شاگردن جي خدمتگار مائي ڇتل: تحرير: خدابخش جويو مائي ڇتل سن جي هڪ اهڙي عورت هئي جنهن جون تعليم پرائيندڙ شاگردن لا خدمت ڪرڻ هڪ وڏو مثال هو. 1955ع ۾ سيد امداد محمد شاهه ڌرم شالا واري بلڊنگ جي مرمت ڪرائي، ان ۾ مڊل اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس کولرايو. شروع ۾ 82 شاگرد انڙپور، ٻڍاپور، ڄارا، ڄامشورو، مانجهند، لاکا ۽ مٽياري کان ويندي لڪي، آمري ڇڇر جا شاگرد اچي رهيا. مائي ڇتل انهن شاگردن لاءِ ڦري فوڊ مهيا ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. اهو سڄو انتظام سائين محمد عرس ۽ سائين عبدالواحد ميمڻ صاحب جن سنڀاليو. سائين محمد عرس ملاح صاحب ڦري فوڊ مهيا ڪرڻ جي ذميواري کنئين ۽ پنهنجي گهرواري مائي ڇتل کي (جيڪا ڌڻي بخش ملاح) جي نياڻي هئي کي آماده ڪيائين ته انهن چاليهه، پنجاهه شاگردن جي ماني توکي بنا معاوضي ڪرڻي آهي. پاڻ ان ڪم ڪرڻ لاءِ جنڊ تي روزانو اَنُ پيهڻ کان وٺي ماني ۽ ڀاڄي تيار ڪرڻ تائين جا سمورا ڪم سر انجام ڏيندي هئي ۽ سائين محمد عرس ملاح اهي ٽئي ويلا مانيون پنهنجي مٿي تي کڻي شاگردن کي کارائيندو هو.