استعمال وڌي چڪو آهي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي امر بالمعروف ۽ نهي المنڪر جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته نيڪي ۽ سچائي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ميڊيا جي استعمال ۾ ڪو هرج ناهي ۽ ان کي انهن مقصدن لاءِ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.
 
Back
Top