سيد محمد شاهه (شهيد): خدابخس جويو هي ننڍپڻ ۾ ڪونه پڙهيو. گهمندو شڪار ڪندو وتندو هو. ليڪن 18، 20 سالن جي عمر ۾ زمينداري، ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. قد ۾ پورو پنو،. بدن ۾ ڀريل، شڪل ۾ سهڻو. اکيون ۽ پيشاني وڏيون هيس. ڏاڙهي چاپوئين، تشبيه هشمت ۽ ڏيا واري هوندي هيس ٿوري وقت اندر زمينداري سڌاري، عمديون گهرن جون جايون ۽ اوطاقون ٺهرايائين، زمين وڌايائين. ڀلا گهوڙا، مينهون، ڳئون، ٻڪريون، اٺيون ڌاريائين. جيتوڻيڪ پڙهيل ڪونه هو پر سٺو ڪتب خانو هئس. ڪتابُ منشين کان پڙهائي معلومات حاصل ڪندو هو. ان ڪتب خاني جي ڪتابن مان مذهب شعر، تاريخ، طب ۽ عام معلومات حاصل ٿي وئي هئس. سوها راڄن جا ماڻهو آس پاس کان وٽس ايندا هئا. کين دوا مفت وٺرائي ڏيندو هو. يا نسخا لکرائي ڏيندو هو. علاج لاءِ ٻاهر ڪونه ويندو هو. طبابت سندس مشغلو ڪونه هو. راڄن جي فيصلن، انتظامي ڳالهين، زمين جي ڪاروبار کي زيادهه اهميت ڏيندو هو. سندس حاضريءَ جا نوڪر، جمعدار محمد پريل ۽ محمد صفر گهراڻا هئا. سندس لکپڙهه ۽ سرڪاري ڪمن لاءِ عام مختيار منشي حاجي خان بادلاڻي هوندو هو. جنهن کي خاص تربيت ڏياري 21 اپريل 1888ع کان ڪم ۾ رکيائين. سندس زندگي جو تفصيلوار احوال خانداني ڪتابن ۾ درج آهي. جنهن جو هت درج ڪرڻ طوالت جو باعث سمجهي نٿو لکيو وڃي. سندس زندگي جا مکيه واقعا هيٺيان آهن. راڄن جا فيصلا وٽس ايندا هئا جنهن ڪري اٺن ڏهن ميلن جي پسگردائي ۾ ڪوبه ماڻهو پوليس يا ڪورٽ ۾ نه ويندو هو. هتي فريادين ۽ جوابدارن کي ماني مفت ملندي هئي ۽ حق رسائي ٿيندي هئي. چوري ظلم بند ٿي ويو. ان ڪري پوليس ۽ عملدارن جي حڪومت ۽ ڪمائي گهٽ ٿيڻ ڪري هنن مخالفت شروع ڪئي. هن عام زميندارن وانگر هن کان به تقاضا ڪئي ته خواهشمند ۽ رسائي ڪري جنهن کان هن انڪار ڪيو. ان ڪري عملدارن سان دشمني سبب کيس زير بار ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ڪيسن ۽ تڪليفن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان بچڻ لاءِ هن جيڪي اپاءَ ورتا سي ان زماني جي حالتن ڪري غير معمولي هئا. ان ڪري مثال لاءِ ڪي واقعا پيش ڪجن ٿا. ان وقت دستور هو ته سال بسال ڪامورا لسٽون ٺاهي ماڻهن کي بدمعاشي ۾ رجوع ڪرڻ جي ڪوششس ڪندا هئا. جن مان ڪن کان پيسا وٺي ڇڏي ڏيندا هئا. باقي غريبن تي رعب به وڌندو هو. ۽ ڪمائي به ٿيندي هئي. سندن ڇاڙتن زميندارن جا مقصد پورا ٿيندا هئا. هتي به ان موجب رجحان ڪرڻ گهريائون ۽ شاهه صاحب کي چيائون ته ڪوڙا شاهد ۽ چورن جا نالا ڏيو. شاهه صاحب کين چيو ته جنهن صورت ۾ ان حد ۾ اوهان وٽ ڏوهن جي داخلا ناهي ماڻهن جي خانگي طرح حق رسائي ٿئي پئي. ان ڪري هن مناسب نٿي سمجهيو ته ڪوڙا شاهد ڏئي ماڻهن کي رجوع ڪرائي هرون ڀرون پوليس کي ڪن ماڻهن کي رجوع ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪن باقي پاڻ فقير گهر جو رڪن هئڻ ڪري نه نالا ڏيندو نه شاهدي ڏيندو.ان تي ناراض ٿي پوليس هيٺين قسم جون رپورٽون ڪرڻ شروع ڪيون. 1. ڪامورا جي وٽس مهمان ٿي وڃن ٿا. منزل وقت رسائي ڇيڙ ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. ٻين کي به ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو جنهن جي ڪري عملدارن کي منزل وقت تڪليف ٿئي ٿي. 2. آس پاس جا ماڻهو پوليس ۽ ڪورٽن ۾ فريادي نٿا وڃن سڀ فيصلا هن وٽ خانگي ٿين ٿا جنهن جي ڪري سرڪاري عملدارن جو اثر ملڪ تان گهٽجي ويو آهي. هي هڪ ننڍي رياست قائم ڪيو ويٺو آهي. 3. چور طبقي تي اثر اٿس. جي هن جي اثر ڪري چوريون موٽائي ٿا ڏين. ان ڪري ماڻهو پوليس ۾ فرياد ڪو نه ٿا ڪن. جي ماڻهو پوليس وٽ اچن ٿا ته انهن جي داد رسي نٿو ڪرائي. 4. بدمعاش گهمندا وتن انهن کي جهلائڻ ۾ نه شاهديون ٿو ڏي نه مدد ٿو ڪري. 5. سندس ڳوٺ ۾ هڪ دفعي ملٽري وارن منزل ڪئي، جن مان ڪي سپاهي شهر ۾ سامان وٺڻ ويا ته انهن کي مارون ڏياريائين جي هنن ٻاهر دڪان هئڻ جي باوجود شهر ۾ گهڙي زوري ٻڪر ڪڪڙ کنيا ٿي ويتر ان سپاهين تي سندن عملدارن وٽ ماڻهن کان فرياد ڪرائي سزا ڪرايائين. ان ڪري ماڻهن تي اهو اثر ويهي ويو آهي ته هن کي فوج جي پرواهه نه آهي. 6. ريلوي وارن سندس زمين ۾ اجازت کان سواءِ کاما هڻائي مٽي ڪڍائي انهن تي دعويٰ ڪري پيسا ڀرايا اٿس. جنهن جي ڪري ماڻهن تي اثر ويهي ويو آهي ته هي سرڪار تي به ڪيس ڪري سگهي ٿو. ان تي ضلعي عملدارن کيس گهرايو جن مان هڪ مسٽر ميڪائيور سپرنڊنٽ پوليس ڪراچي ۽ هڪ مسٽر ليوڪس اسسٽنٽ ڪليڪٽر ڪوٽڙي هو. انهن شاهه صاحب کي چيو ته زيردستن کان هي شڪايتون پهتيون آهن. تون ڇو نه ٿو سرڪاري ڪامورن سان تعاون ڪرين ۽ چورن جي رجوعات ڪرائين. رسائي وغيره ڏين. شاهه صاحب جواب ڏنو ته اسان فقير گهر آهيون اسان وٽ ماڻهو اچن ٿا پاڻ ۾ ٺهي وڃن ٿا. پوليس ۽ ڪورٽن ۾ ان ڪري نه ٿا وڃن جو اتي خرچ ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. پوليس هنن جي حق رسائي ڪري ته مون کي خوشي ٿيندي، ليڪن ڪوڙيون شاهديون ڏئي ماڻهن کي رجوع ڪرائڻ منهن جو ڪم نه آهي. عملدارن جي اچڻ وقت زيردست مون کي اطلاع نٿا ڪن ته آئون سندن مهمانوازي ڪريان پر انهيءَ تي هو عام ماڻهن کان گهڻي رقم وصول ڪري کائين ٿا. هي ملڪ بارش تي آهي ماڻهو غريب آهن هنن جو ڪامورن ۾ ڪو خاص ڪم ڪونه آهي ان ڪري پيسا ڏئي نٿا سگهن وڌيڪ چيائين ته هن حد ۾ چوري گهڻي هجي ها ته اوهان وٽ فرياد ٿين ها پوليس غلط رپورٽون ڪري ٿي. ان تي ليوڪس صاحب کيس چيو تنهنجا جواب تسلي بخش نه آهن. لڪڻ کڻي چيائين ته سڌو نه ٿيندين ته توکي هن سان سڌو ڪبو. جواب ۾ چيائين ته قائدو قانون سرڪار ٺاهيو آهي جيڪڏهن آئون ڪو ڏوهه ڪريان ٿو ته اوهان رجوع ڪرائي سگهو ٿا. ليڪن جيڪڏهن اوهان قائدي قانون جا رکپال قانون جي عيوض بي قانوني روش اختيار ڪندا ته رعيتي ماڻهن کي اوهان سان بي قانوني هلت هلڻ لاءِ وجهه ملندو. يعني جي تون لڪڻ هڻندين ته ساڳي طرح جهليندين. ان تي صاحب ڪاوڙجي زيردستن کي حڪم ڪيو ته هن کي ڪنهن ڪيس ۾ ڦاسائڻ گهرجي. يا رڪارڊ ٺاهي 110 قلم هيٺ رجوع ڪرائجي. 1891ع ۾ شاهه صاحب ۽ سندس نوڪرن تي پوليس طرفان خون جو ڪوڙو مقدمو مرزا قلب علي سيڪنڊ ڪلاس مئجسٽريٽ وٽ داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ ثابتي نه هئڻ ڪري کيس ڇڏيو ويو. ان تي پوليس فريادين کان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ وري ڪيس هلڻ لاءِ درخوست ڪئي. جنهن درخواست منظور ڪري وري ڪيس فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ ڪوٽڙي وٽ هلڻ لاءِ موڪليو. پوءِ جڏهن عملدارن ڏٺو ته ٻي طرح کيس نقصان پهچائي نٿا سگهن ته جنوري 1899ع ۾ ڪمشنر صاحب سنڌ کان مٿس سزا پوليس رکرائي. جنهن موجب ائڪٽ نمبر 4 سال 1890 هيٺ شاهه صاحب کي 2457 روپيا ساليانو خرچ ڀرڻو هو. حڪم ۾ سبب ڄاڻايل ڪو به نه هو. پر مخفي طرح رپورٽ ۾ ڄاڻايل هو ته سندس حد ۾ سرڪاري عملدارن جي جان سلامت نه هئي. جنهن لاءِ هڪ مثال ڏنل هو ته عزيزالله نالي جمعدار پوليس سڪرنڊ ڏانهن ويو پر گم ٿي ويو شڪ آهي ته هن کي محرابپور ڳوٺ جي نزديڪ شاهه صاحب جي ماڻهن قتل ڪيو هو. ان تي شاهه صاحب ڪمشنر صاحب جي حڪم خلاف مسٽر پتسا ۽ آسن مل وڪيلن جي معرفت سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا کي، ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ذريعي نوٽيس ڏياريو ته اهو ڪمشنر صاحب جو حڪم غير قانوني هو جو ”سزا پوليس“ ڏوهاري قبيلن تي پئجي سگهي ٿي ليڪن هڪ شخص تي پئجي نه ٿي سگهي. تنهن ڪري ان کي اٿاريو وڃي ۽ ان جو خرچ وصول نه ڪيو وڃي. جڏهن نوٽيس جو مدو گذريو ته شاهه صاحب مٿي ذڪر ڪيل وڪيلن معرفت ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ تي نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ، پوليس اٿارڻ ۽ پيسا موٽائي ملڻ لاءِ دعويٰ داخل ڪئي. دعويٰ هلندي سرڪاري وڪيل حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ ۽ پوليس اٿارڻ کي قبول ڪيو. ان تي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ سرڪار تي وصول ڪيل پئسن ۽ ڪورٽ جي خرچ لاءِ 1200 روپين جي ڊڪري ڪڍي، جي شاه صاحب کي مليا. ان ڳالهه ۾ به جڏهن ميڪئيور صاحب کي ناڪامي نصيب ٿي ته وري شاه صاحب کي ٻين ماڻهن سان گڏ مٿن سزا پوليس رکڻ لاءِ رپورٽ ڪيائين. اها خبر جڏهن شاهه صاحب کي پيئي ته هن اهڙي احوال جي درخواست مسٽر بئنرجي بينگالي وڪيل کان تيار ڪرائي بمبئي جي گورنر لارڊ وليم ڏانهن موڪلي. ان تي بمبئي سرڪار لکيو هو ته ڪيئن نه ڪورٽ جي آرڊر کي روڪي سرڪار تي ڊڪري دير سان تعميل ڪرائي ويئي. ۽ وري بدليل طريقي سان سزا پوليس وڌي وڃي ٿي. ان تي بمبئي سرڪار لکيو ته لوڪل سرڪار يعني ڪمشنر سنڌ کي پهرين درخواست ڪريو. ان جي جواب بعد اسان وٽ درخواست موڪلي سگهو ٿا. جنهن تي 1899ع ۾ وري شاه صاحب سنڌ جي ڪمشنر مسٽر جيمس کي درخواست ڪئي. جنهن جواب ڏيڻ عيوض ويتر وري سزا پوليس وجهي ڇڏي. ان تي شاهه صاحب مسٽر مٿرداس ۽ مسٽر هيرانند وڪيل معرفت گورنر بمبئي لارڊ هينري سنفورڊ ۽ لارڊ ڪرزن وائسراءِ سان لکپڙه هلائي. 8 جنوري 1900ع تي ڊسٽرڪت ماجسٽريٽ جي معرفت مٿي ڪيل درخواستن جو جواب آيو ته گورنر ۽ وائسراءِ ڪمشنر جي حڪم خلاف ڪيل اپيل کي رد ڪيو آهي. ليڪن باوجود ان جي دعوي ٰ جي ڊپ کان اها سزا پوليس اٿاري ڇڏي. 3 سيپٽمبر 1985ع هي سب آرڊينيٽ سول ڪورٽ ڪوٽڙي وٽ رستم خان چيف ڪانسٽيبل مانجهند تي هڪ هزار روپين جي دعويٰ ڪئي، جنهن ۾ سپرنڊنٽ پوليس ڪراچي کان گهر ڪيل هئي ته شاهه صاحب بابت سرڪاري رڪارڊ ۽ داخلائون کڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪري، جا دعويٰ آفيسرن جي زور تي سب آرڊنيٽ جج ڪڍي ڇڏي. ان تي وري شاهه صاحب ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ سيڪريٽري آف اسسٽنٽ فار انڊيا ان ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ سپريڊنٽ ڪراچي شاهه صاحب تي نالي ڪڍڻ ۽ رڪارڊ ڪورٽ ۾ حاضر ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي ۽ ڪورٽ کي عرض ڪيو ته رڪارڊ حاضر ڪرڻ لاءِ وارنٽ جاري ڪيا وڃن. جو پوليس عملدارن رڪارڊ کي مخفي ڄاڻائي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ کان نابري واري هئي. جڏهن ڪورٽ حڪم ڪيو ته شاهه صاحب جي درخواست تي رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. نه ته ڊسٽرڪٽ پوليس آفيس تي سرچ وارنٽ جاري ڪيا ويندا ته عملدارن مرزا قليچ بيگ معرفت شاهه صاحب سان صلح ڪري نالا رجسٽريءَ مان ڪڍايا ۽ آئينده لاءِ شاهه صاحب خلاف سازش ڪرڻ کان پري رهڻ جو واعدو ڪيو. شاه صاحب مان هندو، مسلم خوش هئا. روزانه سَوَ ها ماڻهو فيصلن ، علاج وغيره لاءِ ايندا هئا. رواجي چورين کان وٺي خونن تائين فيصلا ٿيندا هئا. ديواني معاملا به ان حد جا ڪورٽ ۾ ڪونه ويندا هئا. سڀ وٽس فيصلا ٿيندا هئا. سندس ٻه ماڻهو مقرر هوندا هئا جي غريب ماڻهن کي ڪورٽن، آفيسن، اسپتالن ۾ وڃڻ لاءِ مدد ڪندا هئا. شاهه صاحب جو اهو دستور هو ته ننڍو ٻار هجي يا وڏو غريب هجي يا شاهوڪار جيڪو وٽس ملڻ ايندو هو ان کي اٿي ڀاڪر پائي، گڏبو هو. خوش خير آفيت ڪري خبرون وٺندو هو ماني ۽ علاج مفت ۾ ڏيندو هو. سندس چوڻ هو ته مرد جي حياتي جو هڪ ڏينهن. نامرد جي سو ڏينهن کان بهتر آهي. مارجي يا شڪست کائي فريادي ٿي اچڻ کان ڪاميابي بعد مدد لاءِ اچو ته بهتر آهي. سندس لاڳاپا مخدوم صاحب هالا، ڀٽي بزرگ، هالا پراڻا، ڪوٽڙي جي مَلڪَنِ، لڪياري سيدن، ٺٽي جي سيدن ۽ مٽياري سيدن سان هئا. سندس خاص دوستي رئيس علي مردان خان لغاري، مير خان لغاري جي ڳوٺ مخدوم ظهيرالدين هالا، مخدوم عبداللطيف ڀٽي هالي، ملڪ شاهنواز خان ڪوٽڙي سيد ولي محمد شاهه سيوهڻ، رئيس شهمير خان ڪاڇي، مرزا قليچ بيگ صاحب سان هئي. پاڻ 3 رمضان 1332هه مطابق 1 نومبر 1905ع تي صبح جو روزو رکي جيئن تهجد لاءِ 3 بجي جامع مسجد ڏي وڃي رهيا هئا ته کيس مسجد جي ڀر ۾ خانداني نفاق ڪري شهيد ڪيو ويو. کيس ٻه فرزند هڪ سيد احمد شاهه جو ننڍي هوندي والد جي وفات کان هڪ مهيني بعد وفات ڪري ويو. ٻيو فرزند سيد غلام مرتضيٰ شاه (جي ايم سيد) هو.